داخلا نمبر 7710
عنوان پتافي فيض محمد سڪندري
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 90 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊياسنڌيانا جلد ٽيون
پتافي فيض محمد سڪندري

پتافي فيض محمد سڪندري

پتافي فيض محمد سڪندري

پتافي، فيض محمد سڪندري: ڪاتب، ليکڪ ۽ شاعر، فقير فيض محمد سڪندري ولد حمزو پتافي، ڳوٺ بهاول خان پتافي، تعلقي ڏهرڪي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ 15 نومبر 1962ع تي ڄائو. پنج درجا پرائمري پاس ڪرڻ کان پوءِ مدرسه ’جامعه راشديه‘ درگاهه پير جو ڳوٺ ۾ داخل ٿيو. 1983ع ۾ فارغ التحصيل ٿي روزاني مهراڻ حيدرآباد ۾ اچي ڪاتب مقرر ٿيو. اتان ئي سندس علمي، ادبي ۽ فني سفر جي شروعات ٿي. روزاني عبرت، روزنامه سفير، ماهوار هلچل، ماهوار هدايت، ماهوار ’نئين زندگيءَ‘ ۾ به ڪاتب ٿي رهيو. هن 1986ع ۾ تنظيم المدارس اهلسنت لاهور مان سنَد ’شهادة العالميه‘ (ايم. اي) حاصل ڪئي. 1992ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد ۾ ڪاتب/ پروف ريڊر طور مقرر ٿيو. هن وقت ساڳي اداري ۾ ”اڪئڊمڪ پروگرامنگ آفيسر“ هئڻ سان گڏ ”ٽرانسليشن اينڊ ٽرانسليٽريشن بيورو“ جو انچارج آهي. هن سنڌ جي ڪيترن عالمن جي ڪتابن، ڪتابن جي سرورق ۽ مسجدن ۽ مزارن جي ڪتبن ۽ مختلف ادارن جي مونوگرامن جي ڪتابت (خطاطي) ڪري پاڻ مڃايو آهي. ’تفسيرڪنزالايمان‘ (سنڌي ترجمو)، ’بيان الرجمان في ترجمة القرآن‘، ’برڪات الصلواة‘، ’دلائل الخيرات‘، ’متبرڪ وظيفا‘ وغيره سندس ڪتابت جا بهترين نمونا آهن. فيض محمد سڪندري ٽه ماهي ’الفيض‘ حيدرآباد جو ايڊيٽر رهيو آهي. ڪتاب ’فيضان الصلواة‘ جو مؤلف آهي ۽ ماهوار ’الراشد‘ (پير جو ڳوٺ) ۽ ’الهديٰ‘ (شاهپور چاڪر) سان لاڳاپيل آهي. ”سورهيه بادشاهه ادبي فورم“ سنڌ جو ميمبر ۽ جميعت العلماءِ سڪندريه پاڪستان جو تاحيات ميمبر آهي. هو هن وقت ٻولي اٿارٽيءَ طرفان تيار ٿيندڙ ”فارسي- سنڌي لغات“ تي ڪم ڪري رهيو آهي. جنهن جو پهريون جُلد سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان ڇپائيءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي ۽ هن اداري طرفان ڪتاب ”قديم سنڌي مرحيات“ کي جديد صورتخطيءَ ۾ آندو آهي. فيض محمد سڪندري دارالعلوم صبغة الاسلام (شاخ جامع راشديه) قاسم آباد، حيدرآباد جو باني ۽ الفيض دارالاشاعت واسلامي لائبرري، لطيف آباد، حيدرآباد، سنڌ جو 1998ع کان اعزازي انچارج ۽ اشاعتي نگران پڻ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.11.15  عيسوي

فقير فيض محمد سڪندري ولد حمزو پتافي ، ڳوٺ بهاول خان پتافي ، تعلقي ڏهرڪي ، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ 15 نومبر 1962ع تي ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون