ٽيوب ويل

ٽيوب ويل

ٽيوب ويل

ٽيوب ويل: زير زمين پاڻيءَ واري پوک لاءِ استعمال ڪرڻ جو هڪڙو ذريعو کوهه تي نار چاڙهي پاڻي مٿي پهچائڻ آهي، پر ان ۾ پاڻي ٿوري انداز ۾ حاصل ٿئي ٿو. بجليءَ جي اچڻ کان پوءِ زمين ۾ برمو هڻي، بجليءَ جي موٽر ذريعي پاڻي چاڙهڻ جو ٻيو جديد ذريعو بنيو. هن ذريعي ۾ پاڻي تمام گهڻو ملي ٿو. نه فقط زرعي ضرورت لاءِ ٽيوب ويل استعمال ۾ آيو، پر پوءِ زير زمين لوڻ واري سم جي پاڻي چاڙهڻ لاءِ به ٽيوب ويل ڪم اچڻ لڳو. ٽيوب ويل انگريزيءَ جي ٻن لفظن جو مجموعو آهي: ’ٽيوب‘ معنيٰ پائپ ۽ ’ويل‘ معنيٰ کوهه. جنهن جي معنيٰ ٿي پائپ وارو کوهه .


لفظ ٽيوب ويلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو