داخلا ؛ 6894
پڙهيو ويو ؛ 291
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-06-05


تصويرون


patenjar-eldard.gif
پاٽينجر ايلڊرڊ
پاٽينجر ايلڊرڊ



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--پاٽينجر ايلڊرڊ

ٽائيٽل ؛ پاٽينجر ايلڊرڊ


شاخ : شخصيت

پاٽينجر ايلڊرڊ (Pottinger Eldered ):ايلڊرڊ پاٽينجر، 12 -آگسٽ- 1811ع تي مائونٽ پاٽيجر جي گهر ۾ ڄائو. -تعليم- کان پوءِ فوجي نوڪريءَ سانگي بمبئيءَ جي توبخاني ۾ ڀرتي ٿي هندستان آيو. 1827ع ۾ پنهنجي چاچي هينري پاٽينجر جي مددگار جي حيثيت ۾ سنڌ جي سياسي معاملن لاءِ مکيه عملدار (جاسوس) مقرر ٿيو. 1837ع ۾ کيس وچ -اوڀر- ڏانهن اُماڻيو ويو. ائين گھمندو ڦرندو پڇاڙيءَ ۾ ڪابل ۾ گھوڙن جو سوداگر ٿي آيو، پوءِ روحاني بزرگ (شعبدي باز) بڻجي، 1837ع جي آخر ۾ هرات ويو. انهيءَ زماني ۾ -ايران- جي قاچاري حڪمران (1837ع کان 1838ع) تائين هرات شهر کي گھيري ۾ آندو، پاٽنجر هن سموري عرصي ۾ شهرين جي مدد سان هرات جي بچاءَ لاءِ وڏا جتن ڪيا، -ان- ڪري هندستان جي -انگريز- حڪومت کيس هرات ۾ سياسي نمائندو مقرر ڪيو. 1841ع ۾ جڏهن پهرين افغان -جنگ- لڳي ته پاٽنجر ڪابل جي -اتر- ڪوهستان ۾ هو. ڪابل جي ماڻهن جي -بغاوت- وقت اتان ڀڄي جند ڇڏايائين. -انگريز- لشڪر جي سربراهن جڏهن پاٽنجر جي صلاح جي ابتڙ افغان قوم پرستن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا ته پاٽنجر -ٽن- ماڻهن سان گڏ وزير محمد اڪبر خان وٽ يرغمال ٿيو ۽ 9 مهينا نظربند رهيو. آخر سيپٽمبر 1842ع ڌاري جنرل -پالڪ- کيس اچي اتان ڇڏايو. 1842ع ۽ 1843ع ۾ هن کي هڪ جاچ ڪميٽيءَ جي حوالي ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته هن -افغانستان- ۾ هڪ معاهدي جي ڪوشش ۾ اڻويهه لک روپيا خرچ ڪيا هئا، پر -ان- جاچ مان آزاد ٿي ويو، -ان- کانپوءِ هيءُ پنهنجي چاچي سان ملڻ لاءِ چين ويو ۽ 15 نومبر 1843ع تي هانگ ڪانگ ۾ وفات ڪيائين.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -پاٽينجر ايلڊرڊ- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

پاٽينجر ايلڊرڊ - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن