داخلا نمبر 6865
عنوان پاٽائي محمود صديقي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 198 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا جلد ٽيون

پاٽائي محمود صديقي

پاٽائي، محمود صديق جي درسگاهه ”محموديه“: علامه محمود صديقي جي ولادت ۽ خانداني بزرگي بابت روايتون آهن ته مغل بادشاهن طرفان پاٽ ۽ سيوهڻ جا قاضي دهليءَ مان سنڌ ۾ موڪليا ويا هئا. علامه فضل الله ۽ مولانا حاجي حسن الله سيوهڻ مان لڏي اچي پاٽ ۾ سڪونت پذير ٿيا. حاجي فضل الله عارف بالله يگانو عالم هو. سندس صاحبزادو نظام الدين به درويش ۽ عالم هو. سندس صاحبزادو نظام الدين به درويش ۽ عالم هو، سندس سلسلو شيخ شهاب الدين سهروردي سان ملي ٿو. مولانا محمود جو والد ميان محمد صالح به عالم، مفتي ۽ صوفي هو، حضرت عنايت الله رامپوري جو خليفو هو، علامه محمود کي مولانا نظام الدين جي گادي تي ويهاريو ويو ۽ اهو فيض سندس خاندان ۾ بيشڪ رهيو. ميان محمود ابتدائي ڪتاب حاجي حسن الله وٽ پڙهيو، پوءِ ٽونڪ ۾ مولانا حڪيم برڪات احمد وٽ پڙهڻ ويو، اتي ڪافي زمانو رهيو، ان بعد اجمير ۾ مولانا معين الدين وٽ به پڙهيو ۽ دستاربندي غالباً حڪيم صاحب وٽ ڪيائين. مولانا عبدالقادر لغاري جي روايت آهي ته صاحبزادو محمود ڪجهه وقت پير جهنڊي ۾ به مولانا عبيدالله سنڌيءَ کان پڙهندو رهيو، کيس مولانا جي تعليم ڏاڍي پسند آهي، پر مولانا سنڌي ٻين ڪتابن کي ڇڏي رڳو قرآن، موطا ۽ حجت الله البالغه پڙهائڻ شروع ڪيا، ان ڪري مولانا محمود هليو ويو. معقول ۾ سندس بينظير مهارت هئي، فقهه، حديث ۽ تفسير ۾ به قابل هو. مولانا موصوف جو چوڻ آهي ته ”طالب علمي ۾ مون کي هي سوداءُ ٿيو ته ذهن ڪيئن وڌي؟ بلغمي ماڻهو ذهين نه ٿيندو آهي، بلغم وڌندو آهي، پاڻي پيئڻ سان ۽ پاڻي پيئڻ جي ضرورت ٿيندي آهي، ماني کائڻ سان، انهيءَ ڪري ماني ٿوري کائيندو هوس، پر ان هوندي به اڃ ته ضرور لڳندي هئي، سو برابر ٽي سال پاڻي پيئڻ ڇڏي ڏنم ۽ پاڻي جي بجاءِ چانهه پيئندوهوس. مولانا محمود دائم المريض هو. سندس غير معمولي قابليت ڪري فارغ التحصيل عالم به وٽس پڙهڻ ايندا هئا. مولانا عبدالحڪيم شاهل ستائي تعلقي شڪارپور وارو جيڪو اتر سنڌ جي گهڻن عالمن جو استاد هو، اهو به پاٽ ۾ صاحبزاده محمود صاحب وٽ معقول جا ڪجهه ڪتاب پڙهيو، وٽس سارو نصاب باقاعدي ٻن ڀائرن پڙهيو. مولوي محمد اسماعيل لانگاهه ۽ مولوي غلام محمد لانگاهه رتي ديري جا ويٺل هئا. مولانا محمود صاحب يوناني حڪمت جو ماهر هو، صوفي صافي هو، مولانا اشرف علي ٿانوي جو به مريد هو، پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ مولانا عنايت الله رامپوري وٽ ڇهه مهينا رهيو ۽ اتي ذڪر فڪر ڪري خلافت وٺي آيو. سـنـدس عـربي درسـگاهه محمـوديه ۾ مولانا دين محمد ’اديب‘ وٽس ’مهديه سعيديه‘ ۽ شرح هدايت الحڪمت خيرآباد پڙهيا، پنهنجي فرزند کي درس نظامي جا سبق بند ڪرائي مولانا اشرف علي جا مواعظ پڙهيائين. چوندو هو ته ديوبند جي بزرگن جو علم ’ڪاالشمس في نصف النهار‘ (منجهند جي سج جهـڙو) آهـي، آخري عـمـر ۾ فقط مولانا ٿانويءَ جا مواعظ ’التبليغ‘ ۽ ’النور‘ گهرائيندو هو. پاڻ عربي ۽ فارسي جو اديب به هو، عربي ۾ شرح مولف مورڪام تي هڪ ڪتاب به لکيو اٿس، پنجاهه ورهين جي ڄمار ۾ آچر ڏينهن 29 جمادي الآخر 1351هه / 1932ع ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

پاٽائي محمود صديقي آچر ڏينهن 1932ع ۾ وفات ڪئي  عيسوي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون