داخلا نمبر 6861
عنوان پاٽائي عبدالوحيد صديقي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 125 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا جلد ٽيون

پاٽائي عبدالوحيد صديقي

پاٽائي، عبدالوحيد صديقي: عبدالوحيد صديقي ولد پروفيسر شفيع محمد قريشي پاٽائي، پاٽ تعلقي دادوءَ ۾ 1939ع ۾ ڄائو. سندس والد تعليم کاتي ۾ ڊپٽي ايجوڪيشنل آفيسر فار مسلم اسڪولس، ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولس ۽ آخر ۾ سچل سرمست آرٽس ڪاليج، تلڪ چاڙهي حيدرآباد ۾ پروفيسر ٿيو. والد جي ملازمت دوران عبدالوحيد مختلف هنڌن تي تعليم حاصل ڪئي. اورينٽئل ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرار ٿيو. ان دوران سي. ايس. ايس جو امتحان پاس ڪري، انڪم ٽيڪس آفيسر ٿيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ ملازمت ڇڏي روحانيت جو سفر اختيار ڪيائين. ان ڏِس ۾ هو چوندو هو ته ناگاپربت تي رياضت ڪندي کيس الهامي آواز آيو، جنهن سندس ڪايا پلٽي ڇڏي. پوءِ هُن سائنسي روحانيت (Scientific Spiritualism) تحريڪ شروع ڪئي. ان ڏس ۾ هن ڪيترا پَترا ۽ ڪتابڙا سائنسي روحانيت جي حوالي سان شايع ڪيا. ان کان پهرين ڪجهه عرصو انقلابي دوستن جي ساٿ ۾ ون يونٽ خلاف ۽ سنڌ جي قومي مسئلن تي ’فولاد فقير‘ جي نالي سان پمفليٽ لکيائين. جنهن وقت جي سرڪار ضبط به ڪيا. ڄام ساقي ۽ ٻيا سندس ان سفر ۾ ساٿي هئا. ملازمت ڇڏڻ ۽ سائنسي روحانيت جي سفر کان پوءِ ماڊل ڊڪٽيٽر جي ضياءِ الحق جي زماني ۾ مجلس شوريٰ جو ميمبر به ٿيو. ڪجهه عرصي لاءِ وفاقي شرعي عدالت ۾ جج مقرر ٿيو، بعد ۾ وڪالت جي پيشي اختيار ڪرڻ سان گڏ تصنيف ۽ تاليف جي ڪم ۾ مشغول ٿيو.سندس شمار سنڌ جي بهترين نثرنگارن ۾ ٿئي ٿو. هن جي تصنيفن ۾: ’انسان جا ابا ڏاڏا‘ (1960ع)، ’سچوارين‘ (1960ع)، ’تاريخ الاسلام-5 جلد‘ (1962ع)، ’پٿر جي دؤر جو انسان‘ (1967ع) ڇپيل آهن. سندس ٻيون ڪيتريون ئي تحريرون مذهب، تاريخ ۽ ٻاراڻي ادب بابت منظر عام تي اچي چڪيون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو