داخلا ؛ 5905
پڙهيو ويو ؛ 381
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-03-27


تصويرون




ٽائيم لائين

1898.00.00-A.D
سيد حاجي ميران محمد شاهه 1898ع ۾ موجوده ٽکڙ ۾ پيدا ٿيو




sindhianaسنڌيانا--ٽکڙائي سيد ميران محمد شاهه مير مهجور

ٽائيٽل ؛ ٽکڙائي سيد ميران محمد شاهه مير مهجور


شاخ : شخصيت

ٽکڙائي، سيد ميران محمد شاهه ”مير“، ”مهجور“: سيد حافظ حاجي حڪيم ميران محمد شاهه جو پوٽو ۽ سيد حاجي زين العابدين شاهه جو وڏو فرزند، سيد حاجي ميران محمد شاهه ”مير“، ”مهجور“، 1898ع ۾ موجوده -ٽکڙ- ۾ پيدا ٿيو. پاڻ ابتدائي تعليم، علامه حافظ محمد يوسف ۽ حافظ محمد هارون وٽ حاصل ڪئي اٿس. -تن- ڏينهن ۾ -ٽکڙ- ۾ لوڪل بورڊ ورنيڪيولر اسڪول قائم ٿيو هو. جتان شاهه صاحب 4 درجا سنڌي پاس ڪري، 1910ع ۾، اعليٰ -تعليم- لاءِ ”سنڌ مدرسة -الاسلام- ڪراچي“ ۾ داخل ٿيو، اتان 1917ع مئٽرڪ پاس ڪري، ”ڊي. جي. ڪاليج ڪراچي“ مان، بي.اي جو امتحان پاس ڪيائين، 1924ع ۾ ايل. ايل. بي پاس ڪري، حيدرآباد جي مشهور وڪيل، سنتداس سان ڀائيوار ٿي، وڪالت ۾ مهارت حاصل ڪيائون. شاهه صاحب جي ذهن رسا ۽ لڪل خداداد قابليت جو اندازو، سندس مدبر ناني، مرحوم عبدالحڪيم شاهه، سندس ٻاراڻيءَ وهيءَ ۾ ئي پروڙي ورتو هو ۽ 1926ع ۾ جڏهن حيدرآباد ميونسپل اليڪشنون ٿيون، تڏهن عبدالحڪيم شاهه صاحب جي ڪوشش سان ميران محمد شاهه ڪهنه مشق اميدوارن کي پٺتي ڇڏي، پهريون نمبر آيو. سياست جي ميدان ۾ سندس هي پهريون قدم هو ۽ پهرين شانائتي ڪاميابي هئي. ساڳئي سال کيس، اسڪول بورڊ جو چيئرمين چونڊيو ويو. 1928ع ۾ عبدالحڪيم شاهه کيس، ”بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل“ لاءِ اميدوار بيهاريو، جنهن ۾ ڪامياب ٿيو. ساڳئي سال ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ حيدرآباد جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ کيس حيدرآباد لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. وري 1930ع ۾ ٻيو دفعو -بمبئي- ڪائونسل جو ميمبر ٿيو، -جتي- سنڌ کي الڳ صوبي بنائڻ لاءِ نهايت اهم پارٽ ادا ڪيائين. سنڌ کي، -جن- سببن ڪري، سنڌي اڳواڻن -بمبئي- کان جدا ڪرڻ گھريو ٿي، انهيءَ جو مفصل رپورٽ شاهه صاحب جو ئي لکيل آهي. 1931ع ۾ ”فيلو آف بامبئي يونيورسٽي“ ٿيو. 1936ع ۾ سنڌ -بمبئي- کان جدا ٿي ۽ 1937ع ۾ سنڌ جي اليڪشن ۾، حيدرآباد تعلقي ۽ شهر مان باوجود سخت مخالفت جي نهايت شاندار ڪاميابي حاصل ٿيس. 1938ع ۾ سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جي اسپيڪر، ڀوڄسنگهه، جي هن دنيا مان سڌارڻ جي ڪري شاهه صاحب کي سندس جاءِ تي اسپيڪر چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي ڏهه سال فائز رهيو. 1946ع ۾ اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ ۽ مخالف ڌر جا ميمبر هڪ جيترا ٿي ويا ۽ ليگ جي شڪست يقيني پئي نظر آئي. انهيءَ نازڪ وقت ۾ شاهه صاحب بنا ڪنهن لالچ جي پنهنجي عهدي کي ڦٽو ڪري، ليگ کي ووٽ ڏنو ۽ مسلم ليگ شڪست کان -بچي- ويئي. سال 1947ع جي شروع ۾، -پاڪستان- کان 8 مهينا اڳ شاهه صاحب وري حيدرآباد تعلقي ۽ شهر مان بنا مقابلي، سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ جلد ئي روينيو وزير ٿيو. پوءِ وزارت ۾ ڇهه دفعا تبديليون آيون، مگر شاهه صاحب جي لياقت کي ڏسي کيس سڀ ڪنهن وزارت ۾ کنيو ويو. پڇاڙيءَ ۾ پاڻ پي. ڊبليو. ڊي ۽ مهاجر آبادڪاريءَ جو وزير هو. 1952ع ۾ سنڌي ليڊرن جي سياسي ڪشمڪش ڪري، سنڌ سان 92 الف فقرو لڳايو ويو ۽ -اسيمبلي- غير معين مدت تائين -ٽوڙي- ويئي. پر انهيءَ فقري لڳڻ کان اڳ شاهه صاحب وزيريءَ -تان- استعيفا ڏيئي ڇڏي هئي. -پاڪستان- گورنمينٽ سندس جھوني تجربي کي مدِ نظر رکندي کيس -اسپين- ۾ سفير ڪري موڪليو، -جتي- -ٿوري- ئي عرصي ۾ چڱي شهرت حاصل ڪيائين. سندس عالي دماغ جي اها ثابتي آهي، جو -ٿوري- ئي عرصي ۾ اسپيني -ٻولي- ايتري قدر سکي ويو، جو مجمع عام اڳيان هڪ دفعو اسپيني زبان ۾ تقرير به ڪيائين. -پاڪستان- گورنمينٽ ڪن سبب ڪري، -اسپين- ۽ ڪن ٻين سفارتخانن کي -بند- ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ شاهه صاحب سفارت -تان- استعيفا ڏيئي واپس -اپريل- 1953ع ۾ -پاڪستان- موٽي آيو.
ان کان پوءِ شاهه صاحب کي ”ڪراچي امپروومينٽ ٽرسٽ“ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، -جتي- ڪراچي کي هڪ عاليشان شهر بنائڻ لاءِ سندس خدمتون قابلِ قدر آهن. سندس گھڻين ننڍين وڏين قومي خدمتن مان ”مدرسة البنات“ حيدرآباد قابلِ ذڪر آهي. انهيءَ مدرسي جو وجود شاهه صاحب جي محنت جو نتيجو آهي. جنهن جي قائم ٿيڻ ڪري، مسلمانن جي ڇوڪرين کي حيدرآباد ۾ -تعليم- جي پهرين سهوليت ملي. انهيءَ ڪم ۾ سندس مددگارن مان خان -بهادر- محمد صديق ميمڻ جو نالو قابل ذڪر آهي. ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“، جنهن ڪيترا ادبي شهه پارا منظرِ تي آندا، تنهن جو روح روان به شاهه صاحب هو. ڀٽائيءَ جي ميلي جي -تاريخ- جو اهو سونو ورق آهي، جو ميران محمد شاهه جي ئي ڪوشش ڪري، ميلي جي وقت اتي ادبي ڪانفرنسون ٿين ٿيون ۽ سنڌ جا وڏا وڏا اديب ۽ سريلا ڳائڻا، -جن- مان گھڻن شاهه ڀٽائي رحه جو ڪلام ته پڙهيو ۽ ڳايو هو، مگر ڀٽ اکين سان نه ڏٺي هئائون، سي به اچيو ڀٽ ڀيڙا ٿين ٿا. شاهه صاحب -تعليم- کان پوءِ پنهنجي زندگي جو سمورو عرصو سياست ۾ گذاريو. مگر ايڏين مصروفيتن هوندي به سنڌي علم و ادب کي نه وساريائين. ننڍپڻ کان قلم هٿ ۾ کنيو اٿس. جيتوڻيڪ سندس -تصنيف- ڪيل ڪوبه ڪتاب ڇپيل ڪونهي، تڏهن به مختلف عنوانن تي سندس متعدد مضمون اخبارن، رسالن ۽ مجموعن ۾ شايع ٿيل موجود آهن. سندس انٽر آرٽس جي زماني وارو مضمون ”گنجي -جبل- جو سير“ ڪهڙي سنڌيءَ نه پڙهيو هوندو. -ان- مضمون مان سندس قابليت جو پورو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. سندس ٻيو مضمون ”دل جي طلب“ به سنڌيءَ ادب ۾ چڱو درجو رکي ٿو. ڀٽ جي ڪانفرنس تي، 1953ع ۾ سندس پڙهيل مضمون ”شاهه جو اٺ“ ۽ ”شاهه جا پکي“ عاليشان مضمون آهن. ”پلن جو شڪار“ ۽ ماهنامي ”نئين زندگي“ ۾ ڇپيل مضمون ”سير الحمراء“ وغيره به اعليٰ معيار جا مضمون آهن. شعر و شاعريءَ جو ننڍپڻ کان ئي وٺي شوق هوندو هئس. پاڻ انهيءَ دور ۾ پرورش پاتي اٿس، جڏهن -ٽکڙ- ۾ شاعريءَ جو چرچو عام هوندو هو. گھر ۾ علامه ”فدا“ ۽ حافظ شاهه سندس -استاد- هئا. استادن جي صحبت ۾ رهي ڪافيون، غزل ۽ نظم تمام سهڻي ۽ سليس سنڌيءَ ۾ چيا اٿس. سندس ڪلام تجنيس حرفيءَ، دلڪش زبان ۽ چست محاورن سان مرصع آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ٽکڙائي سيد ميران محمد شاهه مير مهجور- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٽکڙائي سيد ميران محمد شاهه مير مهجور - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن