داخلا ؛ 6822
پڙهيو ويو ؛ 294
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2013-05-28


تصويرون


Habibullah-Siddiqui.gif
پاٽائي  حبيب الله صديقي
پاٽائي حبيب الله صديقي



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--پاٽائي حبيب الله صديقي

ٽائيٽل ؛ پاٽائي حبيب الله صديقي


شاخ : شخصيت

پاٽائي، حبيب -الله- صديقي، ڊاڪٽر: مشهور -تعليم- دان، شاعر ۽ عالم، ڊاڪٽر حبيب -الله- ولد قاضي ڪريم بخش صديقي، 17 شوال 1355هه/ پهرين -جنوري- 1937ع تي جمعي جي ڏينهن، سنڌ جي تاريخي شهر -پاٽ- شريف ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم، سنڀاليندڙن جي سرڪاري نوڪريءَ سبب سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن جهڙوڪ: ٿرڙي محبت، ٽنڊي رحيم خان، -ٻڍاپور- ۽ اڪڙي لڳ پٿوري ۽ پنهنجي ڳوٺ -پاٽ- ۾ حاصل ڪيائين، جتان 1953ع ۾ مئٽرڪ سيڪنڊ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين، جنهن بعد ٿرڙي محبت، سيتا روڊ ۽ -پاٽ- ۾ -انگريزي- ماستر ٿي رهيو ۽ -پاٽ- ۾ خانگي ثانوي اسڪول قائم ٿيڻ بعد -ان- سان وابسته رهيو. -ان- دوران ٽي. ڊي، بي. اي ۽ بي. ٽي جا امتحان پاس ڪيائين ۽ پنهنجي ڳوٺ جي وليج ڪائونسل جو چيئرمئن ۽ تعلقي ۽ ضلعي ليول تي ٺاهيل ڪاميٽين جو ميمبر ۽ ائڊوائيزر ٿي رهيو. انهيءَ زماني ۾ -آمريڪا- مان آيل هڪ محقق ڊاڪٽر جان هونيمن سان سندس -تحقيق- \\\\\\\"Education and Career Specialization in a West Pakistan village of Renown\\\\\\\" ۾ خاص مددگار ٿي رهيو. 1962ع ۾ سنڌ سرڪار جي -تعليم- کاتي ۾ سينيئر انگلش ٽيچر جي حيثيت ۾ ڀرتي ٿيو ۽ مڊل اسڪول ڪَڪڙ، ضلعي دادو ۾ هيڊماستر مقرر ڪيو ويو، جتان ستت بدلي ڪري سپروائيزر پرائمري اسڪولز (A.D.I.S) ڪري سيوهڻ تعلقي ۾ رکيو ويو. انهيءَ حيثيت ۾ دادو، حيدرآباد، هالا ڊويزن ۽ عمرڪوٽ بِيٽن تي رهي ڪم ڪيائين ۽ انهيءَ دوران -پاڪستان- اڪيڊمي فار رورل ڊيولپمينٽ -پشاور- ۾ تربيت حاصل ڪندي، هڪ اسڪيم بعنوان \\\\\\\"Providing Model Primary Schools in Rural Areas\\\\\\\" پيش ڪيائين. ساڳئي عرصي ۾ او. ايس. ڊي طور ڪم ڪندي، هڪ اسڪيم تيار ڪيائين، جنهن جو عنوان هو \\\\\\\"Revival and Revitalization of Compulsory Primary Education in Sindh\\\\\\\". حبيب -الله- صديقيءَ خانگي طور تي اعلي -تعليم- -جاري- رکندي، ايم. اي مسلم هسٽري (سيڪنڊ پوزيشن) ۽ ايم. ايڊ (فرسٽ ڪلاس، فرسٽ پوزيشن) ۾ پاس ڪري، سنڌ يونيورسٽيءَ کان گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. 1972ع ۾ سڌي ڀرتيءَ ذريعي سب ڊويزنل ايجيوڪيشن آفيسر مقرر ٿيو، جنهن حيثيت ۾ دادو ۽ حيدرآباد سب ڊويزنن تي رهي ڪم ڪيائين. ساڳئي وقت ڊئريڪٽوريٽ آف اسڪول ايجوڪيشن، حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ائڊمنسٽريشن طور ڪم ڪندو رهيو. سال 1979ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان کيس ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر جي عهدي لاءِ پهرئين نمبر تي سفارش ڪيو ويو ۽ انهيءَ حيثيت ۾ جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، نوابشاهه، حيدرآباد ۽ -بدين- ضلعن ۾ ڪم ڪيائين. جيڪب -آباد- ۾ ڊي. اي. او طور ڪم ڪندي، لاهور ۾ منعقد ائڊمنسٽريٽرس ورڪشاپ ۾ استادن لاءِ ضابطه اخلاق \\\\\\\"A Code of Ethics for the Teacher\\\\\\\" مرتب ڪيائين ۽ کيس انهيءَ ڪم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ -پاڪستان- جي چئني صوبن جو چيف ڪوآرڊينيٽر چونڊيو ويو. ساڳئي عرصي ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن طرفان ڪوٺايل تعليمي سيمينار ۾ سنڌ ۾ موجوده پرائمري -تعليم- جي نظام جي -تاريخ- ۽ -ان- بابت سفارشن تي مبني مقالو پيش ڪيائين. نوابشاهه ۾ اسڪائوٽس ۽ شهرين جي مدد سان اسڪائوٽ هيڊڪوارٽر تعمير ڪرايائين ۽ انهيءَ جي صلي ۾ کيس صدر -پاڪستان- طرفان ’اسڪائوٽ ميڊل‘ ڏنو ويو.ان کان سواءِ پرنسپال ڪمپريهينسوِ هاءِ اسڪول خيرپورميرس ۽ پرنسپال اليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن دادو جي عهدن تي عهدن تي پڻ رهيو. ڊاڪٽر حبيب -الله- صديقي، سنڌ جي مايه ناز اداري سنڌي ادبي بورڊ جو مارچ 1988ع کان سيپٽمبر 1990ع تائين سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيائين. فيبروري 1991ع ۾ سيڪنڊ پرائمري ايجوڪيشن پراجيڪٽ سنڌ جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. سيڪند پرائمري ايجوڪيشن جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽريءَ دوران سڪرنڊ ۾ منعقد ڪيل ٽريننگ ڪوآرڊينيٽرس ڪانفرنس ۾ کيس ’بهترين ڊائريڪٽر‘ جي شيلڊ پيش ڪئي وئي. ڊاڪٽر حبيب -الله- صديقي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ڪيترين ڪاميٽين جهڙوڪ: پبليڪيشن ڪميٽي، مالي ڪميٽي، تعليمي ۽ تحقيقي ڪميٽي وغيره جو ميمبر رهي چڪو آهي ۽ هن وقت اٿارٽيءَ جو بورڊ آف گورنرس جو ميمبر آهي.سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’تاريخ -باب الاسلام- سنڌ‘ (1996ع، ٻه ڇاپا)، (2) \\\\\\\'Education in Sindh- past and present\\\\\\\' (1987)، (3) ’علامه آءِ. آءِ. قاضي (1989ع)، (4) ’درياهه ۽ سامونڊي ڪنارن سان زندگي‘ (1981ع) ۽ (5) ’رچنائون‘ (1986ع)، (6) ’وارداتون‘ (2007ع)، (7) ’انسان جي تاريخ‘ (حصو پهريون: 2007ع)، (8) ’انسان جي تاريخ‘ (حصو ٻيو: 2008ع)، -انسان- جي -تاريخ- جي مختلف بابن تي مهراڻ اڪيڊمي طرفان ڌار ننڍا ڪتاب شايع ڪيا ويا آهن، (9) \\\\\\\'Pieces & Sugar Candy\\\\\\\' (1997) (مخدوم طالب الموليٰ جي ڪتاب ’مصريءَ جون تڙون‘ جو ترجمو: 1997ع) ۽ ٻيا شامل آهن. تازو HEC طرفان سندس تحقيقي ڪتاب Education Problems of Pakistan with Special Reference of Sindh Province (2008) تي کيس ٻه لک روپيا معاوضو ڏنو ويو. شهيد ذوالفقار علي -ڀٽي- جي سوانح تي سندس لکيل ڪتاب (2010ع) Son of the Desert تي کيس -بين- الاقوامي مڃتا ملي آهي. سندس -جاري- -تحقيق- م -تاريخ- ’باب -الاسلام- سنڌ‘ (ڀاڱو ٻيو) کان سواءِ ’ڊيولپمينٽ آف صوفيئزم اِن سنڌ‘، ’مارشل ٽريڊيشن اِن سنڌ’، ’پرائيويٽ پيپرس آف علامه آءِ. آءِ. قاضي‘ ۽ هڪ انشائيه بعنوان ’انسان ۽ زندگي‘ هڪ ئي وقت هلي رهيا آهن. ڪڏهن ڪڏهن سندس شعر يا مضمون ۽ سنڌي ترجما معياري رسالن ۾ شايع ٿيندا آهن. ريڊيو -پاڪستان- حيدرآباد ۽ ڪراچي -ٽيليويزن- -اسٽيشن- -تان- سندس تقريرون يا انٽرويو نشر ٿيندا رهندا آهن. مشاعرن، ورسين ۽ ڪانفرنسن ۾ پڻ حصو وٺندي نظر اچي ٿو. حبيب اڪيڊميءَ پاران پنهنجا ۽ ٻين ڪيترن اديبن جا ڪيترا ڪتاب ڇپائي چڪو آهي. -جن- مان ڪجهه ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا: (1) ڪيئي ڪهاڻيون (2009ع)، (2) منظوم سوانح عمريون: شاهنواز ’مسافر‘ (2007ع)، (3) ڪڙيون مٺيون ڳالهيون (2009ع). سال 2000ع ۾ فيڊرل ايجوڪيشن ائڊوائيزري ڪاميٽيءَ جو ميمبر مقرر ٿيو ۽ پنهنجون تجويزون ڇپيل صورت ۾ پيش ڪيائين.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -پاٽائي حبيب الله صديقي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

پاٽائي حبيب الله صديقي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن