داخلا جي تاريخ 2014-07-18
داخلا نمبر 7753
عنوان پتو
شاخ عضوو
پڙهيو ويو 289 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون
پتو

پتو

پتي جي پٿري جي تصوير

پتي جي پٿري جي تصوير

پتو

پتو (Gall Bladder/ Cholecyst ):پتي کي صفريٰ جي ٿيلهي (Cholecyst) به چئبو آهي، پتو ناسپاتي جي شڪل ”Pear-shapped“ جهڙو ٿئي ٿو، جيڪو جيري جي ساڄي پاسي واري خاني جي اندرئين پولار ۾ ٿئي ٿو. هڪ نوجوان (ماڻهو) جي پتي جي ٿيلهي سراسري 7 کان 10 سينٽي ميٽر ڊگهي ۽ 3 سينٽي ميٽر ويڪري ٿئي ٿي، جنهن ٿيلهيءَ ۾ هڪ ئي وقت 30 کان 50 ملي ليٽر صفرا ”Bile“ گڏ ٿيڻ جي گنجائش هوندي آهي ۽ چوويهن ڪلاڪن ۾ جيرو Liver سراسري 1000 ملي ليٽر صفرا پتي ڏي اماڻيندو آهي.پتو ٽن حصن ۾ ورهايل ٿئي ٿو، هڪ پتي جو هيٺيون حصو يعني پتي جو ترو ”Funds“ ٻيو پتي جو وچون حصو يعني پتي جو ڍڍر ”Body“ ۽ ٽيون پتي جو مٿيون حصو جنهن کي پتي جي ڳچي (Neck) چئجي ٿو. پتي ۾ گهڻن قسمن جي صفرا جون ناڙيون (Billar Duct) ٿين ٿيون، جيئن ساڄي ۽ کاٻي پاسي واريون جيري جون ناڙيون Hepatic Duct جيڪي ٻئي ناڙيون اڳتي هلي جيري جي عام ناڙي (Common Hepatic Duct) ٺاهن ٿيون. تنهن کانسواءِ هڪ ٻي ناڙي جنهن کي صفرا جي ناڙي (Cystic Duct) چئجي ٿو، جيڪا ناڙي پتي مان نڪرندي آهي، جيري جي عام ناڙي ۽ صفرا جي ناڙي 3 سينٽي ميٽر اڳتي هلي گڏجي، جيري جي وڏي (مکيه) ناڙي (Common Bile Duct- CBD) جوڙين ٿيون، جيري جي هيءَ مکيه روڏي ناڙي CBD 70 سينٽي ميٽر ڊگهي ۽ 4 ملي ميٽر ويڪري ٿئي ٿي. هيءَ جيري جي وڏي (مکيه) ناڙي (CBD) اڳتي هيٺ هلي لبلبي Pancreas جي پٺ ڏيئي، لبلبي جي مکيه ناڙي (Pancreatic Duct) سان جيري ۽ لبلبي جي جوڙ Hepato Pancreatic Duct وٽ ننڍي آنڊي جي مهڙ واري حصي Duodenum سان گڏجي ٿي، جتي صفرا جي ناڙيءَ (CD) مان حاصل ٿيندڙ صفرا ضرورت آهر ننڍي آنڊي جي مهڙ واري حصي ۾ پهچي ٿو، جنهن جي ورڇ جو سڄو سارو نظام جيري ۽ لبلبي جي مشڪي ٻنجڻيءَ (Hepato-panceatic Sphincte) جي وس هوندو آهي. هتي اضافي ڄاڻ ڏجي ٿي ته اٺ، گهوڙي، هرڻ، ڦاڙهي، پاريهر، اڇي ڪئي ۽ ڪاڪروچ کي پتو ڪو نه ٿيندو آهي.صفرا جي ناڙين جا ڪم Ducts Function: (1) صفرا جي عام ناڙي (CHD ):هن ناڙيءَ جو ڪم آهي ته جيري کان صفرا حاصل ڪري صفرا جي ناڙي (CD) تائين پهچائڻ آهي.(2) صفرا جي ناڙي (CD ):هن ناڙيءَ جو ٻٽو (Dual) ڪم آهي، هڪ صفرا جي عام ناڙي (CHD) کان صفرا حاصل ڪري پتي تائين پهچائڻ ۽ هن ناڙيءَ جو ٻيو ڪم آهي ته ضرورت جي وقت پتي کان صفرا کڻي جيري جي وڏي (مکيه) ناڙيءَ (CBD) تائين پهچائڻ آهي.(3) صفرا جي عام مکيه وڏي ناڙي: هن ناڙيءَ جو ڪم اهو آهي ته ضرورت جي وقت صفرا جي ناڙيءَ (CD) کان صفرا حاصل ڪري ننڍي آنڊي جي مهڙ Duodenum تائين پهچائڻ آهي.پتي جا ڪم (Function ):(1) صفرا کي پاڻ وٽ گڏ ڪرڻ ۽ ضرورت وقت پاڻ وٽان صفرا جي گهربل مقدار کي ننڍي آنڊي جي مهڙ واري حصي Duodenum ڏي خارج ڪرڻ، (2) جيري کان پتي ۾ پهچندڙ صفرا، جيڪو ڇڊو هوندو آهي، جنهن ۾ پاڻيءَ جو ڪجهه مقدار به گڏ هوندو آهي، انهيءَ ۾ گڏيل پاڻيءَ کي صفرا جون ڀتيون پنهنجي طبعي عمل دوران ڏهن کان پندرهن ڀيرا چُهي صفرا کي نج بڻائينديون آهن ۽ جڏهن وقت ضرورت صفرا پتي مان ٻاهر ننڍي آنڊي جي مهڙ لاءِ نڪرندو آهي ته اهو نج صفرا هوندو آهي. (3) پتي جو ڪم اهو به آهي ته صفرا جي سڄي نظام کي درست ۽ هڪ جهڙو رکي ته جيئن صفرا جون ناڙيون پنهنجو ٻٽو فعل ڪري سگهن. هڪ ڦنڊجڻ (Dilation)، ٻيو ڪوئجڻ Contraction. جڏهن جيري کان صفرا پتي جي ٿيلهيءَ ۾ پوندو آهي ته ان وقت صفرا جي ناڙي (CD) ڦنڊ جي ويڪري ٿي ويندي آهي ۽ جڏهن جيري کان صفرا جي حاصل ڪرڻ جو عمل مڪمل ٿيندو آهي ته صفرا جي ناڙي پنهنجي قدرتي ويڪر جي ٿي ويندي آهي، ائين ساڳئي طرح جڏهن پتو ضرورت پوڻ تي پاڻ وٽان صفرا خارج ڪندو آهي ته صفرا جي ناڙي (CD) جي ڪوئجڻ جو عمل شروع ٿيندو آهي. ان عمل جي پوري ٿيڻ تي صفرا جي ناڙي ساڳيو پنهنجي قدرتي ويڪر جي ٿي بيهندي آهي، (4) عام حالت ۾ پتو هر وقت ڪجهه مقدار ۾ صفرا ۾ موجود صفرا جي لوڻ ۽ ڪوليسٽرول جي مرڪب (Bile Salt-Cholesterol Compound) کي پاڻ ۾ جذب ڪندو رهندو آهي. پتي جون روڳي حالتون (Infectious Conditions ):پتي ۾ روڳي حالتون هيٺين سببن ڪري ٿينديون آهن: (1) صفرا جي ناڙي (CD) ۾ سوڄ ٿيڻ ڪري پتي ۾ سوڄ ۽ سور ٿي پوندو آهي، (2) صفرا جي ناڙيءَ جي سوڄ ڪري پتي مان صفرا خارج ٿي نه سگهندو آهي، صفرا جي تيزابيت جي ڪري به ۽ گهڻي دير تائين صفرا پتي ۾ گڏ ٿيڻ ڪري به خود صفرا ۾ گند ڀرجي وڃڻ ڪري پتي ۾ روڳي حالتون پيدا ٿينديون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ پتو سڄي به پوندو آهي ۽ ان ۾ سور به ٿي پوندو آهي، (3) صفرا جي ناڙي يا جيري جي مکيه ناڙي (CBD) يا وري پتي جي مٿئين حصي (Neck) جي بند ٿيڻ ڪري پتي ۾ روڳ ٿي پوندو آهي، جنهنڪري پتي ۾ سوڄ ۽ سور ٿي پوندو آهي. هتي اها ڄاڻ ڏجي ٿي ته جيڪڏهن پتي جي روڳ حالتن ۾ صفرا جي ناڙي ۽ جيري جي مکيه ناڙي (CBD) بند نه هونديون ۽ رڳو پتي جو مٿيون حصو بند هوندو ته اهڙي حالت ۾ مريض جي دل ڪچي ٿيندي، اٻڙڪا (آت) ايندا آهن، پتي واري جاءِ تي وزن پوندو آهي ۽ ڪن حالتن ۾ مريض کي بخار به ٿيندو آهي، (4) پتي ۾ گهڻي ڀاڱي روڳ ٿيڻ جا سبب مختلف قسم جا جيوڙا آهن، جن ۾ اسٽريپٽو فيئسلس (Strepto Faec Calis)، اسٽريپٽو وائريڊنس (Strepto Viridans)، ۽ اسڪي ڪولي ”Eschi Coli“ اچي وڃن ٿا، جيڪي پتي ۾ پهچي روڳ پيدا ڪن ٿا، جنهن ڪري پتي ۾ سوڄ ۽ سور ٿي پوي ٿو، اڄ تائين ميڊيڪل سائنس ۾ اها خبر ڪا نه پئجي سگهي آهي ته هن قسم جا جيوڙا پتي ۾ صفرا جي ناڙيءَ ذريعي، يا لعابي ست (Lymph) جي ذريعي يا وري رت جي وهڪري ”Blood Stream“ جي ذريعي پهچن ٿا، (5) ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته صفرا جي لوڻ جي تيز ڪمائي اثرن ڪري پتي جي ڪنهن نه ڪنهن هنڌ روڳ ٿي پوندو آهي، جيڪو پتي جي سوڄ ۽ سور Inflamation جو ڪارڻ بڻبو آهي. پتي جي سور جون علامتون (Climical Symptoms of Colecystitis ):پتي ۾ جڏهن روڳي حالتون پيدا ٿينديون آهن ته پتي ۾ سور جو ٿيڻ (Billiary Colic) هڪ فطري ڳالهه آهي، جڏهن پتي ۾ سور پوندو آهي ته اهو سور ساڄي ڪُک کان وٺي ساڄي پاسي جي ڪلهي جي ڦڻيءَ ۽ گهڻي سور جي حالت ۾ ساڄي پاسي جي ڪلهي ۾ به پوندو آهي، اهڙي قسم جو سور جيري جي گهڻين بيمارين ۾ به پوندو آهي، پتي ۽ جيري جي بيمارين ۾ سور جي فرق کي چٽو ڪرڻ لاءِ اسان کي (Murphys Sign) واري طريقي سان مريض جي چڪاس ڪرڻي پوندي آهي، جنهن جو طريقو اهو آهي ته مريض جي ساڄي پاسي واري نائين پاسراٽيءَ کي آڱر سان زور ڏبو ۽ مريض کي چئبو ته وڏا ساهه کڻي، جيڪڏهن ساهه کڻڻ دوران مريض کي تيز سور ٿئي (يعني سور وڌي وڃي) ۽ سور وڌڻ دوران وڏا ساهه کڻي نه سگهي ته اهو سمجهڻ گهرجي ته اهو پتي جو سور آهي، پر جيڪڏهن مريض جي وڏن ساهن کڻڻ سان سور نه وڌي ۽ نه وري گهٽ ٿئي ته اهو سمجهڻ گهرجي ته اهو سور جيري جو يا جيري جي ٻين بيمارين ڪري آهي. پتي جي پٿري Cholelithiasis) ):عام حالت ۾ پتو ٿوري مقدار ۾ صفرا جي ڇڊي لوڻ ۽ ڪوليسٽرول جي مرڪب کي هڪ ئي وقت گڏ جذب ڪندو آهي، پر جڏهن پتي ۾ روڳي حالتون پيدا ٿين ۽ پتي ۾ سوڄ ۽ سور Inflamation ٿئي ته ان حالت ۾ پتو رڳو صفرا جو لوڻ ئي جذب ڪري سگهندو آهي، باقي ڪوليسٽرول کي جذب ڪري نه سگهندو آهي، ڇو ته صفرا جو لوڻ جڏهن ڪوليسٽرول سان گڏ هوندو آهي ته پتو آسانيءَ سان صفرا جي لوڻ ڪري ڪوليسٽرول کي جذب ڪري سگهندو آهي، جنهن جو ڪارڻ اهو آهي ته صفرا جو لوڻ ڪوليسٽرول کي وڏو ڳاريندڙ (Solvant) ۽ طاقتور عنصر (مادو) آهي، ڪوليسٽرول جڏهن ڳري نه سگهندو آهي ته پتو ان کي جذب ڪري نه سگهندو آهي، جيڪو ڪوليسٽرول پتي جي پٿري ٺهڻ جو مکيه سبب آهي. هتي اضافي ڄاڻ ڏجي ٿي ته جانورن ۾ پتي جي پٿري ڪتي، ٻليءَ، رڍ ۽ سهي (سيهڙ) ۾ ڪا نه ٿيندي آهي، جنهن جو سبب اهو آهي ته انهن جانورن جي صفرا ۾ تمام گهڻي مقدار ۾ سندن چرٻيءَ (ڪوليسٽرول) کي ڳارڻ لاءِ ڪيميائي تيزاب (Acids) ۽ صفرا جو لوڻ (Bile Salt) موجود هوندو آهي، جڏهن ته سوئر (Shwine) جي صفرا ۾ ڪنهن به قسم جو ڪيميائي تيزاب يا صفرا جو لوڻ موجود نه هوندو آهي، تنهنڪري سُوئر کي پتي ۾ سور به ٿيندو آهي ۽ پتي ۾ پٿري به ٿيندي آهي. ڏٺو ويو آهي ته پتي جي پٿري مردن جي مقابلي ۾ عورتن کي وڌيڪ ٿئي ٿي، وري عورتن ۾ به پتي جي پٿري انهن عورتن کي وڌيڪ ٿئي ٿي، جن عورتن ۾ انگريزيءَ جي صورتخطي جي ”F“ جون هيٺيون پنج علامتون عام ٿين ٿيون: عورت Female ٿُلهي Fat ٻار ڄڻڻ جي قابل Fertile چاليهه سال عمر Forty تريل کاڌا Fried Foods عام طرح سان پتي ۾ هر هر سور پوڻ، (ساڄيءَ ڪک جي مٿان سور پوڻ ۽ ان جو ڳورو رهڻ) پتي جي پٿريءَ جون ظاهري علامتون سمجهيون وڃن ٿيون، پر پيٽ جو الٽرا سائونڊ ڪرائڻ سان پتي جي پٿري بابت ڪامل ڄاڻ ملي ٿي، نه رڳو ايترو پر پتي سان لاڳاپيل سڀني ناڙين بابت ڪامل ڄاڻ ملي ٿي. پتي جي پٿريءَ جا قسم (Classification of Gall Stones ):(1) ڪوليسٽرول جون پٿريون (Cholesterol Stones) پٿريءَ جي نالي مان ئي ظاهر آهي ته هن قسم جون پٿريون پتي ۾ موجود ڪوليسٽرول جي ڪري ٺهنديون آهن. هن قسم جي پٿرين جو ٻيو نالو Metabolic Stone آهي، جيڪي پاڻ ۾ گهڻو ڪري جوڙيءَ ۾ گڏ هونديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن پٿري اڪيلي سر به هوندي آهي. (2) رنگدار پٿريون (Pigment Stones) هن قسم جون پٿريون ورلي ڪڏهن پتي ۾ ٺهنديون آهن، هن قسم جي پٿرين جي ٺهڻ جو سبب جيري مان گهڻو بليربن (Biliriubin) خارج ٿيڻ ڪري آهي، هن قسم جون پٿريون ڳاڻاٽي ۾ گهڻيون هونديون آهن. (3) گڏ وچڙ پٿريون (Mixed Stones) هن قسم جون پٿريون عام ٿين ٿيون، جيڪي ڳاڻاٽي ۾ سڀني قسم جي پٿرين مان گهڻيون ٿين ٿيون، هن قسم جون پٿريون ڪوليسٽرول، ڪيلشيم ۽ بليربن مان ٺهنديون آهن. پتي جو ڪينسر Cholecystectomy: پتي ۾ ڪينسر ورلي ٿيندو آهي، پر جڏهن به ٿيندو آهي ته ان جي خبر به دير سان پوندي آهي، سڄو پتو ڪينسر ۾ وڪوڙجي ويندو آهي، مهڙ ۾ پتي جي ڪينسر جي خبر نه پوندي آهي، ڇو ته پتي جي پٿريءَ جون علامتون ۽ پتي جي ڪينسر جون علامتون هڪ جهڙيون هونديون آهن. پتو ڪپي ڪڍي ڇڏڻ Cholecystectomy: ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون حالتون پيدا ٿينديون آهن، جو پتي جو آپريشن ڪري پتو ڪڍڻو پوندو آهي، مثال: پتي ۾ پٿريون ڀرجي وڃن، يا پتي جي پٿريءَ ڪري پتي جون ناڙيون ۽ جيري جي مکيه (وڏي) ناڙي (CBD) بند ٿي وڃن، يا وري پتي جو ڪينسر ٿي پوي، پتو جڏهن آپريشن ڪري ڪڍي ڇڏبو آهي ته جيرو وقت ضرورت صفرا سنئون سڌو آنڊي جي مهڙ ۾ خارج ڪندو آهي. پتي جي ڪڍي ڇڏڻ کان پوءِ مونجهارا After Complications: (1) ڏٺو ويو آهي آپريشن ڪري پتو ڪڍي ڇڏڻ کان پوءِ مريض جسماني طرح وڌيڪ ٿلهو ۽ ڦيڦو ٿي ويندو آهي، جنهن جو سبب بدن جي چرٻي ۽ ڪوليسٽرول جو صحيح طرح سان نه ڳرڻ آهي، تنهن کانسواءِ رت جي ننڍين وڏين ناڙين ۾ چرٻي گڏ ٿي ويندي آهي، جنهن کي Fatty Degenration جي بيماري چئبو آهي، پتي ڪڍائڻ کانپوءِ اهڙي قسم جو خطرو هر وقت موجود هوندو آهي ته جيري ۾ ۽ دل جي ناڙين ۾ چرٻي ڀرجي وڃي، عام طرح سان به صفرا جڏهن درست اثر نه ڪندو آهي ته جيري ۽ دل جي ناڙين ۾ چرٻي ٺهڻ جي بيماري Fatty Degenration ٿي پوندي آهي. (2) پتي جي ڪڍي ڇڏڻ کان پوءِ هاضمي درست نه هجڻ (بد هضمي) جي تڪليف عام ٿي پوندي آهي، (3) پتي ڪڍي ڇڏڻ کان پوءِ مريض جڏهن اوڳرائي ڏيندو آهي ته اها عام ماڻهن جي اوڳرائيءَ کان ڊيگهاري هوندي آهي، (4) پتي ڪڍي ڇڏڻ کان پوءِ مريض کي بک گهٽ لڳندي آهي، (5) پتي ڪڍي ڇڏڻ کان پوءِ مريض جي بدن ۾ سستي، ڪاهلي، ٿڪ ۽ آرس هر وقت رهندو آهي، (6) پتي ڪڍي ڇڏڻ کان پوءِ پتي جي نه هئڻ ڪري مريض کي جڏهن بخار ٿيندو آهي ته اهو عام ماڻهن جي بخار کان ڊيگهارو هوندو آهي، عام ماڻهوءَ جو بخار ٽن ڏينهن ۾ لهندو ته پتي جي نه هئڻ ڪري مريض کي بخار هفتو کن هلندو جلدي نه لهندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

عضوو - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽيڙو
پتو
عضوو ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون