داخلا ؛ 5917
پڙهيو ويو ؛ 254
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-03-27


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ٽکڙائي محمد حسن جان رحه سرهندي

ٽائيٽل ؛ ٽکڙائي محمد حسن جان رحه سرهندي


شاخ : شخصيت

ٽکڙائي، محمد حسن جان رحه سرهندي: پير صاحبن جا سنڌ ۾ گھڻا ئي مريد خادم هئا ۽ -افغانستان- مان هجرت ڪرڻ کان پوءِ خواجه عبدالرحمان کي گھڻن ئي عقيدتمندن گھڻيون ئي ميڙون منٿيون ڪيون ته اسان وٽ رهو. ايتري تائين، جو خان عطاءُ -الله- کين جاين جڳهن سان گڏ پنهنجي زمين مان حصو به ڏنو ٿي. مگر ڪنهن جو به عرض قبول نه پيو ۽ اهو شرف -ٽکڙ- جي ڪلراٺي زمين کي ئي حاصل ٿيو، -جتي- خواجه صاحب رهائش اختيار ڪئي. جڏهن وري خواجه صاحب -جن- حرمين شريفين مان واپس وريا، تڏهن به -ٽکڙ- ۾ ئي سڪونت اختيار ڪيائون. هميشه رهڻ جي ارادي سان، اتي ئي پنهنجون جايون جڳهيون تعمير ڪرايائون. سندن وفات به -ٽکڙ- ۾ ئي ٿي ۽ سندن درگاهه به اتي ئي قائم ڪئي ويئي. اڃا تائين به ”مقامياڻي مارن جي وڃي -ٿر- ٿيان“ جي مصداق پير صاحبن مان جيڪڏهن ڪو به بزرگ، سنڌ ۾ ڪٿي به انتقال ڪري ته کيس دفن وري به -ٽکڙ- واري درگاهه ۾ ڪيو ويندو آهي. خواجه محمد حسن جانرح حضرت صاحب خواجه عبدالرحمان رح جو وڏو فرزند، 6 شوال 1278هه/ 1869ع ۾ قنڌار ۾ ڄائو. اهو فطرت جو قانون آهي ته جڏهن ڪنهن به -ٻار- کي ننڍپڻ کان وٺي ڪامل -استاد- اطاليق ۽ فائق ۽ اهو -استاد- -ٻار- جي سڌارڻ لاءِ هر وقت ڪوشان رهي ٿو، تڏهن يقيناً اهو -ٻار- هڪ بهترين عالم ۽ فاضل شخص بڻجي وڃي ٿو. خواجه حسن جان کي ابتدا کان وٺي نهايت لائق ۽ فائق معلم مليا، -جن- مان ڪن وٽان پارسي، ڪن وٽان عربي ۽ ڪن وٽان فن حديث ۽ ڪن وٽان وري فقهه جي تحصيل ڪيائين. -ان- سان گڏ پنهنجي والد بزرگوار کان به جھجھو فيض پرايائين. سندس قرآن شريف ياد ڪرڻ جو به عجيب واقعو آهي. قرآن ياد ڪرڻ جو جڏهن کيس شوق جاڳيو، تڏهن لڪ ڇپ ۾، ياد ڪرڻ لڳو. کيس خيال ٿي پيو ته متان کيس حضرت صاحب -جن- گھڻي ڪم ڪار هئڻ ڪري منع ڪن. ڇو ته هڪ دفعي اڳي به قرآن شريف ياد ڪرڻ لاءِ کانئن موڪل گھري هئائين. مگر پاڻ کيس حافظ شيرازي جي غزل جي هڪ مصرع ”که عشق آسان نمود -اول- ولي افتاد مشکلها“ چئي، منع ڪري فرمائي هئي. انهيءَ ڪري لڪ ڇپ ۾ ٻاويهه پارا ياد ڪيائين، مگر پوءِ ڳالهه کلي پيئي. جڏهن اها خبر حضرت صاحب -جن- تائين پهتي، تڏهن پاڻ ڏاڍا خوش ٿيا ۽ خدا جا هزار شڪرانا بجا آندائون ۽ باقي -اٺ- پارا سندن روبرو ياد ڪيائين. سندس حافظو ايتري قدر ته تيز هو، جو گهڻين مصروفيتن هوندي به (ڇاڪاڻ ته مڪي مڪرمه ۾ بازارن مان سودو خريد ڪرڻ، -استاد- وٽ عربي ۽ حديث پڙهڻ ۽ حضرت -جن- جي خدمت ڪرڻ کان کيس ايڏي فرصت ڪانه هئي) روزانو اٽڪل اڌ پارو کن ياد ڪري وٺندو هو.
حضرت خواجه عبدالرحمان جي رحلت کانپوءِ خواجه حسن جان سندس جاءِ نشين ٿيو. خواجه صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي راهه کان ڀٽڪيل مسلمانن کي سڌي سنواٽي واٽ تي گامزن ڪيو. ڪيترن ئي ڪٺور دل انسانن جي قلبن ۾ سندس وسيلي سان رجوع -الي- -الله- جو رنگ پيدا ٿيو. سياست ۾ جيتوڻيڪ پاڻ -بهرو- نه وٺندو هو، تڏهن به -جتي- به پنهنجي سمجھه موجب ملت محمديه جي مفاد جي ڳالهه ڏسندو هو، ته پوءِ ضرور انهيءَ جماعت جي مدد ڪندو هو. پاڻ ”مسلم ليگ“ جي دل و جان سان مدد ڪيائين ۽ پنهنجي مريدن ۽ معتقدن کي ”مسلم ليگ“ جي مدد ڪرڻ لاءِ ترغيب ڏنائين. خواجه صاحب نثر نويسي ۾ يگانه عصر هو. ڪيترا ڪتاب لکيا هئائين.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ٽکڙائي محمد حسن جان رحه سرهندي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٽکڙائي محمد حسن جان رحه سرهندي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن