داخلا نمبر 6471
عنوان ٽيڪٽونڪ پليٽون
شاخ ڪائنات
پڙهيو ويو 349 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو
ٽيڪٽونڪ پليٽون

ٽيڪٽونڪ پليٽون

ٽيڪٽانڪ پليٽن جي ٽڪراءُ سبب پيدا ٿيل ڇيڄ

ٽيڪٽانڪ پليٽن جي ٽڪراءُ سبب پيدا ٿيل ڇيڄ

ٽيڪٽونڪ پليٽون

ٽيڪٽونڪ پليٽون (Tectonic Plates):ڀونءِ و گيانڪ اڀياس (Geological Study) ٻڌائي ٿو ته اٽڪل 22 ڪروڙ 50 لک سال (225 million Years) اڳ ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي هڪ يڪو مهان کنڊ (Super Continent)، ’پئنجيا‘ (Pangaea) نالي سان موجود هو. ان جي چوڦير هڪ يڪو مها سمنڊ ’پئنٿلاسا‘ (Panthalassa) نالي سان موجود هو. پئنجيا ۽ پئنٿلاسا يوناني ٻوليءَ جا لفظ آهن، ’پئنجيا‘ جي معنيٰ ’سڄي ڌرتي‘ (Pan=all+Geo=Earth) ۽ ’پئنٿلاسا‘ جي معنيٰ ’تمام مها ساگر‘ (Pan=all+ Thalassa= Ocean) آهي. 20 ڪروڙ سال اڳ اهو عظيم کنڊ- پئنجيا، ٽيٿائس سمنڊ (Tethys Sea) ذريعي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. ’پئنجيا‘ ڌرتيءَ جي وچئين دور (Mesozoic Era) ۾ ٽٽڻ شروع ٿيو، اُتر اڌولي (Northern Hemisphere) وارو حصو لائريشيئا (Laurasia) ۽ ڏکڻ اڌولي (Southern Hemisphere) وارو ڀاڱو گونڊوانالينڊ (Gondwanaland) بڻجي ويو. ’لائريشا‘ ايراضيءَ جي حساب سان’گونڊوانا لينڊ‘ کان گهڻو وڏو هو، تقسيم جي انهي سلسلي جي ڪري 6 ڪروڙ 50 لک سال اڳ ۾ گونڊوانا لينڊ مان آفريڪا (Africa) ڏکڻ امريڪا (South America)، آسٽريليا (Australia) ائنٽارڪٽيڪا (Antarctica) کنڊ وڃي جڙيا. جڏهن ته لائريشيا کنڊ وري اُتر آمريڪا، گرين لينڊ، يورپ ۽ ايشيا جي صورت ۾ الڳ الڳ نروار ٿيا. انهن جي وچ ۾ ڪيترائي سمنڊ (Seas) ۽ مهاساگر (Oceans) پيدا ٿيا. 6 ڪروڙ سال اڳ تائين مهان کنڊ مان 24 تاسريون (Plates) وڃي جڙيون، جن مان اڌ وڏيون ’جڙيل تاسريون‘ (Major Tectonics Plates) ۽ اڌ ننڍيون ’جڙيل تاسريون‘ (Minor Tectonics Plates) آهن. انهن ۾ آفريڪي پليٽ (African Plate)، يوريشيئن پليٽ (Eurasian Plate)، سانتيڪي پليٽ (Pacific Plate)، اتر امريڪي پليٽ (North American Plate)، ڏکڻ آمريڪي پليٽ (Southern American Plate)، ائنٽارڪٽيڪا پليٽ (Antarctica Plate)، مڊگاسڪر پليٽ (Madagascar Plate)، ملائشيئن پليٽ (Malaysian Plate)، اوڀر انڊيز پليٽ (East Indies Plate)، آسٽريليئن پليٽ (Australian Plate)، انڊين پليٽ (Indian Plate)، جيان دي فيوڪا پليٽ (Juan de fuca Plate)، فلپائني پليٽ (Philippine Plate)، ڪوڪس پليٽ(Cocus Plate) ، نازڪا پليٽ(Nazca Plate) ، ڪئريبيئن پليٽ (Caribbian Plate)، عربيئن پليٽ (Arabian Plate)، سوماليئن پليٽ(Somalian Plate)، اسڪوشيئا پليٽ (Sckotia Plate) ، بسمارڪ پليٽ (Bismark Plate)، ڪئرولينا پليٽ (Carolina Plate)، ائناتوليئن پليٽ (Anatolian Plate)، چائنا پليٽ (China Plate)، فِجي پليٽ (Fiji Plate) ۽ ٻيون ننڍيون پليٽون شامل آهن.
انهن پليٽن مان ڌرتيءَ جي مُک تي ڪيترائي الڳ الڳ کنڊ جڙي نروار ٿيا، جن ۾ ايشيا کنڊ، آفريڪا کنڊ، يورپ کنڊ، اُتر آمريڪي کنڊ، ائنٽارڪئٽڪا کنڊ، آرڪٽڪ کنڊ ۽ آسٽريليا کنڊ ذڪر جوڳا آهن. جڏهن ته مهان کنڊ جي چوڦير، يڪي پاڻيءَ واري قديم مها سمنڊ ’پئنٿلاسا‘ جي جڳهه، شروعات ۾ ٽيٿائس سمنڊ (Tethys Sea) والاري ۽ پوءِ ان جي جڳهه تي ڪيترائي نوان سمنڊ ۽ مهاساگر پيدا ٿي چڪا آهن، جيڪي سمورن کنڊن جي آس پاس موجود آهن، جهڙوڪ: اُتر ڀونوچ سمنڊ (North Mediterranean Sea) ، ڏکڻ ڀونوچ سمنڊ (South Mediterranean Sea)، ڪيسپيئن سمنڊ (Caspian Sea)، جاپاني سمنڊ (Sea of Japan)، اوخوٽسڪ سمنڊ (Sea of Okhotsk)، اوڀر سائبريئن سمنڊ (East Siberian Sea)، ليپٽيوِ سمنڊ (Lapteve Sea)، ڪارا سمنڊ (Kara Sea)، بيرينٽس سمنڊ (Barents Sea)، نارويئن سمند (Norwegian Sea)، جاوا سمند (Java Sea)، سيوو سمنڊ (Savu Sea)، بانڊا سمنڊ (Banda Sea)، ٽيمور سمنڊ (Timor Sea)، فلورس سمنڊ (Flores Sea)، بيلنگسيوشين سمنڊ (Bellingshausen Sea)، اَمنڊِسين سمنڊ (Amundsen Sea)، ارافيورا سمنڊ (Arafura Sea)، سيرام سمنڊ (Ceram Sea)، ملاڪا سمنڊ (Molaca Sea)، سُولُو سمنڊ (Sulu Sea)، ازور سمنڊ (Sea of Azor)، ڪئنڊيا سمنڊ (Sea of Candia)، سيلبيس سمنڊ (Celebes Sea)، ايجيئن سمنڊ (Aegean Sea)، ليگيوريئن سمنڊ (Ligurian Sea)، بئليئرڪ سمنڊ (Balearic Sea)، ٽرهيئن سمنڊ (Tyrrhian Sea)، انڊامان سمنڊ (Andaman Sea)، گرين لئنڊ سمنڊ (Greenland Sea)، چُڪچي سمنڊ (Chukchi Sea)، تسمان سمنڊ (Tasman Sea)، وڊئل سمنڊ (Weddell Sea)، ڪورل سمنڊ (Coral Sea)، ڪارو سمنڊ (Black Sea)، ڳاڙهو سمنڊ (Red Sea)، اوڀر چيني سمنڊ (East China Sea)، ڏکڻ چيني سمنڊ (South China Sea)، ڪئريبيئن سمنڊ (Caribbian Sea)، بيرنگ سمنڊ (Bering Sea)، ميڪسيڪو نار وارو سمنڊ (Gulf of Mexico Sea)، بئلٽڪ سمنڊ (Beltic Sea)، ايڊرياٽڪ سمنڊ (Adriatic Sea)، اڇو سمنڊ (White Sea)، مئل سمنڊ (Dead Sea)، زرد سمنڊ (Yello Sea)، بيو فورٽ سمنڊ (Beaufort Sea)، ۽ عربي سمنڊ (Arabian Sea) ۽ مهاساگرن ۾ ائنٽارڪٽيڪا مهاساگر (Antarctica Ocean)، ائٽلانٽڪ مهاساگر (Atlantic Ocean)، سانتيڪو/پئسفڪ مهاساگر (Pacific Ocean)، هندي مهاساگر (Indian Ocean) آرڪٽڪ مهاساگر (Arctic Ocean) شڪل ۾ موجود آهن. انهيءَ ’کنڊائتي ٽوڙ‘ (Continental Drift) جو تصور (Concept) تمام پراڻو آهي، انهيءَ ٽوڙ سبب مُندن ۾ به تبديلي آئي، پر کنڊن جي زميني شڪل صورت، اوڀڙ ۽ جيوِ جنتر ۾ پنهنجي اصلوڪن ڀاڱن وارا ڳُڻ ۽ لڇڻ ساڳيا رهيا. شروعات ۾ ابراهام آرٽيلئس (Abraham Ortelius) (98-1527) آفريڪا جي اولهائين سامونڊي ڪناري (Western Coastline) ۽ ڏکڻ آمريڪا جي اوڀارئين سامونڊي ڪناري (Eastern Coastline) ۾ زبردست هڪجهڙائپ جو ذڪر ڪيو ۽ هن کان پوءِ 1620ع ۾ مشهور انگريز فلاسافر سرفرانسز بيڪن (Sir Francis Bacon) انهن کنڊن ۾ وڌيڪ بنيادي هڪجهڙايون ڳولهي لڌيون پر هن اهو نه ٻڌايو ته ”اهي کنڊ ”ڌرتيءَ جي ٻئي دور“ (Palaeozoic Era) 20 ڪروڙ 50 لک سال اڳ واري، قديم ۽ اوائلي وڻن جي پيدائش واري زماني (Permian Period) کان وٺي ”ڌرتيءَ جي وچئين دور“ (Mesozoic Era) 6 ڪروڙ 50 لک سال اڳ، گلن واري وڻن، اڏامندڙ پکين جي پيدائش ۽ ڊائناسور جي انت واري زماني (Cretaceous Period) تائين هڪ ٻئي کان ڇڄي ڌار ٿيا هئا“، اڳتي هلي وڌيڪ عالمن ان جي ثابتي ۾، تمام کنڊن جي صورت ۽ شڪل (Shape of Continents)، ٽاڪرو ساخت ۽ عمر (Age of Rock and Structure)، ’کنڊن جي حرڪت جي ماپ‘ (Measurement of Continental Movements) ۽ ’پليٽن جي جوڙ ۽ ٽوڙ واري علم‘ (Paleomagnetism) مان ملي. ان کان علاوه انهن کنڊن مان مليل پنڊ پهڻ (Fossils) ٿيل ٻوٽن (Plants) کان وٺي ’سُرڻن جيون‘ (Reptiles) ۾ حيرت ناڪ حد تائين ساڳيائپ (Homogeneity) ڏسڻ ۾ آئي. اصل ۾ سائنسدانن جي اهڙي اڀياس جي آڌار تي ئي کنڊائتي ٽوڙ وارو نظريو (Theory of Continental Drift) جڙيو، اهو نظريو سال 1912ع ۾ هڪ جرمن ”مُندن ۽ کڙندڙ تارن جي ماهر“ (Meteorologist) ۽ طبعي جاگرافي جي ماهر (Geophysicist) الفريد لوٿر ويگنر (Alfred Lothar Wegener) پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”کنڊن ۽ مهاساگرن جي اصليت“ (Origion of Continents and Oceans) ۾ ڏنو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ”کنڊائتي ٽوڙ“ ٻن ڏِسائن ڏانهن ٿي، هڪ، اڌوڪ ڏانهن (Towards the Equator) ۽ ٻي اولهه ڏانهن (Towards West)، انهيءَ ”اڌوڪي ٽوڙ (Equatorward Drift) جي ڪري آفريڪا ۽ يوريشيا ڌڪبا وڃي هڪ ٻئي کي ويجهو ٿيا ۽ ٽيٿائس سمنڊ ٻنهي جي لپيٽ ۾ اچي ويو. ان جي نتيجي ۾ الپس (Alps)، الٽيز (Altais)، ٽيان شن (Tien Shan)، زوگورز (Zogors)، هندوڪش (Hindukush) ۽ هماليا (Himalaya) وارا جابلو سلسلا وجود ۾ آيا.
هن جي راءِ موجب ”اولهه ڏانهن حرڪت“ (Westward Movement) چنڊ جي ويرائتي سگهه (Tidal Force of Moon) ۽ سج جي ڪري ممڪن ٿي، ’اولهه ڏانهن ٽوڙ‘ (Westward Drift) جي سبب اتر آمريڪا، يورپ کان ۽ ڏکڻ آمريڪا، آفريقا کان ٽُٽي جُدا ٿيا ۽ ائٽلانٽڪ ساگر (Atlantic Ocean) وجود ۾ آيو، ان ريت هن ’کنڊائتي ٽوڙ‘ واري موضوع تي پنهنجي ڪتاب ۾ تفصيلي بحث ڪيو آهي. پر هو پليٽن جي انهيءَ حرڪت (Movement) جي پوريءَ ريت وضاحت نه ڪري سگهيو، جڏهن ته ان کان پوءِ وارن ”ڀونءِ وگيانين“ (Geologists) ٻڌايو ته ”زمين جو ٻاهريون سخت تهه (Lithosphere) ننڍن حصن ۾ تقسيم ٿيل آهي، جن کي تاسريون/ پليٽون (plates) چيو وڃي ٿو، اهي پليٽون 100 کان 150 ڪلوميٽر ٿولهه رکندڙ آهن ۽ ڌرتيءَ جي ٻئي نرم تهه (Asthenosphere) مٿان تري رهيون آهن. اتي زميني تاپ (Temperature) ۽ داٻ (Presure) جي ڦير گهير (Variation) جي ڪري هڪ قسم جي برقي وهڪ (Thermal Convectional Current) پيدا ٿيندي آهي جنهن جي ڪري اهي پليٽون حرڪت ڪنديون آهن.
ٽيڪٽونڪ پليٽن (جُڙيل تاسرين(Tectonic Plates= جو اصطلاح (Term) سڀني کان پهرين تزو ولسن (Tuzo Wilson) سال 1965ع ۾ ٽورنٽو يونيورسٽي (University of Toronto) ۾ استعمال ڪيو، اڳتي هلي 1967ع ۾ ٽيڪٽونڪ پليٽن جو نظريو (Theory of Plate Tectonics) ڊبليو . جي مارگن (W.J Margan) پرنسٽن يونيورسٽي (Princeton University) پاران ڪتابي شڪل ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. اهو نظريو ”سامونڊڪي تري جو ڦهلاءُ“ (Sea Floor Spreading) واري تصور (Concept) تي آڌاريل آهي. اهو خيال 1960ع ۾ هيري. ايڇ، هيس (Herry H. Hess) پنهنجي دوست، رابرٽ. ايس ڊئٽز (Robert S. Dietz) سان گڏجي پيش ڪيو ۽ ان موضوع تي ميٿيوز (Mathews) ۽ وائن (Vine) وڌيڪ وضاحتي ڪم ڪري پڪو ۽ پختو ڪيو. ان ۾ ”بي قاعده ليڪائين مقناطيسيت“ (Linear Magentic Anomalies) جو اڀياس ڪيو ويو آهي. ”سامونڊڪي تري جو ڦهلاءُ“ وارو تصور هڪ ’ڀانيو‘ (Hypothesis) آهي ۽ ’کنڊائتي ٽوڙ واري نظرئي‘ (Theory of Continental Drift) ۾ هڪ نئين واڌاري (Development) طور ”ڀون وگيانين“ وٽ تسليم ڪيو ويو، اڳتي واري مطالعي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سامونڊڪي تري جي خدوخال ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل جابلو قطارن جي زنجير آهي جيڪا 6400 ڪلوميٽر ڊگهي ۽ 1000 ڪلوميٽر ويڪر واري آهي. ”سامونڊڪي تري جو ڦهلاءُ“ سال ۾ هڪ کان ٻه انچ (1-2 Inches) ٿئي ٿو ۽ تري واري ’ڀون ڪڙي‘ (Crust) 20 ڪروڙ سال کان پراڻي ناهي ۽ اها لاڳيتو نئين ٿيندي رهي ٿي.
ڀون وگيان موجب اِهي پليٽون ڄميل ۽ بيٺل ((Stationary ناهن، بلڪه متحرڪ (Dynamic) آهن. هر ڪا پليٽ پنهنجي رفتار ۽ حساب سان حرڪت ۾ آهي، انهن پليٽن جا ڪنارا متحرڪ جڳهن (Dynamic Places) تي پاڻ ۾ چٽيءَ ريت مليل آهن. اهي ئي ڪنارا ڀونچالن (Earthquakes) ۽ آتشفشاني چُرپر (Volcanoes Activity) واري اصلي ۽ بنيادي جڳهه (Primary Location) آهن. هڪ اڀياس مطابق، سانتيڪي ساگر جي تري (Pacific Basin) ۾ تتي ڳار (Magma) وارو هڪ باهه جو گولو (Ring of Fire) ڦري رهيو آهي، جيڪو آتشفشاني چرپر (Volcanoes Activity) جو سبب بڻجي ٿو. پئسفڪ جي تري جي چوڌاري ڪناري وارا آتشفشاني لقاءَ (Volcanic Phenomenon) انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪن ٿا. ان جو اصل ڪارڻ ٻن هم مرڪز پليٽن (Divergent Plates) جو ٽڪراءُ آهي، هڪ پليٽ جا ڪنارا، ٻي پليٽ جي ڪنارن وٽان مهاساگر جي اونهين کاهين (Trenches) جي اندرئين پاسي 45 ڊگريءَ تي لهي وڃن ٿا. گهرائيءَ ۾ لٿل ڪنارن (Subduction edge) جي اُڇل (Thrust) سان رجائو وارو عمل پيدا ٿئي ٿو ۽ تتو ڳار (Magma)، تتي ريج(Lava) جي شڪل ۾ مٿيئن ڀون ماس (Upper Mantle) منجهاران، ڀون ڪڙي (Crust) کي ٽوڙي ٻاهر نڪرندو رهي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته ڌرتيءَ تي وڌ کان وڌ آتشفشاني حرڪت (Volcanoes Movement) انهيءَ سانتيڪي ساگر جي ڪٺار (Pacific Rim) تي تمام گهڻي نظر اچي ٿي. ڀون وگيانڪ اڀياس (Geological Study) ۾ ان عمل جو جواز ”پليٽن جا تخريبي ڪنارا“ (Destructive Plate Margin) ٻڌايو ويو آهي. سانتيڪي ساگر جي ڪنارن وارن ملڪن ۾ آيل سوناميون، ڀونچال ۽ تهدار جبلن (Folded Mountains) ۽ آتشفشاني جبلن (Volcanic Mountains) جو جُڙڻ ۽ مهاساگري تتيارن (Oceanic Hot Spots) جي آتشفشاني حرڪت، انهيءَ هم مرڪز پليٽن جي قدرتي لقاءَ جا ثبوت آهن. جڏهن ته ٻئيءَ قسم جي ”تشڪيلي پليٽن جي حرڪت“ ۾ (Movement of Transform Plates) ۾ ”تشڪيلي پليٽن جا ڪنارا“ (Boundaries of Transforms Plate) بنا ڪنهن فائدي ۽ نقصان جي هڪ ٻئي جي ڀرسان ترڪي (Slip) لنگهن ٿا، ان عمل سان ڀونچال اچي سگهن ٿا، پر ڪو به آتشفشاني لقاءَ ڪو نه ٿيندو. اهڙي ميلاپ وارو مثال اُتر آمريڪي پليٽ ۽ سانتيڪي پليٽ آهن. ٽين قسم واري ’پکڙندڙ پليٽ‘ (Divergent Plate) جيڪي هڪ ٻئي کان پري ٿيندڙ عمل ڪنديون آهن هنن جا تعميري ڪنارا (Constructive Plate Margin) آهن، انهن جي پکڙندڙ عمل سان سمنڊن ۽ ساگرن جو ترو نئون ٿيندو رهي ٿو، اهڙي لقائن جا مثال، گرم پاڻيءَ جا چشما (Geysers)، اوڀر آفريقا جي وادي، وچ ائٽلانٽڪ جو ڪڙيو (Mid Atlantic Oceanic Ridge) ڳاڙهو سمنڊ ۽ مئل سمنڊ آهن.
ڀونءِ وگيانڪ اڀياس (Geological Study) موجب اٽڪل ساڍا پنج ڪروڙ سال اڳ آسٽريليا ۽ ائنٽارڪيٽڪا وٽان انڊين پليٽ (Indian Plate) اُتر ڏانهن 1 سينٽر ميٽر سال جي رفتار سان چُرڻ لڳي، سُرڻ جي اها رفتار ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وڌ به ٿيندي رهي. اٽڪل ساڍا چار ڪروڙ سال اڳ ’انڊو-يوريشيئا ٽڪراءُ‘(Indian-Eurasian Collision) ٿيو، انهيءَ ٽڪراءَ جي نتيجي ۾ هماليائي جابلو سلسلو (Himalayan Mountain Range) وجود ۾ آيو، اهو هماليه جبل اڄ ڏينهن سوڌو هر سال هڪ سينٽي ميٽر اونچو ۽ اُڀو ٿي رهيو آهي. ٻئي پاسي سانتيڪو مهاساگر (Pacific Ocean) ننڍو ٿي رهيو آهي ۽ ائٽلانٽڪ مهاساگر (Atlantic Ocean) وڏو ٿي رهيو آهي. هماليائي جابلو سلسلي جي ڪري بارفا/ گليشيئر (Glacier) وجود ۾ آيا ۽ هماليا جي دامن منجهاران ’سنڌوءَ جو پيٽ‘ (Indus Basin) ۽ ’سنڌو-گنگا درياهن جي ترائي‘ (Indus-Ganga Depression) وارو علائقو ٺهي راس ٿيو. سنڌو ۽ گنگا واري درياهي سلسلي سان گڏ ٻيا انيڪ درياهه، جهڙوڪ: سرسوتي، هاڪڙو، چتانگ وغيره به وجود ۾ آيا، جن جي پاڻيءَ جي پالوٽ سان سنڌو ۽ گنگا، جمنا جي ماٿرين ۾ ساوڪ ۽ ساواڻ جي خوشحالي جنم ورتو ۽ اٽڪل هڪ لک سالن کان پنجاهه هزار سال اڳ تائين ڀونچي لوڪن هن وادي کي آباد ڪيو، ان ريت دنيا جي قديم ۽ سڀ کان پهرين عظيم تهذيب سنڌوءَ ڪناري پيدا ٿي، جنهن جو هن ڌرتيءَ تي اوج ۽ عروج 500 سال (2300-1800 ق.م) قائم رهيو ۽ سنڌو تهذيب جي اجاڙ واري پوئين ۽ ان کان پوءِ واري دور (Post & late Urban Phase) ۾ سنڌو ۽ پئشاچي لوڪن جي ميل جول سان گنگا- جمني تهذيب پيدا ٿي، جيڪا پڻ سنڌو تهذيب جو هڪ نئون انوکو روپ ۽ تسلسل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

ڪائنات - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باب السماءِ
ٻاٽ (اوندهه)
ايشيا
آسمان
تصوف
تخليق
ٽيڪٽونڪ پليٽون
ٽين دنيا
ڪائنات ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون