داخلا ؛ 5913
پڙهيو ويو ؛ 303
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-03-27


تصويرون




ٽائيم لائين

1915.00.00-A.D
محمد ابراهيم جان خليل رمضان المبارڪ 1334هه/ 1915ع ۾ ڄائو




sindhianaسنڌيانا--ٽکڙائي محمد ابراهيم جان خليل

ٽائيٽل ؛ ٽکڙائي محمد ابراهيم جان خليل


شاخ : شخصيت

ٽکڙائي، محمد ابراهيم جان ”خليل“: حضرت -آقا- محمد حسين جان سرهنديءَ جو پوٽو، حضرت خواجه محمد حسن جان جو ڏهٽو ۽ -آقا- محمد اسماعيل جان ”روشن“ جو ٻيو نمبر فرزند محمد ابراهيم جان ”خليل“ رمضان المبارڪ 1334هه/ 1915ع ۾ ڄائو. ننڍپڻ ۾ پنهنجي والد ۽ ڏاڏي کان عربي، پارسي، سنڌي ۽ فقه ۾ چڱي -تعليم- حاصل ڪيائين. سنڌي چوٿين درجي کان پوءِ ”سنڌ مدرسة الاسلام“ ڪراچيءَ ۾ -انگريزي- پڙهڻ لاءِ داخل ٿيو. سندس ذهانت ۽ علم لاءِ شوق کيس ايتري فوقيت ڏني هئي جو اتي ڪيترا مئٽرڪ جا شاگرد کانئس عربي ۽ پارسيءَ جي ڏکين لفظن جي معنيٰ پڇندا هئا. انهيءَ زماني ۾ -انگريزي- -تعليم- علمائي ڪرام ۽ مشائخين عظام کي ڏکي لڳندي هئي ۽ پنهنجي اولاد کي -انگريزي- پڙهائڻ کان عار لڳندو هو. -آغا- حسين جان ۽ -آغا- اسماعيل جان، علماءِ ڪرام جي پيروي ڪندي، صاحبزادن کان -انگريزي- -تعليم- -ترڪ- ڪرائي ڳوٺ وٺي آيس، مگر هن علم جي طالب کي اها ڳالهه ڏکي لڳي ۽ جلد ئي سنڌ کي الوداع ڪري، ”طيبه ڪاليج دهلي“ داخل ٿيو، جتان چند سالن بعد سند يافته ٿي واپس وطن ڏانهن وريو. حديث شريف ۾ سنڌ ۽ هند جي ڪيترن عالمن کان سندون حاصل ڪيون اٿس. پير صاحب نهايت خليق ۽ ملنسار شخص آهي. سندس ڪچهري نهايت لطف واري ۽ گفتگو رس واري آهي. جيتوڻيڪ پير صاحب جو ڪو به ڪتاب شايع ٿيل ڪونه آهي. نڪي پاڻ ايترو نثر لکي ٿو، تاهم جيڪي ڪجهه لکي ٿو سو نهايت مرصع آهي ۽ سندس زبان دانيءَ تي دلالت ڪري ٿو. ننڍپڻ کان پيءُ ۽ ڏاڏي جي صحبت ۾ رهڻ ڪري، پير صاحب شعر چوڻ شروع ڪيو. سندس -استاد- خود سندس والد هو. سندس شعر پختو ۽ -تخيل- سان پر آهي. تجنيس حرفي، صاف سنڌي محاوره وغيره سندس ڪلام ۾ گھڻي قدر موجود آهن. ڏوهيڙا وغيره به چيا اٿس.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ٽکڙائي محمد ابراهيم جان خليل- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٽکڙائي محمد ابراهيم جان خليل - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن