داخلا نمبر 6908
عنوان پاپائيت
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 109 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا جلد ٽيون

پاپائيت

پاپائيت: پوپُ رومن ڪئٿولڪ عيسائين جو مذهبي اڳواڻ تصور ڪيو ويندو آهي . شروع ۾ پوپ کي ملڪي حالتن ۾ مداخلت ڪرڻ جو مڪمل قانوني حق حاصل هوندو هو ، جيڪو بعد ۾ ختم ٿي ويو . رومن ڪئٿولڪ وارن جو چوڻ آهي ته مقدس پطرس ، جيڪو حضرت مسيح جو ويجهو ساٿي هو ، روم ۾ اچي عيسائيت جي تبليغ ڪئي هئي ۽ پاڻ پوپ ٿي ويٺو هو ، تنهنڪري پوپ کي ملڪي معاملن ۽ ڪليسا ٻنهي جي تعمير ۽ تنظيم جو ڪم سونپيل هوندو هو . پوپ جي تسلط کي پاپائيت چئبو آهي . هن وقت پاپائيت جو مرڪز ” وئٽيڪن سٽي “ آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو