داخلا ؛ 6325
پڙهيو ويو ؛ 395
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-04-23


تصويرون


tetam,-aedward.gif

ٽيٽم ايڊوارڊ ايل



ٽائيم لائين

1909.12.14-A.D
ماهر سائنسدان ايڊوارڊ ايل . ٽيٽم 14 ڊسمبر 1909ع ۾ ڪولوزيڊو ۾ ڄائو

1975.11.05-A.D
عظيم سائنسدان ايڊوارڊ ايل . ٽيٽم 5 نومبر 1975ع تي نيويارڪ ۾ وفات ڪري ويو




sindhianaسنڌيانا--ٽيٽم ايڊوارڊ ايل

ٽائيٽل ؛ ٽيٽم ايڊوارڊ ايل


شاخ : سائنسدان

ٽيٽم، ايڊوارڊ. ايل (Tatum, Edward.L ):ايڊوارڊ ايل. ٽيٽم (Tatum, Edward. L) کي ”ڪيميائي عملن جو جينياتي مضبوطيءَ جي تحقيقي ڪم“ جي اعتراف ۾ 1958ع ۾ نوبل -انعام- ڏنو ويو. طب ۽ فعليات جو هي ماهر سائنسدان 14 ڊسمبر 1909ع ۾ ڪولوزيڊو ۾ ڄائو. هن جو پيءُ آرٿر لاري. ٽيٽم (Arthur Lawrie, Tatum) وسڪونسن (Wiscosin) يونيورسٽي جي ميڊيڪل اسڪول ۾ فارماڪولاجي جو پروفيسر هو. ٽيٽم شڪاگو ۽ وسڪونسن يونيورسٽين مان 1931ع ۾ ڪيميا کي گريجيوئيشن ۽ مائيڪروبائلاجيءَ ۾ ايم. ايس. جي ڊگري 1932ع ۾ ۽ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري 1934ع ۾ ملي. بيڪٽريا جي تجزئي ۽ ميٽابولزم تي تحقيقي مقالو ايڊون برائون فرڊ (Edwin Braun Ferd) ۽ وليم هيرالڊ پيٽرسن (William Harold) جي نگراني ۾ مڪمل ڪيو. هو، 1937ع کان 1941ع تائين ٽينفورڊ يونيورسٽي جي شعبي حياتياتي علوم ۾ ريسرچ ايسوسي ايٽ ۽ -ان- کان پوءِ 1948ع ۾ ييل (Yale) يونيورسٽي ۾ مائيڪروبائيولاجي جو پروفيسر ۽ ٽينفورڊ يونيورسٽي ۾ حياتياتي ڪيميا ۾ پروفيسر جي حيثيت سان گهڻي تحقيقي ڪم ڪيائين، جنهن ۾ باريڪ جاندارن (Micro Organisms) ۽ ڦل مکي (Drossophila Melanogaster) جي حياتياتي ڪيميا ۽ جينيات شامل آهن.
هن کي -آمريڪا- جي ڪيميڪل سوسائٽي طرفان 1953ع ۾ ريماسن اوارڊ (Remasen Award) ڏنو ويو. ٽيٽم کي نيشنل فائونڊيشن جي مشاورتي ڪميٽي جو رڪن چونڊيو ويو. هو ڏهن سالن تائين جرنل آف بايولاجيڪل ڪيميسٽري (Journal of Biological Chemistry) جي ادارتي بورڊ ۾ شامل رهيو. طب ۽ فعليات جو هيءَ عظيم سائنسدان 5 نومبر 1975ع تي نيويارڪ ۾ وفات ڪري ويو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ٽيٽم ايڊوارڊ ايل- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٽيٽم ايڊوارڊ ايل - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سائنسدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
اقليدس
اليگزينڊر گراهم بيل
ابن سينا
ايم ايڇ پنهور
آءِ ايڇ عثماني ڊاڪٽر
آئن اسٽائن البرٽ
بوعلي سينا
ابن بيطار
البيروني ابو ريحان
ثاليس
ثناءالحق صديقي مولوي
ٽيٽم ايڊوارڊ ايل
ٿامس ايڊيسن
ٿامس هنٽ مورگن
جابر بن افلح
جابر بن حيان
جابر بن سنان حراني
جارج اسٽيفنسن


.....سائنسدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن