داخلا نمبر 6864
عنوان پاٽائي قاضي شفيع محمد
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 155 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا جلد ٽيون

پاٽائي قاضي شفيع محمد

پاٽائي، قاضي شفيع محمد: عالم، فاضل ۽ شاعر شفيع محمد قاضي بن قاضي احمدي (اول) صديقي، پاٽائي مخدوم عبدالواحد سيوستانيءَ جو ڏوهٽو، وقت جو وڏو عالم ۽ صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي. هن 1835ع ۾ جنم ورتو. سندس ڏاڏي عبدالواحد صديقيءَ کي مغلن طرفان جاگير مليل هئي. سندس والد قاضي احمديءَ کي ٽالپر حڪمرانن قاضي مقرر ڪيو هو ۽ کيس جاگير ڏني هئي. ميان محمد شفيع اڃا ستن ورهين جو هو ته سندس والد وفات ڪئي، اهو انگريزن جو سنڌ فتح ڪرڻ وارو اوائلي دؤر هو. سندس ڀاءُ علي گوهر جو پٽ احمدي ثاني آنرري مئجسٽريٽ هو. هن ابتدائي تعليم مخدوم حاجي فضل الله پاٽائيءَ وٽ حاصل ڪئي. ڪجهه وقت ڦلجيءَ جي عالمن وٽ به پڙهيو. 16 ورهين جي عمر ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪيائين. ان کان پوءِ نقشبندي طريقي ۾ مخدوم محمد يوسف کنياريءَ واري کان بيعت ورتائين. صوفياڻي طبيعت ۽ باڪمال عالم هئڻ باوجود شريعت جو پابند رهيو. سنڌ ۾ حق بخشائڻ ۽ قرآن سان شادي ڪرائڻ جهڙين بدعتن خلاف جهاد ڪيائين. کيس ڀاءُ علي گوهر پنهنجن وڏن واري مشهور مسجد ”اولهه واري مسجد“ جي مرمت ڪرائي ڏني ته جيئن دين جي تبليغ جاري رکي. هميشه اسلام جا حڪم جاري ڪرڻ ۽ حق جي تبليغ جي ڪم ۾ مشغول رهيو. جيستائين حيات هو وٽن 60، 70 طالب علم مسجد ۾ رهيل هوندا هئا، جن جو خرچ موروثي زمين مان ڀريندو هو. انگريز دور جي شروعات قاضي شفيع محمد جي نوجوانيءَ جو زمانو هو ۽ خيرپور ناٿن شاهه تعلقي ۾ سندس زمينداري هئي. جڏهن انگريزن کان وٽس ڍل جي چٺي پهتي ته ڍل ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيائين ته اهل ڪتاب/ عيسائين تي اسان جو حق ٿئي ٿو ته کانئن ڍل وصول ڪريون، ڇو ته قرآن شريف ۾ ارشاد آهي ته ”حتيٰ بعطوا الجزية عن يد وهم صاغرون“ (سورة التوبة 9، آية 29) مطلب ته اهل ڪتاب مغلوب ٿي جزيو ادا ڪن. ان حالت ۾ اسان، مسلمان ذليل ٿي نصارن کي جزيو يا ڍل ادا ڪيئن ٿا ڪري سگهون! ان ضد جو آخر نتيجو اهو نڪتو، جو سندس زمين ڍل ۾ نيلام ٿي وئي، پر هن ان جي ڪابه پرواهه نه ڪئي ۽ پنهنجي ارادي تي مضبوط رهيو. فارسيءَ ۾ سندس گھڻو ئي ڪلام موجود آهي، جيڪو نهايت پختو ۽ مضبوط آهي. عربيءَ جي مشهور ’قصيدي برده‘ جو منظوم سنڌي ترجمو ڪيائين، جيڪو سنڌيءَ ۾ ’قصيده برده‘ جو پهريون ترجمو آهي. مخدوم صاحب جو ڪلام نه صرف سنڌيءَ ۾ موجود آهي، بلڪ فارسي، سرائيڪيءَ کان سواءِ عربيءَ ۾ به موجود آهي. مخدوم صاحب جون ٻه شاديون هيون. کيس ٻه فرزند ٿيا، مخدوم محمد شفيع جي تصنيفن ۾ قرآن جي ترجمي، تفسير، قصيده برده جي منظوم سنڌي ترجمي کان سواءِ ڊگها نظم، رساله دربيان اصول طريقه تصوف (فارسي) ۽ تحفة الهنديءَ جو سنڌي ترجمو شامل آهن. مخدوم صاحب 63 ورهين جي عمر ۾ 1898ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو