داخلا نمبر 7448
عنوان پاڪ پتڻ
شاخ جاگرافي ۽ ماڳ مڪان
پڙهيو ويو 181 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊياسنڌيانا جلد ٽيون

پاڪ پتڻ

پاڪ پتڻ: پاڪ پتڻ جو قديم نالو ’اجوڌن‘ (ايوڌن) آهي. هن شهر جو بابا فريد گنج شڪر جي ڪري هڪ خاص مقام آهي. پاڪ پتڻ لاهور کان ڏکڻ اولهه طرف 175- 180 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. پاڪ پتڻ جي اتر اوڀر ۾ اوڪاڙه، اتر اولهه ۾ ساهيوال، ڏکڻ ۾ بهاول نگر ۽ ستلج ندي، جڏهن ته ڏکڻ اولهه ۾ واهاڙي آهي. تاريخ تي گهَري نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته پاڪ پتڻ جي تاريخي، علمي ۽ سماجي زندگيءَ کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. ڇو ته هن علائقي کي تمدني مرڪزيت حاصل آهي. سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب کي ڏسڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته هڙپا، پاڪ پتڻ کان ڪجهه ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. ٻئي پاسي قديم تاريخي شهر ديپالپور هئڻ ڪري پاڪ پتڻ جي تاريخ منفرد رهي آهي. پاڪ پتڻ جي جاگرافيائي اهميت کي تاريخدانن ۽ محققن خاص اهميت ڏني آهي. ننڍي کنڊ جي دولتمند، ترقي يافته، سياسي سماجي، معاشي، فوجي ۽ مذهبي مرڪزيت جي حامل هن شهر خاص ڪري تخت دهليءَ ۽ تخت ملتان جي وچ ۾ مرڪزي شهر ۽ گذرگاهه هئڻ ڪري اڪثر بادشاهه، عالم، ديني بزرگ، جنگجو ۽ مختلف مڪتبهءِ فڪر جا ماڻهو هتي ايندا رهيا. يارهين صدي عيسويءَ ۾ محمود غزنويءَ ننڍي کنڊ تي حملو ڪري، هتي پهرين اسلامي حڪومت قائم ڪئي. پاڪ پتڻ جي سلسليوار تاريخ سڀ کان پهرين سبڪتگين (افغان حاڪم) کان شروع ٿي، جيڪو 78-977ع ۾ هتي آيو. هن کان پوءِ 81-1979ع ۾ ابراهيم غزنوي هتي آيو ۽ هتي قلعي تعمير ڪرائڻ کان سواءِ ٻيا به ڪيترا ترقياتي ڪم ڪرايا. تيرهين صدي عيسويءَ ۾ بابا فريد شڪر گنج هتي آيو ۽ دين ۽ دنيا جي تبليغ ڪيائين. بابا فريد 5 محرم الحرام 664 هه/ 17 آڪٽوبر 1285ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. سندس دور ۾ اجوڌن (ايوڌن)، پاڪ پتڻ بڻيو ۽ علم دانش جو گهَوارو ٿيو ۽ تاريخ جو حصو بڻيو. غوري، غلام گهراڻي ۽ بلبن خاندان، خلجي دور، تغلق دور، امير تيمور جي حڪمراني، سادات خاندان جي حڪمراني، مغليه دور، شير شاهه سوريءَ جي حڪمراني، راجپوت خاندان جي حڪمرانيءَ جو دور، سکن جو دور، احمد شاهه ابداليءَ جي جانشين زمان شاهه انگريز دور کان وٺي پاڪستاني حڪومت تائين سمورن دورن جي حاڪمن، پاڪ پتڻ کي هڪ خاص حيثيت ڏني. 1849ع ۾ انگريزن پنجاب تي قبضي کان پوءِ پاڪ پتڻ جي تاريخي اهميت ڏسندي، ان کي ضلعي جي حيثيت ڏني. لاهور ۽ ملتان جي وچ ۾ صرف هڪ هي ضلعو هو، جتي انگريزن سُٺيون آفيسون ٺهرايون، جن کي اڄڪلهه ڪالوني ايريا سڏيو وڃي ٿو. 1920ع ۾ ٻه ڪئنال، اپر ڪئنال ۽ لووَر ڪئنال پاڪ پتڻ شهر جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي سؤ ڪلوميٽر ڊگها ٺهرائي، زراعت کي ترقي ڏياري وئي. 1925ع ۾ انگريزن هتي فيرورزپور، قصور، حويلي، خانيوال، ميلسي ۽ بهاولپور سان گڏ وڏي ريلوي اسٽيشن قائم ڪئي. 1852ع ۾ هن جي ضلعي حيثيت ختم ڪري، ان کي تعلقو بنايو ويو. 1873ع ۾ ان کي ساهيوال جو تعلقو بنايو ويو، جڏهن ته 1991ع ۾ پنجاب جي اڳوڻي وزيراعليٰ نوازشريف پاڪ پتڻ کي ضلعي جي حيثيت ڏني ۽ هي ضلعو ٻن تعلقن: ضلعي هيڊڪوارٽر پاڪ پتڻ ۽ تعلقي عارف والا تي مشتمل آهي. پاڪ پتڻ پهرين پنجاب صوبي جي ضلعي ساهيوال جو مشهور شهر ۽ تعلقو رهيو هو. هيءُ ستلج درياهه جي ساڄي ڪپ کان اٺ ميل پري واقع آهي. هن هنڌ کي بابا فريد گنج شڪر جي نسبت سان خاص شهرت حاصل آهي. بابا فريد گنج شڪر پنهنجي وصال تائين هن علائقي ۾ رهيو ۽ اتي سندس تبليغ جي ڪري، پنجاب جي وڏن قبيلن، خاص ڪري سيالن ۽ راجپوتن، اسلام قبول ڪيو. بابا فريد جي مزار تي ماڻهو پري پري کان زيارت لاءِ ايندا آهن. هن شهر کي قديم زماني کان تاريخي حيثيت حاصل آهي. هيءُ شهر ”چالوڪيا“ خاندان جي راجائن جي گاديءَ جو هنڌ رهيو آهي. اڪبر بادشاهه، بابا فريد گنج شڪر جي مزار جي ڪري، کيس ”پاڪ پتڻ“ جو نالو ڏنو. 326 ق. م ڌاري جڏهن سڪندراعظم هندستان تي ڪاهه ڪئي، ته ان زماني ۾ هتي ”سوارڪا“ قوم جا ماڻهو رهندڙ هئا. سوارڪا بهادر قوم هئي، هنن سڪندراعظم جو اهڙو ته دليريءَ سان مقابلو ڪيو، جو هو سندن علائقي کان اڳتي وڌڻ جي همت نه ڪري سگهيو. اجوڌن شهر ۾ هڪ مضبوط قلعو هو، جيڪو سبڪتگين 977ع يا 978ع ڌاري پنهنجي قبضي ۾ آندو. غزني گهراڻي جو هڪ ٻيو بادشاهه ابراهيم به ڪجهه عرصي تائين هن قلعي تي قابض رهيو. 1398ع ۾ جڏهن امير تيمور هندستان تي ڪاهه ڪئي ته هتي جا اڪثر ماڻهو شهر خالي ڪري نڪري ويا ۽ ڪي ٿورا ماڻهو پاڪ پتڻ ۾ باقي رهجي ويا. امير تيمور، بابا فريد گنج شڪر جي احترام ۾ سندس جان بخش ڪري ڇڏي. چون ٿا ته جڏهن بابا فريد اجوڌن آيو هو ته هڪ هندو جوڳي ”بيرناٿ“ سندس سخت مخالفت شروع ڪري ڏني، پر سندس روحاني اثر ڪري اهو جوڳي اڳتي هلي مسلمان ٿيو، جيڪو پوءِ ’پيرڪمال‘ جي نالي سان سڃاپجڻ لڳو. ان واقعي کان پوءِ بابا فريد مستقل طور تي اجوڌن ۾ رهائش اختيار ڪئي. غازي بيگ تغلق، جيڪو بعد ۾ سلطان غياث الدين تغلق جي لقب سان دهليءَ جو بادشاهه بڻيو ۽ تغلق گهراڻي جو باني ليکيو ويو، ان بابت روايت آهي ته اهو بابا فريد جي دعا سان، پهرين ملتان جو گورنر ۽ پوءِ دهليءَ جو بادشاهه بڻيو. امير تيمور جي زماني تائين عام ماڻهو هن شهر کي اجوڌن ئي چوندا رهيا، پر مسلمانن ۾ ’پاڪ پتڻ‘ نالو ئي رائج رهيو. بعد جي زماني ۾ اجوڌن جو نالو نه ٿو ملي. اڪبر جي دؤر ۾ به هن شهر کي پاڪ پتڻ ئي لکيو ويو آهي. پاڪ پتڻ ۾ هر سال محرم مهيني جي چوٿين تاريخ کان بابا فريد جو عرس وڏي شان ۽ مان سان ملهايو وڃي ٿو ۽ زائرين پري پري کان لکن جي تعداد ۾ اچي، سندس درگاهه تي حاضر ٿيندا آهن. 1398ع ۾ امير تيمور ملتان فتح ڪيو ته پاڪ پتڻ تي به لشڪر ڪشي ڪيائين. ڪنهن زماني ۾ پاڪ پتڻ جي حيثيت هڪ واپاري شهر جي هئي. 1868ع ۾ هتي ميونسپالٽي قائم ڪئي وئي. هتي ”لاک“ ٺاهڻ جي صنعت گهڻي مشهور آهي. هيءُ شهر عمدي ڪپڙي جي اڻاوت جو مرڪز رهيو آهي. هتان جون گوڏون ۽ کيس مشهور آهن. موجوده پاڪپتن ايڏو سهڻو شهر ڪونهي. شهر جي چوڌاري ڪا فصيل (ديوار) به ڪانهي، ان جون بازارون سوڙهيون آهن. پاڪستان کان اڳ شهر ۾ کتري، اروڙا ۽ برهمڻ رهندا هئا، مسلمانن ۾ آرائين، قريشي، چشتي ۽ سيد آباد هئا. ورهاڱي کان پوءِ اُتي هندستان مان لڏي آيل مسلمان گهڻي تعداد ۾ آباد ٿي ويا آهن. هن شهر جا ڪاريگر ڪاٺ جي ڪم، رانديڪن، گوڏ جي ڪپڙي ۽ بستري جي چادرن ٺاهڻ جي ڪري مشهور آهن. شهر کي چار تاريخي دروازا آهن. سن 712ع کان 1526ع تائين جي اسلامي دؤر ۾ به هن علائقي کي گهڻي اهميت حاصل رهي. ديني تبليغ لاءِ ڪيتريون هستيون پاڪ پتڻ ۾ آيون، جهڙوڪ: حضرت خواجه عبدالعزيز مڪي، اسلام جو پهريون قلندر هو، جو پاڪ پتڻ ۾ پنهنجن ساٿين سميت شهيد ٿيو هو. اهو هنڌ ”گنج شهيدان“ جي نالي سان مشهور هو، جيڪو بعد ۾ ”گودڙي حضرت بابا فريد“ سڏجڻ لڳو. بابا فريد گنج شڪر پنهنجي مرشد حضرت خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪيءَ جي لاڏاڻي کان پوءِ پاڪپتن ۾ آيو. ”تغلق مسجد“ به هن شهر جي تاريخ جو هڪ اهم حصو آهي. سکن جي روحاني بزرگ بابا گرونانڪ به هتي قيام ڪيو هو ۽ اُنهيءَ جاءِ کي ”ٽبه نانڪ سر“ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو؛ هتي ئي هن ”گرنٿ صاحب“ لکيو، جنهن ۾ حضرت بابا فريد گنج شڪر جو ڪلام به موجود آهي، ۽ اهوئي سبب آهي، جو سک به حضرت بابا فريد سان خاص مذهبي عقيدت رکن ٿا. اسلامي دؤر حڪومت ۽ خاص ڪري مغلن جي د‌ؤر ۾ پاڪ پتڻ کي جيڪا اهميت حاصل هئي، انگريزن جي ڏينهن ۾ هن علائقي کي اها اهميت نه رهي. پاڪستان جي قيام کان گهڻو پوءِ 1990ع ۾ ”پاڪ پتڻ“ کي ضلعي جي حيثيت ڏني وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو