داخلا نمبر 5900
عنوان ٽکڙائي سيد محمد شاهه سعيد
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 248 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ٽکڙائي سيد محمد شاهه سعيد

ٽکڙائي، سيد محمد شاهه ”سعيد“: سيد محمد عالم شاهه ”عالم“ جو ڀائٽيو ۽ سيد ويڌل شاهه جو فرزند محمد سعيد شاهه ”سعيد“ 1 سيپٽمبر 1918ع ۾ موجوده ٽکڙ ۾ تولد ٿيو. فائنل سنڌي اسڪول ٽکڙ مان پاس ڪري جلد ئي ماستر ٿيو جتي پنهنجي قوم جي ٻارن کي تعليم ڏيڻ سان گڏ و گڏ ترقي ۽ ڪمال حاصل ڪرڻ جي تلقين به ڏيندو رهندو هو. ڪلاس ۾ پاڻ روزانو ڪنهن نه ڪنهن مسلم مجاهد جو تذڪرو ڪندو هو. مصطفيٰ ڪمال پاشا سان سندس خاص عقيدت هئي. جڏهن ڪمال پاشا وفات ڪئي، تڏهن سعيد صاحب سندس غم ۾ ٻارن جيان زار زار روئڻ لڳو. سعيد صاحب آزاديءَ جي هر ڪنهن تحريڪ ۾ نمايان بهرو وٺندو هو. جڏهن خاڪسار تحريڪ جو سنڌ ۾ زور هو، تڏهن هن شخص ٽکڙ ۾ خاڪساريءَ جو پرچار ڪيو. سندس ولوله انگيز تقريرون ڳوٺ جي هر مسلمان جي دل ۾ جذبه آزادي بيدار ڪيو ۽ خاڪسارن جي هڪ بٽئلين تيار ٿي پئي، جنهن جو سالار اعليٰ پاڻ هو. وري جڏهن مسلم ليگ ساڳيو مقصد کڻي اٿي تڏهن به سعيد صاحب ان ۾ اهو ساڳيو حصو ورتو، جيڪو خاڪسار تحريڪ ۾ ورتو هئائين.
ڳوٺ ۾ عيدن جي موقعن تي جلسا ڪرڻ، جلوس ڪڍڻ، تعمير ڪيل مسجدن کي سينگارڻ ۽ ضعيف مسجدن کي از سر نو تعمير ڪرڻ سندس خاص شغل هوندو هو. شاعريءَ جو شوق ننڍپڻ کان هوس. انهيءَ اشتياق کي علمي جامي پهرائڻ لاءِ استاد الشعراء بسمل مرحوم جو شاگرد ٿيو، جنهن وٽان جھجھو فيض پرايائين. سندس غزلن ۽ ڪافين کي سندس هڪ شاگرد، دوسو مڱڻهار، چڱي شهرت ڏني آهي. دوسو پيشه ور ڳائڻو آهي. جتي محفل ڄميس اتي سعيد جو ڪلام ضرور ڳائيندو. شاهه صاحب خود به هڪ سريلو ڳائڻو آهي. سندس ڪلام ۾ چڱو سوز ۽ اثر آهي. ڪجهه وقت کان هر شوق کان منهن موڙي ڇڏيو اٿس. الله ڪري ته وري نئين جذبي سان اٿي ۽ علم و ادب جي خدمت ڪري.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1918.09.01  عيسوي

محمد سعيد شاهه ” سعيد “ 1 سيپٽمبر 1918ع ۾ موجوده ٽکڙ ۾ تولد ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون