داخلا نمبر 6863
عنوان پاٽائي قـاسـم سـنڌي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 196 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا جلد ٽيون

پاٽائي قـاسـم سـنڌي

پاٽائي، قـاسـم سـنڌي: شيـخ قـاسم سـنڌي بن شيخ يوسف محدث پاٽائي ، شيخ طاهر محدث جو ننڍو ڀاءُ ۽ وقت جي وڏي عالم ۽ صوفي شيخ عيسيٰ برهانپوريءَ جو والد هو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي والد ۽ شيخ شهاب الدين سنڌيءَ وٽان حاصل ڪئي ۽ بيعت شيخ بهاءُالدين کان ورتائين، ڇاڪاڻ ته اهو بزرگ ڏهين صدي هجريءَ ۾ شيخ بهاءُالدين زڪريا ملتانيءَ جو جاءِ نشين هو. هن ۾ تقويٰ، توڪل، زهد ۽ تصوف جون صفتون موجود هيون. سندس فرزند شيخ عيسيٰ کان بيان آهي ته: ”منهنجي اڃا هوش سنڀالڻ جو زمانو ئي نه آيو هو جو پاڻ (منهنجو والد) وفات ڪري ويو ۽ مون پنهنجي والد جي دوستن کان ٻڌو هو ته توحيد، خدا شناسي ۽ تصوف جي نظريي جي ڄاڻ بابت ماڻهو سندس تعريف ڪندا هئا.“ شيخ قاسم جي وفات جي تاريخ نه ٿي ملي، هڪ اندازي مطابق سندس وفات اندازاً 968 هه/ 1560ع ۾ ٿي هوندي. سندس مقبرو برهانپور ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو