داخلا نمبر 7420
عنوان پارو شاهه
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 86 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊياسنڌيانا جلد ٽيون

پارو شاهه

پارو شاهه: ڀائي پارو عرف پارو شاهه، روهڙيءَ جي ٽڪر واري ڀاڱي، ڀلاڻڪي گهٽيءَ ۾ 1820ع ۾ ڀائي هنسراج سوناري جي گھر ۾ پيدا ٿيو. سندس ماءُ جو نالو چاندي ٻائي هو. هنسراج ۽ چاندي ٻائي ڌرمي ويچار وارا هئا، کين ٻه ٻيا پٽ چندومل ۽ ڄيٺومل به هئا، جن اباڻو سونارڪو ڌنڌو اختيار ڪيو. باقي پارو اسڪولي تعليم حاصل ڪري پوليس کاتي ۾ گهوڙي سوار جي حيثيت ۾ ڀرتي ٿيو، ۽ پوءِ پوليس مئن مان ترقي ڪري صوبيدار بڻيو. سندس شادي شڪارپور جي جھامنداس سوناري جي ڌيءُ گنگا ديويءَ سان ٿي. ڪجهه سالن کان پوءِ ڪن گھرو مسئلن جي ڪري گنگا ديوي رُسي پيڪين هلي ويئي. هيڏانهن هڪ ڏينهن پارو شاهه نوڪريءَ تان ٿڪل ٽٽل رات جو جيئن نائين وڳي ڌاري گھر موٽيو ۽ اڃا ڊيوٽيءَ واري وردي مس لاٿائين ته کيس در ٻاهران سڏ ٿيو ته ”يڪدم اچ، صاحب ٿو ڪوٺئي؟“ هن سوچيو ته مون سڄو ڏينهن سرڪار جي نوڪري ڪئي آهي، گھر اچڻ کان پوءِ ماني کائڻ جو وقت به ڪونه ٿو ملي، بس اهڙي نوڪريءَ کي ڇا ڪبو، هاڻي وڌيڪ غلامي نه ڪبي! سندس اکين ۾ پاڻي ۽ زندگيءَ ۾ تبديلي اچي وئي. صاحب جو حڪم مڃي نائين وڳي کان پوءِ رات جو وٽس وڃي حاضر ٿيو ۽ پوليس جي وردي سندس قدمن ۾ رکندي چيائين: ”سائين، مون اڄ کان پڪو ارادو ڪيو آهي ته هاڻي نوڪري صرف سچي مالڪ جي ڪبي“. سندس صاحب عجب ۾ پئجي ويو. پارو اڃا نوجوان هو، پر نوڪري ڇڏي ڏنائين، گهر گرهستيءَ وارو هوندي به برهمچاري ٿي گذاريائين. زال گنگا کي ”ماتا گنگا“ ڪري سڏيائين. هن 20 سال کن پهاڙن ۾ ايڪانت ۾، ويراڳ ۾ گذاريا. اهي ويهه سال 1850ع کان 1870ع تائين هن لاءِ ڌيان ۽ يوگا جا سال هئا ۽ 20 ئي سال دنياداريءَ کان گوشي نشين رهيو. 1870ع ۾ روهڙيءَ آيو، سنڌوءَ جي ڪپ تي جھوپڙي جوڙي اچي رهيو، بيدل فقير جو پڪو معتقد هو، هميشه سندس خدمت ۾ رهندو هو. هڪ ڀيري بيدل فقير مٿس مهر جي نظر ڪري چيو ته ”اڄ کان پوءِ تون پارو فقير نه، پر پارو شاهه آهين“. اهڙيءَ طرح بيدل فقير کان باطني علم وٺي فقيري ۽ درويشيءَ اختيار ڪيائين ۽ ڪيترن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيائين، جن مان ڀائي وسڻ رام به هڪ هو. پارو شاهه جا هندو ۽ مسلمان عقيدتمند وڌندا ويا، هو جيڪو، ڪجهه سال اڳ سپاهي هو، روحانيت ۾ رڱجي لال ٿي، ”پارو شاهه“ بڻجي پيو. هندو توڙي مسلمان پارو شاهه جي تمام گھڻي عزت ڪندا هئا. هو آخر تائين ڏيک ويک کان پري رهيو. سدائين سادا ڪپڙا پائيندو هو. سدائين سادو رهيو، سادو کاڌو کاڌائين ۽ زندگي سادگيءَ سان گذاريائين. غريبن جي خدمت ۽ سيوا پنهنجو مقصد سمجهيائين، کين کاڌو رڌي کارائيندو هو، کين ڪپڙا ڏيندو هو، هن جي زندگي انسانن لاءِ پيار جو نمونو هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو