داخلا نمبر 7407
عنوان پارليامينٽ
شاخ سياسي تنظيم
پڙهيو ويو 147 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊياسنڌيانا جلد ٽيون

پارليامينٽ

پارليامينٽ: اهڙي قانون ساز مجلس جنهن جي ميمبرن کي عوام آزاد راءِ شماريءَ ذريعي چونڊيو هجي، تنهن کي ”پارليامينٽ“ چئبو آهي. پارليامينٽ جي اهم فرضن ۾ قانون سازي ڪرڻ، بجيٽ تيار ڪرڻ، ٽئڪس عائد ڪرڻ ۽ ملڪي حالتن کي امن امان ۾ رکڻ شامل آهي. برطانوي پارليامينٽ کي ”دنيا جي پارليامينٽ نظام جي ماءُ“ چيو وڃي ٿو، ڇوته دنيا جون سموريون پارليامينٽون برطانوي پارليامينٽ جي طرز تي ٺاهيون ويون آهن. پاڪستاني پارليامينٽ ٻن حصن تي مشتمل آهي: هڪ قومي اسيمبلي، جنهن کي ’لوئر هائوس‘ به چيو ويندو آهي، ۽ ٻيو سينيٽ، جنهن کي ’اَپر هائوس‘ به چيو وڃي ٿو. ان ۾ هن وقت 87 ميمبر آهن. ان کان اڳ سينيٽ ۾ 63 ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن جو تعداد 200 هو. اهو اضافو جنرل اليڪشن آرڊر (چيف ايگزيڪيوٽوِ آرڊر نمبر: 7-2002) تحت ڪيو ويو. پارليامينٽري نظام حڪومت ۾ وقت جي حڪومت عام چونڊن ۾ کٽي آيل ميمبرن ذريعي عوام اڳيان جوابدار هوندي آهي. پارليامينٽري حڪومت ۾ راءِ جي آزادي ۽ مخالف ڌر جو هئڻ لازمي آهي.


لفظ پارليامينٽ هيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آهي
اسلام آباد1
اسيمبلين جون چونڊون
اعجاز علي شاهه شيرازي
افتخار محمد چوڌري جسٽس
اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا
الانا جِي
برٽش ميوزم
برطانيا
امين فهيم مخدوم
ايسٽ انڊيا ڪمپني
ايسٽر
ايني بيسنت
آئين
آفتاب شاهه جيلاني
بنگلاديش
بيگم شائسته اڪرام الله
ارباب امير حسن
بگ بين
بلوچ پارليامينٽ کان پهاڙن تائين
بي . بي . سي
احمد ميان سومرو
ڀٽو سَر شاهنواز خان
ڀرڳڙي ميان غلام محمد خان
ٽالپر الحاج مير علي احمد خان
ڀوپال
ڀيو ڪوڙا خان
ٽيٽو مارشل
تانسو چلر
پير حسين شاهه راشدي
پيرزادو عبدالحفيظ
پيرزادو عبدالستار
جلباڻي غلام حسين پروفيسر
جاسوسي ادب
پارليامينٽ
جناح قائداعظم محمد علي
ڄيٺملاڻي، رام
ڄيٺي سپاهيملاڻي
چندر سنگهه، راڻو
چوڌري شجاعت حسين
حسني مبارڪ
حسين شهيد سهروردي
خاتمي، سيد محمد
خانبهادر غلام محمد خان وساڻ
خواجه فريدالدين ’عطار‘
خير شاهه 2
داداڀائي نوروزجي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

سياسي تنظيم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پارليامينٽ
جمهوري مجلس عمل
سياسي تنظيم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون