داخلا ؛ 6810
پڙهيو ويو ؛ 431
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2013-05-28


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--پاٽ

ٽائيٽل ؛ پاٽ


شاخ : شهر

پاٽ: -پاٽ- دادو ضلعي جو هڪ تاريخي شهر آهي، جيڪو سنڌو درياهه جي ساڄي ڪپ تي آڳاٽي دور ۾ وڏو -بندرگاهه- هو. امڪان نظر اچي ٿو ته تاريخي طور تي ”-پاٽ-“ ڳوٺ جي اصل نالي ۽ قدامت بابت مختلف روايتون، اهڃاڻ ۽ هيٺيان تاريخي اشارا ملن ٿا: عام يال مطابق ڳوٺ جو اصل نالو ”پاتر“ آهي، جيڪو ڪنهن راجا جي نالي پٺيان رکيو ويو، جنهن هيءُ ڳوٺ جوڙايو. ليڪن ڪنهن به ذريعي سان پاتر -بادشاهه- جو احوال نه ٿو ملي. هڪ ٻيءَ روايت مطابق ”پاتر“ اصل فارسي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ”-تخت-“ آهي. جيئن ته هيءُ شهر ڪنهن راجا جو -تخت- گاهه هو، اُن ڪري اُن تي ”پاتر“ نالو پئجي ويو. -ابجد- جي حساب سان، هن نالي مان تعمير جو سال 403هه/ 1012ع به ڪڍيو ويو آهي. هڪ روايت مطابق ”لوهم جي دڙي“ کي اصل ”-پاٽ-“ قرار ڏنو ويو آهي. هن روايت جو بنياد سنڌونديءَ جا اهي وهڪرا آهن، جيڪي پيٽ مٽائيندا رهيا آهن. چون ٿا ته عروج واري وقت ۾ لوهم جي دڙي جي آبادي ”پوتر“ (پاڪ) جي نالي سان مشهور هئي، جڏهن درياهه پيٽ مٽايو، ته هتان جي آبادي درياهه جي نئين وهڪري جي ڪناري تي، ”نئين پوتر“ نالي واهڻ -ٻڌي- -آباد- ٿي. ائين پوءِ اهو شهر ”پوتر“ مان ”پاتر“ ٿي ويو. ساڳيءَ روايت ۾ اهو به اچي ٿو ته ”لوهم جو دڙو“، ”موهن جي دڙي“ وانگر آرين يا مغربي لوڪن جي هٿان تباهه ٿيو ۽ -آريا- -تهذيب- هيٺ جيڪو نئون شهر -آباد- ٿيو، -ان- جو نالو سنسڪرت زبان جي صورتخطيءَ هيٺ ”پوترا“ رکيو ويو، جيڪو اڳتي هلي ”پاترا“ سڏجڻ ۾ آيو ۽ پوءِ ”-پات-“ يا ”-پاٽ-“ ۾ تبديل ٿي ويو. سنڌ جي عالمن مان ڪن جو وري اهو رايو آهي ته اصل ۾”پاتر“ سنڌيءَ جي لفظ ”-پاٽ-“ جي فارسي صورتخطي آهي، جيئن ته فارسي ٻوليءَ ۾ ”ٽ“ جو اکر نه ٿيندو آهي، -ان- ڪري -ان- جو نعم البدل ”تر“ استعمال ڪيو ويو، جيڪو ”ٽ“ جو قريب -ترين- اچار آهي. ٿي سگهي ٿو ته سنڌ جي تاريخي ماخذن جو فارسيءَ ۾ هجڻ هن غلط فهميءَ جو باعث بڻيو هجي، ۽ ڳوٺ جو اصل نالو ”-پاٽ-“ ئي هجي. اهو نالو تڏهن پيو، جڏهن ڄام نظام الدين سمي (1461-1508ع) صوفي خانقاهه قائم ڪرڻ لاءِ شيخ عمر شهاب الدين سهروردي (1144-1734ع) جي اولاد مان شيخ شهاب الدين ثاني (1440-1501ع) کي -جاگير- ڏئي هتي رهايو، جنهن انهي درياهي -بندر- جو نالو ”قبة -الاسلام-“ رکيو، پر جيئن ته -جاگير- جي ايراضي گول شڪل ۾ هئي، تنهنڪري عام ماڻهو انهيءَ کي -ٺڪر- جي گول ٿانوَ ”-پاٽ-“ جي نالي سان سڏڻ لڳا، جيڪو مروج ٿيو. (-تاريخ- -باب الاسلام- سنڌ- 12، ڊاڪٽر حبيب -الله- صديقيءَ جي حوالي سان ص. 65-66).آڳاٽي زماني ۾ هن درياهي -بندر- جو -بمبئي-، سورت، سري لنڪا ۽ -بنگال- سان سامونڊي ٻيڙن ذريعي واپار هلندو هو. -تاريخ- معصوميءَ ۾ ڄاڻايل آهي ته ”-پاٽ-“ شهر ڪنهن زماني ۾ علم جو وڏو مرڪز هوندو هو. هتي وڏا وڏا عالم ۽ مفتي رهندا هئا، -جن- مان جوڻيجا، چنا، صديقي ۽ -انصاري- خاندان جا ڪي فرد اهم هئا. انهن مان ڪي همايون جي سنڌ ۾ آمد (1541ع) بعد، هتان لڏي وڃي برهانپور ۾ رهيا ۽ ٻيا هتي ئي -پاٽ- ۾ رهيا. -تاريخ- جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته شهنشاهه همايون (سال 1541ع)، حميده بيگم سان هن شهر ۾ شادي ڪئي هئي. -ان- کان سواءِ مرزا ڪامران جي شادي به مرزا شاهه حسن جي ڌيءَ ماه چوچڪ بيگم سان پڻ -پاٽ- ۾ ئي ٿي هئي.موجوده دور ۾ به ”-پاٽ-“ جي سرزمين ڪيترائي عالم، فاضل پيدا ڪيا آهن، -جن- دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو. انهن ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جو شمار ٿئي ٿو، جيڪو سنڌ جو وڏو مفڪر، عالم ۽ فلسفي هو. جسٽس زيڊ. اي. چنا، پروفيسر -امينه- خميساڻي، مشهور تعليمدان ڊاڪٽر حبيب -الله- صديقي ۽ سليم -الله- صديقيءَ جو تعلق پڻ -پاٽ- سان آهي. موجوده بيهڪ جي لحاظ کان، ”-پاٽ-“ جو ڳوٺ/ شهر سنڌونديءَ کان هڪ ڪلوميٽر اولهه طرف ´28. º20 -اتر- ڊگهائي ڦاڪ ۽ ´68. º48 -اوڀر- ويڪرائي ڦاڪ تي دادو شگر مل پياري ڳوٺ کان ڇهه ڪلوميٽر -اوڀر- طرف واقع آهي. پراڻي -پاٽ- جو دڙو، اتان کان هڪ ڪلوميٽر -اوڀر- طرف هڪ دڙي جي شڪل ۾ اڄ به موجود آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -پاٽ- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

پاٽ - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شهر - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باقراڻي
بٺورو
بخارا
بدين
ٻانڌي
ٻٻرلوءِ
ازبڪستان
ٻنگار (شهر)
ٻنون (شهر)
استنبول
ٻيراڻي
اسلام آباد1
اسلام ڪوٽ
برهان پور
امر ڪوٽ عمرڪوٽ
بسطام
اٻاوڙو
اوٻاوڙو
اٽڪ
اجمير
اچ
احمد آباد (انڊيا)
احمد نگر
بصره
بغداد
انڙ پور
بکر
انقره
ايوڌيا
آمري4
بهاولپور
بلڙي
بيت المقدس
بمبئي
بنارس
بنگلو (شهر)
آگرو
بارسلونا
برمودا
بلخ
بنگلور
ٻاڙمير
امر تسر
الهه آباد
تلهار
ڀانڀرا
ڀان سيد آباد
ڀٽ شاھه
ڀٽو واھڻ
ڀُڄ
ڀريا ٽائون ڀريا سٽي
ڀريالوءِ پريالوءِ
ترائي 2
تربت 2
ٺارو شاهه
ٺٽو
ترمذ
ڀِنيان
ڀوبينسور
ڀوپال
ڀيلاڻي
تونسا شريف
ڀينءَ
ٽنڊو آدم
ٽنڊوالهيار
ٽنڊو باگو
ٽنڊو ٻورا
ٽنڊو ٺوڙهو
ٽنڊو جان محمد
ٽنڊوڄام
ٽنڊوڇاڱاڻي
ٽنڊو شهبازي
ٽنڊو علي محمد
ٽنڊو غلام حيدر
ٽنڊو غلام علي
ٽنڊو قيصر
ٽنڊو مائي ماهڻ
ٽنڊو محمد خان
ٽنڊو مير غلام حسين
ٽنڊو مير مريد حيدر
ٽنڊو مير نور محمد
ٽنڊو يوسف
تهران
ٿاڻو بولا خان
ٿاڻو عارب خان
ٿرڙي محبت
تاشقند
پاٽ
پاٽ پراڻي
پشاور
جارجيا
جالنڌر
پاڪ پتڻ
جده
جريڪو
پاڻيپٽ
جلال آباد
پتڻ رڪڻ
پتڻ منارو
پٿورو


.....شهر موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن