داخلا ؛ 5793
پڙهيو ويو ؛ 350
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-03-19


تصويرون


teka-khan.gif
ٽڪا خان
ٽڪا خان



ٽائيم لائين

1915.00.00-A.D
جنرل ٽڪا خان 1915ع ڌاري ڳوٺ جوڇها ممدوٽ تعلقي ڪهوٽا ضلعي راولپنڊيءَ ۾ پيدا ٿيو




sindhianaسنڌيانا--ٽڪا خان

ٽائيٽل ؛ ٽڪا خان


شاخ : شخصيت

ٽڪا خان: جنرل -ٽڪا خان- 1915ع ڌاري ڳوٺ جوڇها ممدوٽ تعلقي ڪهوٽا ضلعي راولپنڊيءَ ۾ پيدا ٿيو. 1940ع ۾ انڊين ملٽري اڪيڊمي ديره دون مان آرٽلري آفيسر طور ڪميشن حاصل ڪيائين. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ دوران مغربي صحرا ۽ -برما- ۾ جنگي خدمتون سرانجام ڏنائين. 1946ع ۾ ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئٽا مان سند حاصل ڪيائين. 1951ع تائين هڪ آرٽلري رجمنٽ جي ڪمانڊ ڪيائين. 1954ع ڌاري جنرل هيڊ ڪوارٽر ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر آف آرٽلري مقرر ٿيو. 1955ع ڌاري برگيڊيئر جي عهدي تي نامزد ٿيو ۽ کيس ڊويزنل آرٽلريءَ جي ڪمان سونپي وئي. 1958ع تي ڊائريڪٽر اسٽاف ڊيوٽيز ۽ 1960ع ۾ ڪوآرٽلري جو ڪمانڊر مقرر ٿيو. 1962ع ڌاري ڊويزن ڪمانڊر جي عهدي تي کيس -ترقي- ملي. -اپريل- 1965ع ڌاري رڻ ڪڇ سيڪٽر ۾ سندس قيادت ۾ پاڪستاني فوج ڀارتي فوج کي زبردست شڪست ڏني ۽ هي هڪ فاتح جرنل طور مشهور ٿيو. سيپٽمبر 1965ع جي پاڪ ڀارت -جنگ- دوران سيالڪوٽ سيڪٽر ۾ هڪ ڊويزن جي ڪمان ڪري هن ڀارت جي پيش قدمي روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. 1965ع جي -جنگ- ۾ خدمتن عيوض کيس ستاره -پاڪستان- جو اعزاز ڏنو ويو. 1966ع ۾ جنرل هيڊ ڪوارٽر ۾ ڪوارٽر ماسٽر جنرل جي عهدي تي فائز ٿيو. 1967ع ۾ جڏهن -ٽڪا خان- حيدرآباد ۾ مارشل لا ائڊمنسٽريٽر هو ته هن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سندس هڪ عزيز جي ’سنڌي مضمون‘ ۾ فيل ٿيڻ تي سنڌي مضمون کي ختم ڪرايو. چون ٿا ته علامه آءِ. آءِ. قاضي به هن جي مداخلت سبب سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلريءَ -تان- استعيفا ڏني هئي. 1969ع ۾ هي ليفٽيننٽ جنرل بڻيو ۽ گڏوگڏ ڪور ڪمانڊر به ٿيو. صدر يحييٰ خان جي دور ۾، 1971ع ۾ کيس مشرقي -پاڪستان- جو گورنر ۽ فوجي ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو. -ان- وقت مشرقي -پاڪستان- ۾ -بغاوت- پکڙيل هئي ۽ -ٽڪا خان- -ان- کي روڪڻ لاءِ فوجي ڪارروائي ڪئي. جنهن دوران هزارين -بنگالي- ماريا ويا. عورتن سان زيادتيون ٿيون. -ان- وقت جي حڪومت هن کي سيپٽمبر 1971ع ۾ مغربي -پاڪستان- ۾ ڪور ڪمانڊر مقرر ڪيو. 14 -آگسٽ- 1971ع ۾ هن کي هلال قائداعظم ۽ 8 سيپٽمبر 1971ع ۾ هلال جرائت جي اعزاز سان نوازيو ويو. 1972ع ۾ فل جنرل ٿيو ۽ -ان- سان گڏ -پاڪستان- آرمي جو چيف آف اسٽاف مقرر ڪيو ويو. 1976ع ڌاري فوج مان ريٽائر ٿيو ۽ وزيراعظم ذوالفقار علي -ڀٽي- جو قومي تحفظ لاءِ مشير مقرر ٿيو. -ڀٽي- جي آخري دورِ حڪومت ۾ پيپلز -پارٽي- ۾ شامل ٿيو ۽ وزير مملڪت مقرر ٿيو. جنرل ضياءُالحق جي دور ۾ هن کي نظر -بند- رکيو ويو. جنرل -ٽڪا خان- -پاڪستان پيپلز پارٽي- جو سيڪريٽري جنرل به رهيو. محترمه بي نظير ڀٽو جڏهن 1988ع ۾ -پاڪستان- جي وزيراعظم مقرر ٿي ته جنرل -ٽڪا خان- 1988ع ۽ 1990ع ۾ پنجاب جو گورنر رهيو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ٽڪا خان- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٽڪا خان - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن