داخلا ؛ 6866
پڙهيو ويو ؛ 233
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-05-31


تصويرون




ٽائيم لائين

پاٽائي محمد طاهر بن يوسف جي وفات 1595ع ۾ ٿي -A.D





sindhianaسنڌيانا--پاٽائي محمد طاهر بن يوسف

ٽائيٽل ؛ پاٽائي محمد طاهر بن يوسف


شاخ : عالم

پاٽائي، محمد طاهر -بن- يوسف: شيخ طاهر ڏهين صدي هجريءَ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ -پاٽ- شهر ۾ ڄائو. محمد طاهر رسمي علم پنهنجي والد شيخ يوسف وٽ ۽ مخدوم ميران ۽ مخدوم جعفر بوبڪائيءَ وٽ حاصل ڪيو. -ان- کان پوءِ سندس وڏو -ڀاءُ- شيخ طيب سندس والد ۽ پاڻ، ٽيئي بزرگ وطن کان روانا ٿي هڪ ڳوٺ ۾ پهتا، جو شيخ شهاب الدين سنڌيءَ جي نالي سان مشهور هو. شهاب الدين وڏو عالم، حقيقت جو واقف ۽ صاحبِ درس بزرگ هو. هن وٽ رهي منطق جي ڪتاب ”قطبي شرح شمسيه“ پڙهڻ جو عرض ڪيائين، پر شيخ شهاب الدين کيس -امام- محمد غزاليءَ جو ڪتاب ”منهاج العابدين“ پڙهڻ لاءِ چيو. ٽنهي اهو ڪتاب ٻن هفتن اندر اتاري ورتو ۽ ڪتاب جو درس شروع ڪيائون. 950 ھه/ 1543ع ۾ سنڌ مان گجرات ڏانهن روانو ٿيو ۽ ايرج پور ۾ پهچي شيخ محمد غوث گوالياريءَ (1485- 1563ع) جي صحبت مان گھڻو ڪجھه پرايائين. اتان روانو ٿي ڏکڻ هندستان ۾ سير ڪندي -ان- وقت جي وڏي بزرگ شيخ محمد ملتانيءَ جي ارادت جي حلقي ۾ داخل ٿيو. اتان موٽي اچي ايرج پور ۾ رهيو. -جتي- مرشد کيس خلافت جو خرقو عطا ڪيو. شيخ طاهر ايرج پور (ايلچ پور) ۾ ماڻهن کي اڪثر درس ڏيندو رهيو ۽ -تصوف- جي -تلقين- ڪندو هو.ڪجھه وقت کان پوءِ -احمد نگر- جو حاڪم مرتضيٰ نظام الملڪ ايرج پور تي ڪاهه ڪري آيو ۽ ترناله قلعو فتح ڪري ورتائين. -ان- سبب ملڪ ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ وقت جي حاڪم کيس برهانپور ۾ هلي رهڻ لاءِ چيو، -ان- بعد شيخ طاهر هميشه لاءِ اچي برهانپور ۾ رهيو. وقت جي حاڪم علي عادل شاهه سندس درس ۽ تدريس لاءِ خانقاه تيار ڪرائي، -جتي- پاڻ ماڻهن کي فيض رسائيندو رهيو. سندس هيٺيان ڪتاب -تصنيف- ٿيل آهن: (1) ”تفسير مجمع البحار“ طاهري، جيڪو -امام- قشيريءَ جي ڪتاب اللطائف جي طرز تي آهي ۽ صوفياء ڪرام جي نُڪتن ۽ اشارن تي ٻڌل آهي، (2) مختصر قوت القلوب، (3) -انتخاب- مواهب لدنيه، (4) ملتقط -جمع الجوامع- سيوطي، (5) صحيح بخاريءَ جي شرح قسطلانيءَ جو اختصار، جيڪو 12 جلدن تي مشتمل آهي، (6) -تفسير- مدارڪ جو اختصار، جيڪو پنهنجن ٻن پٽن عبدالله ۽ رحمت -الله- لاءِ لکيائين، (7) اسامي رجال صحيح بخاري، (8) رياض الصالحين. هن صوفي بزرگ جي وفات 1004ھه بمطابق 1595ع ۾ ٿي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -پاٽائي محمد طاهر بن يوسف- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

پاٽائي محمد طاهر بن يوسف - مان نڪتل ٻيون شاخون-


عالم - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي
آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي
الياس عطار قادري
ابڙو اضعف ھالائي
امام ترمذي
امام غزالي رحه
امام مسعود سنڌي
ابن تيميه
ابن هشام
آخوند قاضي ميان اسماعيل
ابوالحسن ٺٽوي مخدوم
ابوالحسن ڏاهري
ابوالحسن صغير
آخوند محمد بچل انور
ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي
آريجو غلام محمد
ايل وي پرانچبي
ايم جي ٺاڪر
ابن رشد
ابنِ مقله بيضاوي
ابوالحسن صغي
ابو سعيد قاضي
بگو شير درگاهه
براهوئي علامه حاجي محمد عمر دين پوري
ٻاگهلائي علي محمد مولوي
احمد بن محمد المنصوري
امتياز خان حسين اصفهاني خالص
امروٽي محمد شاهه
ٺٽوي مخدوم محمد معين
ثقفي موسيٰ بن يعقوب
ثناءَ الله پاڻيپتي قاضي
ٺٽوي ابراهيم قاضي
ٺٽوي حافظ ابراهيم
ٺٽوي حسين شاهه مراد شيرازي
ٺٽوي سيد منصور
ترمذي
ٺٽوي شيخ طيب
ٺٽوي قاضي محمد جعفري
ٺٽوي مخدوم آدم نقشبندي
ٺٽوي مخدوم ضياءُالدين
ٺٽوي مخدوم محمد صادق
ڀنڀرو محمد عثمان
تاج محمود امروٽي
تاج محمد رضائي
ٿانوي اشرف علي مو لانا
تارڪ محمد هدايت علي نجفي
پاٽائي دين محمد مخدوم
پاٽائي شيخ جندالله
پاٽائي شيخ طيب سنڌي
پاٽائي شيخ معروف
پاٽائي قـاسـم سـنڌي
پاٽائي محمود صديقي
پاٽائي محمد طاهر بن يوسف
پاٽائي مخدوم حسن الله صديقي
پاٽائي مخدوم عباس
پاٽائي مخدوم فضل الله
پاٽائي مخدوم فضل الله جي پاٽ واري درسگاهه
پير عبدالرحمان
پيرغلام رسول سرهندي
پير ڪرم الله انصاري دلبر سائين
پير مانڪي شريف
پير محمد هالائي
جامي مولانا عبدالرحمان
جان محمد عباسي مولانا
جعفر مخدوم بوبڪائي
پائلا
جنيد بغدادي
جوناٿن مارڪ ڪناير


.....عالم موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن