داخلا نمبر 7435
عنوان پازيب
شاخ سينگار
پڙهيو ويو 91 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊياسنڌيانا جلد ٽيون

پازيب

پازيب: پازيب جي لفظي معنيٰ ”پيرن جو سينگار“ آهي. هي ڳهه وزن ۾ هلڪو ۽ سنهيءَ پٽيءَ وانگر هوندو آهي، جنهن ۾ سنهيون گهنگهريون به لڳل ٿين ته پلڙيون به ٿين. ڪي وري ٺپي جي نموني ٿين. پازيب تي ميناڪاري به ٿئي. پازيب سون ۽ چانديءَ مان جڙن، پر سنڌ جا ڪي قبيلا ۽ ذاتيون پيرن ۾ سون ڪونه پائين، ان ڪري چانديءَ جا پازيب جوڙائين. هي ڳهه ڳوٺ توڙي شهر جون عورتون ڏاڍي چاهه پائينديون آهن. خاص ڪري ڪنواريون ۽ ننڍيون نينگريون اِهي ڳهه پائين ٿيون. لوڪ شاعريءَ ۾ پازيب جو ذڪر ”سينگار“ جي شاعريءَ ۾ ملي ٿو. غزل ۾ به پازيب جو ذڪر ٿيل آهي. خاص ڪري ڳيچن ۾ پازيب ڳاتا ويا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

سينگار - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ببري
ابٽڻ
اٻٽڻ
ابٽن
اَڌ گول ڦڻي
ٽاجوئا
ٽوپاز
ٽئنڪ ائسڊ
ٽئونر ٽؤنر
پازيب
سينگار ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون