داخلا ؛ 6875
پڙهيو ويو ؛ 227
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-06-04


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--پاٽائي يوسف سنڌ

ٽائيٽل ؛ پاٽائي يوسف سنڌ


شاخ : شخصيت

پاٽائي، يوسف سنڌي: شيخ -اسلام- يوسف سنڌي ولد مخدوم رڪن الدين صديقي پاٽائيءَ جو -جنم- 910هه/ 1504ع ۾ ٿيو. سمن جي صاحبي واري زماني ۾ -پاٽ- ۾ -تصوف- جي سهروردي سلسلي جي -اشاعت- ۾ هن بزرگ جو سرڪردو ڪردار نظر اچي ٿو. پاٽائي يوسف سنڌيءَ جون خانقاهون پنهنجي دؤر جي ٻين همعصر مرڪزن کان وڌيڪ موثر نظر اچن ٿيون. هن بزرگ ۽ سندس فرزندن سنڌ، پنجاب ۽ هندستان جي مختلف علائقن ۾ پنهنجي مسلڪ جي پرچار لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ عوام کي -تعليم- ڏني. هيءُ بزرگ اصل ۾ سهروردي طريقي جي بزرگ شيخ عمر -بن- محمد شهاب الدين (1235ع) جي لڇ مان هو. مخدوم -بلاول- ۽ سندس ساٿين جي شهيد ٿيڻ ۽ سمن جي سلطنت تي ارغونن جي حملي جي ڪري سنڌ ۾ صوفي سلسلي جي خانقاهن سميت سندن خانقاهن لاءِ خطرو محسوس ٿيو ۽ مجبوراً 1542ع ۾ کيس -پاٽ- مان لڏي -اجمير- شريف جي -اتر- ۾ ناگور ۾ اچي سڪونت اختيار ڪرڻي پئي. -جتي- به پاڻ درس و تدريس -جاري- رکيائين ۽ علم ۽ حلم جي ڪري سنڌ خواهه هند ۾ وڏي فضيلت وارو ليکجڻ ۾ آيو. مجموعي طور 20 حج ڪيائين. شاهه حسن -ارغون- سنڌ تي حملو ڪري جڏهن پنهنجو اقتدار ڄمايو ته -ان- هن بزرگ جون جاگيرون، جيڪي خانقاهن هلائڻ جو اهم ذريعو هيون، سي بحال نه ڪيون ۽ اٽلندو کيس ايذايو ويو. ناگور ۾ رهڻ دوران شيخ خضر سيوهاڻي سندس ارادت ۾ داخل ٿيو. مخدوم نوح سرور به سندس صحبتي ۽ هم درس هو. ڪافي عرصو ناگور ۾ رهڻ بعد شيخ يوسف سنڌي پنهنجي ٻنهي فرزندن شيخ طاهر يوسف محدث ۽ شيخ طيب يوسف سان گڏجي شيخ شهاب الدين واصل جي ڳوٺ کان سڌو گجرات جي شهر ”ڀروچ“ ۾ پهتو ته جيئن همايون -بادشاهه- لاءِ سندس مرشد، شيخ محمد غوث گوالياريءَ کان تعارفي خط وٺي سگهي.شيخ -اسلام- يوسف سنڌيءَ جا ٽي پٽ شيخ طاهر، شيخ طيب ۽ شيخ قاسم به پنهنجي دؤر ۾ وڏي فضيلت ۽ وڏي مقام وارا بزرگ بڻيا ۽ ماڻهن کي حق جي -تعليم- ڏنائون. شيخ يوسف جي -ٽن- پٽن جو ذڪر دستياب شجرن ۽ تذڪرن ۾ موجود آهي. پر ڊاڪٽر حبيب -الله- صديقي جي ڪـتـاب’تاريخ -باب الاسلام- سنڌ‘ (ص: 187) ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”تاهم هڪ گمان موجود آهي ته شيخ موصوف کي چوٿون فرزند نالي -جلال- عرف جمال هو، جنهن جو فرزند مخدوم عباس، -پاٽ- مان هجرت ڪري هنڱورجا ۾ رهيو.“شيخ يوسف سنڌيءَ جي زماني ۾ -پاٽ- جو شهر امن، سلامتي ۽ خوشحاليءَ وارو شهر ۽ باغن سان جهنجهيل هڪ وڏو واپاري شهر ۽ -بندر- هو. -جتي- شاه حسن -ارغون- حملو ڪري اتي جي خانقاهن کي ڇيهو رسائڻ سان گڏ هن شهر جي سونهن کي اجاڙي برباد ڪيو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -پاٽائي يوسف سنڌ- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

پاٽائي يوسف سنڌ - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن