داخلا نمبر 6957
عنوان پاپولر يونٽي
شاخ سياسي پارٽيون
پڙهيو ويو 135 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا جلد ٽيون

پاپولر يونٽي

پاپولر يونٽي: پاپولر يونٽي، لئٽن آمريڪا (South Amrica) جي هڪ ملڪ ’چليءَ‘ (Chile) جي کاٻي ڌر جي سياسي پارٽين جي گڏيل حڪومت (Collection Govt:) ۽ سياسي اتحاد جو نالو آهي، جنهن چليءَ تي 1970ع کان 1973ع تائين حڪومت ڪئي. انهيءَ سياسي اتحاد ۾ چليءَ جون پنج پارٽيون، سوشلسٽ پارٽي، ڪميونسٽ پارٽي، ريڊيڪل پارٽي، سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۽ ميپو (Mepu: Marimiento De Accion Popular Unitario) شامل هيون. هن گڏيل حڪومت جو سربراهه سلواڊور آلندي گوسنس (Salvador Allende Gossens) هو، جيڪو سماج وادي ۽ ساميه وادي (Socialist and Marxist) نظرئي جو پوئلڳ هو، آلندي کي صدر بنائڻ لاءِ ڪرسچئن ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ به مشروط حمايت ڪئي هئي، اڳتي هلي هن پارٽيءَ ساڄي ڌر جي آمريڪا نواز سياسي قوتن جو ساٿ ڏنو ۽ ’پاپولر يونٽي جي حڪومت‘ ختم ڪرڻ لاءِ منفي ماحول جوڙڻ لاءِ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، ان جو مکيه ڪارڻ ’صدر آلندي‘ جون چليءَ لاءِ معاشي رٿابنديون هيون، جن جا 6 نڪتا هئا: ملڪ جي اقتصادي تاڃي پيٽي ۾ انقلابي تبديليون آڻڻ ۽ وڏين ملڪي صنعتن کي قوميائڻ.پورهيت طبقي لاءِ حقيقي اجوري جي ادائگي ۽ مهانگائي گھٽ ڪرڻ لاءِ اُپاءُ وٺڻ.ماڻهن جي خريداري سگهه ۾ واڌارو آڻڻ ۽ کاپي جي مد ۾ واڌ آڻڻ.ٻين ملڪن تي اقتصادي طرح ڀاڙڻ وارو سلسلو بند ڪرڻ ۽ پاڻ تي ڀاڙڻ واري پاليسيءَ تي عمل ڪرڻ.آلندي حڪومت انهن اصولن پٽاندر ڪيترين ئي گھڻ قومي ڪمپنين (Multi National Organizations) تي بندش وڌي ۽ ڪن ڪمپنين جا اڳوڻا معاهدا رد ڪري کين نوان معاهدا ڪرڻ جي آڇ ڪئي. اهڙي سياسي عمل جي ڪري اتر آمريڪا جي جانسن حڪومت هن سان ناراض ٿي پئي. ان کان سواءِ آلندي حڪومت بنا ڪنهن ڳجهي رپورٽ وٺڻ جي جنرل آگسٽو پنوشي کي تڪڙيون ترقيون ڏنيون، جنهنڪري هُن جي فوج ۾ سياسي مقصد رکندڙ گروپ جا فوجي ارادا وڌي ويا ۽ هن فوجي راتاهو هڻي، 7 ڊسمبر 1974ع تي چليءَ جي عوامي حڪومت کي ڊاهي ڇڏيو، هن صدارتي محل ”لاموينڊا“ (La Monida) تي حملو ڪيو ۽ صدر آلندي کي قتل ڪرائي ڇڏيو، جڏهن ته سرڪاري سطح تي اهو هلايو ويو ته آلندي خودڪشي ڪئي آهي. ان ريت چليءَ مان جمهوري حڪومت جو 17 سالن وارو دور ختم ٿيو ۽ چليءَ تي ٽن ڏهاڪن تائين فوجي راڄ جي ظالماڻي ڪاري رات ڇانئجي ويئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو