پاڪستان اڪيڊمي آف سائنسز

پاڪستان اڪيڊمي آف سائنسز: هن اڪيڊميءَ ٺاهڻ جو اعلان نومبر 1947ع تي ڪراچيءَ ۾ پهرين نيشنل ايجوڪيشن ڪانفرنس جي موقعي تي ڪيو ويو هو ۽ ان موقعي تي ناميارا سائنسدان ۽ تعليمي ماهر اِن اڪيڊميءَ جي قيام لاءِ چونڊيا ويا هئا، پر بعد ۾ لاهور ۾ منعقد ٿيل پاڪستان سائنس ڪانفرنس جي پنجين تقريب جي موقعي تي 16 فيبروري 1953ع تي ان وقت جي وزيراعظم خواجا ناظم الدين هن اڪيڊميءَ جو باقاعدي افتتاح ڪيو. 19 فيبروري 1953ع تي ان اڪيڊميءَ جا عهديدار چونڊيا ويا، جن ۾ پروفيسر ايم. افضل حسين (صدر) ۽ ڊاڪٽر ايم. رضي الدين صديقي (سيڪريٽري) چونڊيا ويا. هي غير سرڪاري ۽ غير سياسي ادارو آهي. جنهن اداري کي سرڪار طرفان ملڪ جي ترقيءَ لاءِ سائنسي ڪوششن ۽ ان ۾ درپيش ايندڙ مسئلن جي حل ۽ قومي توڙي بين الاقوامي سطح تي سائنس جي اهميت بابت صلاحڪاري اڪيڊميءَ جو درجو ڏنو ويو آهي. هن اداري جي جنرل باڊيءَ جا 17 ميمبر آهن. هن اداري جا مول ۽ متا هن ريت آهن: ملڪ ۾ معياري سائنسي معلومات ۽ اعليٰ سطحي تعليم کي هٿي وٺرائڻ ۽ تحقيق ڪرڻ. ملڪ ۾ سائنسي ترقيءَ لاءِ معيار طيءِ ڪرڻ ۽ سائنس جي ترقيءَ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندڙ ادارن جي پرک ڪرڻ. سائنسي معلومات تي ٻڌل رسالا، تحقيقي جرنل، مونوگراف، ڪتاب ۽ ٻيو معلوماتي مواد شايع ڪرڻ. ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تي سائنسي تحقيق بابت ڪم ڪندڙ يونين جي وچ ۾ رابطا قائم ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ سائنسي سرگرميون منعقد ڪرڻ ۽ قومي توڙي بين الاقوامي سطح تي سائنسي معلومات بابت گڏجاڻيون منعقد ڪرائڻ. سائنسي تحقيق تي اعزاز، تمغا، انعام ۽ اسڪالرشپس ڏيڻ. سائنسي مسئلن تي حڪومت سان مشاورت ڪرڻ ۽ بين الاقوامي سطح تي پاڪستان ۾ سائنسي ڪم جي نمائندگي ڪرڻ.


لفظ پاڪستان اڪيڊمي آف سائنسزھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو