داخلا ؛ 6867
پڙهيو ويو ؛ 310
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-05-31


تصويرون




ٽائيم لائين

پاٽائي مخدوم حسن الله صديقي 1920ع ۾ وفات ڪئي-A.D





sindhianaسنڌيانا--پاٽائي مخدوم حسن الله صديقي

ٽائيٽل ؛ پاٽائي مخدوم حسن الله صديقي


شاخ : عالم

پاٽائي، مخدوم حسن -الله- صديقي: مخدوم حسن -الله- پاٽائي ولد وهب -الله- صديقي پاٽائي، ننڍپڻ ۾ پنهنجي چاچي مخدوم حاجي فضل -الله- وٽ -تعليم- ورتائين، -ان- کان پوءِ آخرين ڪتاب مولانا نور محمد ۽ سندس فرزند مولانا گل محمد شهدادڪوٽي وٽ ختم ڪيائين. سندس همعصر ۽ هم درس عالمن ۾ مولوي محمد حسن حيدرآبادي ۽ مولوي محمد هاشم ڳڙهي ياسيني، مولوي عطاءُ -الله- فيروز شاهي ۽ ٻيا ڪيترا شامل هئا.مخدوم حسن -الله- سموري زندگي درس تدريس ۽ فتويٰ نويسي ۾ گذاري، هن پنهنجي وڏن جي -پاٽ- ۾ قائم ڪيل مدرسي کي زور شور سان هلايو، جنهن مان ڪيترا شاگرد فائدو حاصل ڪري ويا، هي هڪ وڏو عالم، متڪلم، مناظر ۽ محقق فقيهه هو. گهڻو ڪري پنهنجي خانداني عالمن جي فتويٰ ۽ راءِ تي هلندو هو. سندس ڏاڏي مخدوم عبدالواحد سيوستانيءَ جي لکيل ’بياض واحدي‘ جي قولن کي ترجيح ڏيندو هو. هندستان جي دارالحرب هئڻ جو قائل هو، تنهنڪري سندس مولوي محمد هاشم ڳڙهي ياسين واري سان زبردست تحريري مناظرا رهيا، جو هو هندستان جي دارالسلام جو قائل هو، اهڙيءَ ريت مولانا عطاءُ -الله- فيروز شاهيءَ سان به هن جا تحريري بحث -جاري- رهيا. نوشهري فيروز جي مشهور قاضي محمد عالم -اهل- حديث سان ۽ مٽيارين جي فقير محمد محدث سان به ڪِن مسئلن تي هن جو تحريري رد ڪد هلندو رهيو. هو تحصيل علم توڙي درس تدريس جي سانگي جدا جدا شهرن ۾ به رهيو، -جن- ۾ درٻيلو ۽ مٽياري شامل آهن، -جتي- وٽانئس هيٺين نامور عالمن فيض حاصل ڪيو: (1) مـولـوي محمـد صديق سـيتـائي، (2) مولوي خير محمد جوڻيجو،(3) مولوي معين الدين سيوستاني، (4) مخدوم بصرالدين سيوهاڻي، (5) مولانا علامه عمر جتوئي، (6) مولوي سيد شهاب الدين هالاڻيءَ وارو، (7) مخدوم محمد دائود -آگرو- درٻيلائي، ۽ (8) پيرزادو غلام مجدد مٽياروي. مخدوم حسن -الله- ٻه دفعا حج جو سفر ڪيو ۽ اتي عبدالحق مهاجر الهه آبادي ۽ ٻين وڏن عالمن سان سندس صحبتون رهيون، حنفي مذهب جو پيروڪار هو، مئل بزرگن کان مدد وٺڻ جو قائل هو، آخر ظهر جي مسئلي تي تمام زور هوس ۽ -ان- بابت سندس مستقل رسالا لکيل آهن، -جن- مان هڪ رسالي جو جواب سيد محمد رشد -الله- جهنڊي واري لکيو آهي. 1326هه/1908ع ۾ مولانا دين محمد وفائي کي مخدوم صاحب جي زيارت جو پهريون دفعو مدرسه دارالفيض ڳوٺ سونو -جتوئي- ۾ شرف حاصل ٿيو. غلام محمد -جتوئي- مخدوم صاحب جو شاگرد رشيد هو ۽ وٽس گهڻو ڪري اچي رهندو هو ۽ سندس -استاد- صاحب جي عظيم الشان ڪتب خاني مان ڪيترن فقهي مسئلن جي اچي -تحقيق- ڪندو هو.1911ع ۾ ڪراچي مان مولوي عبدالڪريم درس جي ذريعي حضور اڪرم صلي -الله- عليه وسلم جي علم غيب جي مسئلي جو هڪ زبردست طوفان کـڙو ٿيـو، جـنـهن ۾ سـنـڌ جا عـلـماءَ ٻن حـصـن ۾ ورهـائجـي ويـا. دارالـرشاد پير جهنڊي ۽ مدرسي مظهر العلوم کڏي ڪراچيءَ جا عالم هن ڳالهه جا قائل هئا ته حضور صلي -الله- عليه وسلم -جن- کي ايتري ڄاڻ آهي، جيترو -الله- تعاليٰ شريعت ۽ مخلوق جي هدايت لاءِ کين سمجهايو هو، پر مولوي درس ۽ ٻيا گهڻا عالم چئي رهيا هئا ته حضور صلي -الله- عليه وسلم -جن- کي ڪلي جزي ۽ ماڪان و مايڪون (جيڪي ٿيو آهي ۽ جو ڪجهه آئيندي ٿيندو) تنهن سڀ جي ڄاڻ آهي. علامه سيد -اسد- -الله- شاهه ٽکڙائي به درس -پارٽي- سان شامل هو، پير حاجي غلام مجدد متعلوي جي استدعا تي مخدوم حسن الله، مدرسه سوني -جتوئي- ۽ مولانا دين محمد وفائي جي موجودگيءَ ۾ انهيءَ سوال تي هڪ رسالو لکيو، جنهن جو نالو ’نور العينين في -اثبات- علم الغيب السيد الثقلين‘رکيو ويو، انهيءَ کي درس -پارٽي- جي علمائن ڏاڍو پسند ڪيو. -ان- کان پـوءِ سـتـت ئـي قـاضـي هـدايـت -الله- مـتـعـلـوي جـي ڪـتـاب’ڪواڪب السعادت‘ تي جهڳڙو پيدا ٿيو، جنهن ۾ -ان- صاحب ڪي گٿا گفتا استعمال ڪيا هئا، انهي رسالي جي رد ۾ حاجي احمد -بن- فضل محمد علوي ابڙي ’تحفة اولي الالباب في الرد علي طاعن الاصحاب‘ لکيو، جيڪو ڪراچيءَ مان شايع ٿيو، اهو رسالو به ڳوٺ سوني -جتوئي- ۾ ڪيترن ئي ڪتابن جي حوالن مان لکيو ويو. مخدوم صاحب ڏاڍو تکو لکندڙ هو ۽ ڪنهن به سوال تي جيستائين متقدمين مان ڪو تائيدي حوالو نه ملندو هوس تيستائين اڳتي نه وڌندو هو، نقش -بندي- طريقي جا ذڪر اذڪار به -جاري- هئا ته ’دلائل الخيرات‘،’قرآن شريف ورد‘ ۽ ’قصيده برده‘ به روزانو پڙهندو هو، گهڻو ڪري نماز ۾ پيش -امام- نه ٿيندو هو، پنهنجي ڪنهن شاگرد جي پويان نماز پڙهندو هو. مدرسه دارالفيوض سوني -جتوئي- ۾ مولانا دين محمد وفائي جي دستاربندي وقت اتي موجود هو ۽ کيس پنهنجي هٿن سان دستاربندي ڪرايائين، هن سال 1339هه/1920ع ۾ وفات ڪئي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -پاٽائي مخدوم حسن الله صديقي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

پاٽائي مخدوم حسن الله صديقي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


عالم - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي
آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي
الياس عطار قادري
ابڙو اضعف ھالائي
امام ترمذي
امام غزالي رحه
امام مسعود سنڌي
ابن تيميه
ابن هشام
آخوند قاضي ميان اسماعيل
ابوالحسن ٺٽوي مخدوم
ابوالحسن ڏاهري
ابوالحسن صغير
آخوند محمد بچل انور
ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي
آريجو غلام محمد
ايل وي پرانچبي
ايم جي ٺاڪر
ابن رشد
ابنِ مقله بيضاوي
ابوالحسن صغي
ابو سعيد قاضي
بگو شير درگاهه
براهوئي علامه حاجي محمد عمر دين پوري
ٻاگهلائي علي محمد مولوي
احمد بن محمد المنصوري
امتياز خان حسين اصفهاني خالص
امروٽي محمد شاهه
ٺٽوي مخدوم محمد معين
ثقفي موسيٰ بن يعقوب
ثناءَ الله پاڻيپتي قاضي
ٺٽوي ابراهيم قاضي
ٺٽوي حافظ ابراهيم
ٺٽوي حسين شاهه مراد شيرازي
ٺٽوي سيد منصور
ترمذي
ٺٽوي شيخ طيب
ٺٽوي قاضي محمد جعفري
ٺٽوي مخدوم آدم نقشبندي
ٺٽوي مخدوم ضياءُالدين
ٺٽوي مخدوم محمد صادق
ڀنڀرو محمد عثمان
تاج محمود امروٽي
تاج محمد رضائي
ٿانوي اشرف علي مو لانا
تارڪ محمد هدايت علي نجفي
پاٽائي دين محمد مخدوم
پاٽائي شيخ جندالله
پاٽائي شيخ طيب سنڌي
پاٽائي شيخ معروف
پاٽائي قـاسـم سـنڌي
پاٽائي محمود صديقي
پاٽائي محمد طاهر بن يوسف
پاٽائي مخدوم حسن الله صديقي
پاٽائي مخدوم عباس
پاٽائي مخدوم فضل الله
پاٽائي مخدوم فضل الله جي پاٽ واري درسگاهه
پير عبدالرحمان
پيرغلام رسول سرهندي
پير ڪرم الله انصاري دلبر سائين
پير مانڪي شريف
پير محمد هالائي
جامي مولانا عبدالرحمان
جان محمد عباسي مولانا
جعفر مخدوم بوبڪائي
پائلا
جنيد بغدادي
جوناٿن مارڪ ڪناير


.....عالم موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن