داخلا نمبر 6071
عنوان ٽنگڙي گل بيگ
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 233 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ٽنگڙي گل بيگ

ٽنگڙي، گل بيگ: گل بيگ فقير ’ٽنگڙي‘ ٽالپرن جي ٽنگڙي پاڙي مان هو. ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي خاص ساٿين ۾ شامل هو. بلوچستان جا بروهي، لڪ کان کوسن ۽ ٻين قبيلن جي ڳوٺن ۽ وسندين تي حملا ڪري ڦرمار ڪندا هئا. گاجي شاهه ميان نصير محمد جي حڪم تي بروهين کي سيکت ڏيڻ لاءِ مٿي چڙهي ويو. گاجي شاهه سان گڏ گل بيگ ’ٽنگڙي‘ به انهيءَ معرڪي ۾ بهرو ورتو، ۽ وڙهندي شهيد ٿيو. سندس مزار گاجي شاهه جي ڏکڻ ۾ چوديواريءَ اندر عام ۽ خاص لاءِ زيارت گاهه بڻيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو