داخلا نمبر 6895
عنوان پشاور
شاخ شهر
پڙهيو ويو 687 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون
خيبر پاس

خيبر پاس

بالا حصار جو قلعو

بالا حصار جو قلعو

پشاور

پشاور: پشاور پاڪستان جي اترئين ۽ سرحدي صوبي، خيبر پختونخوا جي گاديءَ جو هنڌ آهي. پشاور جو شمار پاڪستان جي تاريخي ۽ قديم شهرن ۾ ٿئي ٿو. هتي جا اصلوڪا رهواسي پاڻ کي ’پشوري‘ سڏين ۽ هندڪو ڳالهائين. اهي پشتو ڳالهائيندڙ پٺاڻن کان جدا، پاڻ کي هن واديءَ جا اصلوڪا رهواسي سڏائين. سندن خيال ۾ اوسي پاسي جي جبلن تان خاص ڪري افغانستان مان آيل پٺاڻن کان سندن نسل مختلف آهي. پشاور ڊويزن ۾ ٽي ضلعا آهن: پشاور، مردان ۽ ڪوهاٽ. پشاور شهر جي موجوده آبادي ڏهن لکن کان مٿي آهي. پشاور، باڙا درياهه جي کاٻي ڪناري ويجهو جمرود کان 11 ميل پري آهي، جتان خيبر لڪ صرف يارهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. هيءُ قلعو تمام قديم آهي. پشاور تعليم جي ميدان ۾ پاڪستان ۾ ڪافي اڳتي آهي. هتي ڪاليج، يونيورسٽيون ۽ اسڪول وڏي تعداد ۾ آهن. هتي ابتدا ۾ بالاحصار نالي هڪ حفاظتي قلعو بالاحصار جوڙيو ويو، جيڪو هن شهر کي چوڌاري ڦريل هو. هن قلعي کي 16 دروازا هئا. بالاحصار قلعو اڄ به موجود آهي. پشاور شهر جي اولهه طرف هڪ فوجي ڇانوڻي به آهي. هي قدرتي طرح سان پهاڙن ۾ چئن طرفن کان ڍڪيل شهر آهي.
تاريخ ۾ پشاور جو ذڪر سڀ کان پهرين رياست گنڌارا جي هڪ حصي جي شڪل ۾ ملي ٿو، جيڪا هڪ ٻڌ سلطنت هئي. سڪندر اعظم جي حملي کان پوءِ پشاور جي باري ۾ جيڪي معلوم ٿيو آهي، ان موجب ڏهين صدي عيسويءَ ۾ جڏهن سبڪتگين لاهور جي راجا جئه پال کي شڪست ڏني ته پشاور غزنوين جي قبضي ۾ اچي ويو ۽ هڪ سال تائين هيءُ علائقو غزنيءَ جو صوبو رهيو.
غزنين کان پوءِ هتي مختلف حڪمران حڪومت ڪندا رهيا. 1505ع ۾ خيبر جي رستي بابر به پشاور تي حملو ڪيو. هن باجوڙ ۽ سوات کي به پنهنجو مطيع بڻايو، ۽ جڏهن اڪبر حڪمران بڻيو ته هن هنڌ هنڌ فوجي قلعا تعمير ڪرايا ته جيئن باجوڙ ۽ سوات جي قبيلن کي پنهنجو مطيع بڻائجي.
قديم زماني ۾ هيءَ گنڌارا سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ هو ۽ ان جو نالو ’پرش پور‘ هو. شهنشاهه اڪبر ان کي پشاور جو نالو ڏنو. انهيءَ زماني (1668ع) ۾ يوسف زئي، منڊير، خٽڪن ۽ پختونن گڏجي هڪ وڏي جمعيت سان ڇڇ تي قبضو ڪري، دهليءَ ۽ افغانستان جو رستو بند ڪري ڇڏيو. وري جڏهن اورنگزيب تخت نشين ٿيو ته هن علائقي کي فتح ڪرڻ لاءِ هو پنهنجي اڳواڻيءَ ۾ فوج وٺي آيو ۽ تقريباً ٻن سالن تائين وڙهيو، پر ڪامياب نه ٿيو. اڳتي هلي سندس جانشينن هن علائقي کي فتح ڪيو. 1738ع ۾ پشاور تي نادر شاهه جو قبضو ٿيو. 1815ع ۾ هي سڄو علائقو سکن جي هٿ لڳو ۽ رنجيت سنگهه، هري سنگهه نلوا کي (1818ع ۾) هتي جو حاڪم مقرر ڪيو. 1838ع کان 1842ع تائين هتي جو نظم و نسق هڪ انگريز جرنيل اوٽيلا جي هٿ ۾ رهيو. 1849ع ۾ هيءَ وادي انگريزن جي مملڪت هيٺ اچي وئي ۽ ان کي پنجاب حڪومت جو انتظامي ضلعو ٺاهيو ويو. 1901ع ۾ اتر اولهه کي سرحدي صوبي جو نالو ڏئي، پشاور کي دارالحڪومت بنايو ويو.
هن وقت پشاور صوبي پختونخواهه جو دارالحڪومت آهي ۽ تعليمي ميدان ۾ اڳڀرو آهي. هتي ٻه يونيورسٽيون، لا ڪاليج، ڪاليج آف ايڊيوڪيشن، ميڊيڪل ڪاليج، انجنيئرنگ ڪاليج، زرعي ڪاليج، ڪامرس ڪاليج، آرٽس ڪاليج ۽ سائنس ڪاليج آهن. هتي هوائي اڏو به آهي. هن شهر ۾ ڪيتريون ئي تاريخي جايون ۽ مسجدون آهن، جن مان شاهه جهان جي عهد جي مسجد مهابت خان مشهور آهي، جيڪا هڪ سهڻي مسجد آهي ۽ شهر اندر واقع آهي. مسجد گنج علي خان، مسجد دالاور خان، مسجد خواجه معروف ۽ مسجد قاسم خان به شهر جون مشهور مسجدون آهن.
پشاور جي ڏسڻ لائق جاين ۾ قلعو بالاحصار، شاهي باغ، وزير باغ، ڪمپني باغ (ڇانوڻي)، ميوزيم، اسيمبلي هال، ميونسپل ڪارپوريشن، (سٽي ضلعي حڪومت)، اسلاميه ڪاليج دره خيبر، دره ڪوهاٽ ۽ آثارِ قديمه ۾ پنج تيرٿي، شاهه جي ڍيري ۽ گوڙ ڪڙي اهم آهن. هتي جا ماڻهو شادي مراديءَ، موت، خيرات ۽ صدقي وغيره ۾ مذهبي رسمن جا سخت پابن، غيرتمند، دلير ۽ جنگجو هئڻ سان گڏوگڏ بامروت ۽ مهمان نواز به آهن. پشاور جي ڪل ايراضي 9 چورس ميل آهي ۽ موجوده آبادي ڏهن لکن کان وڌيڪ آهي. هيءُ شهر دستڪاري، هٿيارن ٺاهڻ، سگريٽ، پاٺي (دوتري)، دواسازي جي ڪارخانن، فرنيچر، سوٽي، ريشمي ۽ اوني ڪپڙي لاءِ به مشهور آهي.
پشتو (ٻولي ):پشتو اڀرندي ايراني ٻولين جي هڪ شاخ آهي، جيڪا هند آريائي ٻولين جي خاندان مان آهي. پشتو خيبر پختونخوا صوبي جي قبائلي علائقن ۽ بلوچستان جي ڪجهه حصن ۾ ڳالهائي ۽ سمجهي ويندي آهي. هندن جي رگ ويد ۽ پارسين جي زند اويستا ۾ هن زبان جو ذڪر موجود آهي.
هن ٻوليءَ کي پختو (Pakto)، پشتو (Pushto) ۽ يوسف زئي پشتو به چئبو آهي. هن ٻوليءَ جو ننگراهين پشتو، اترين پشتو، افغانستان ۾ الهائي ويندڙ قنڌاري لهجو معياري ليکجي ٿو. هن ٻوليءَ جا ٻيا لهجا هي آهن: ڪوهاني/ خٽڪ (Khatak)، يوسف زئي (Peshawer)، آفريدي، شنواري (Shinwari)، مهمند (Mohmad)، شلماني (Shilmani) وغيره. ڏاکڻي ۽ اترين پشتو ۾ 80 سيڪڙو هڪجهڙائي آهي. سڄي افغانستان ۾، پاڪستان جي پختون خواه صوبي (سرحد) ۾ يوسف زئي پشاور ۾، ڪراچي حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين علائقن کان سواءِ عرب امارات ۽ برطانيه (UK) ۾ به ڳالهائي وڃي ٿي. دنيا ۾ هن ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن جو تعداد پنجن ڪروڙن جي لڳ ڀڳ بيهي ٿو. هي ٻولي هند- يورپي، هند- ايراني، هند- آريائي ٻولين جي اوڀر ڏکڻ مشرقي ٻولين جي شاخ مان آهي. هيءَ ٻوليءَ عربي رسم الخط ۾ لکي وڃي ٿي. هن ٻوليءَ جي ڳالهائڻ وارن کي اتر ۾ پختون، ڏکڻ ۾ پشتون سڏجي ٿو. مهمندي، گِلزئي، دراني، يوسف زئي، آفريدي، قنڌاري، وزيدي، شنواري، مَنگل/ ونيتسي (Wenetsi) پختونن جا قبيلا آهن. جيڪي هيءَ ٻولي ڳلهائين ٿا. هن ٻوليءَ ۾ سٺا شاعر آهن. هن جا ٽي وي ۽ ريڊيو تي پروگرام هلن ٿا. پشتو جا ٻيا لهجا هي آهن:
بونير لهجو: هي لهجو بونير وادي، پاڪستان ۾ ڳالهايو ويندو آهي.
1. باجوڙي لهجو: هي باجوڙ، پاڪستان ۾ ڳالهائي ويندي آهي.
2. غلزئي لهجو: هي محاورو غلزئي قبيلي وارا ڳالهائين.
3. آفريدي لهجو: هي آفريدي قبيلي وارا ڳالهائين.
4. ڇاڇي محاورو: هي محاورو ڇاڇي علائقي وارا ڳالهائين.
5. بنگش لهجو: هي محاورو بنگش قبيلي ۾ ڳالهائين.
6. ديري محاورو: هي دير، ڪوهستان وارا ڳالهائين.
7. سواتي محاورو: هي محاورو سوات رياست ۾ ڳالهايو وڃي ٿو.
8. بنوڪي: بنو واري علائقي جو محاورو.
9. خٽڪ محاورو: خٽڪ قبيلي ۾ رائج آهي.
10. لوني: هي لوني قبيلي جو محاورو آهي.
11. شيراني: شيراني قبيلي ۾ رائج آهي.
12. ڇل گري: ڇلگري قبيلي جي ٻولي آهي.
13. اور موڙي (Ormuri ):هي وزيرستان واري علائقي جي ٻولي آهي.
پشتو زبان بلوچستان صوبي ۾ به ڳالهائي وڃي ٿي. پشتو اڪيڊميءَ هيٺ، پشتونن ۽ پشتو زبان جي تاريخ ۽ ان جي ارتقا تي ڪافي تحقيق ڪرائي آهي. پر دل خان خٽڪ جي ترتيب ڏنل پشتو-اردو لغت به ڇپيل آهي. ان کان سواءِ پشتو گرامر تي به ڪافي ڪم ٿيو آهي.
پشتو زبان جي اصل نسل بابت جدا رايا آهن. ڪي هن کي سنسڪرت مان نڪتل، ڪي فارسيءَ جي بگڙيل صورت سمجهن ٿا. ڪي وري ائين ٿا سمجهن ته پشتو اصل ۾ هندوڪش ۽ سليمان جبل جي ٻولي آهي. سنسڪرت، باختر ۽ خراسان جي زبان اوِستا ۽ ايران جي قديم پارسيءَ سان پشتو جو گهاٽو واسطو رهيو آهي، جنهنڪري انهن زبانن جو به مٿس گهرو اثر آهي.
شمس العلماءَ مرزا قليچ بيـگ پٺاڻن جو شـجــرو ڄاڻائيـنـدي لکـيـو آهـي ته: ”افغان بني اسرائيل جــي اولاد مـان آهــن. پٺـاڻ اهـي آهن، جيڪي سليمان جبل جي دامن ۾ ويٺل آهن. ٻيا افغان آهن. پٺاڻ، جيڪي افغان نه آهـن، سـي تاجـڪه، قزلباش، هزارا، هندڪي ۽ بلوچي آهن“. سڪندر يوناني به هن قوم جو ذڪر ’پڪت‘ نالي سان ڪيو آهي. هيروڊوٽس آفريدي قبيلي کي، جيڪي ٺيٺ پشتو ڳالهائيندڙ آهن، ’پريڊي‘ سڏيو آهي. رگويد ۾ هن قوم جو ذڪر ”پکٽ“ جي نالي سان آيو آهي. ڪاڪي ڀيرومل ’قديم سنڌ‘ ۾ هن قوم بابت چڱا تفصيل ڏنا آهن. هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”هن وقت جيڪي پٺاڻ آهن، سي اصل ۾ آرين مان آهن ۽ انهن تي پکٽ نالو ”آرتان پيل آهي. سندن تهذيب کي گنڌارا تهذيب جي نالي سان به سڏجي ٿو. جنهن خطي ۾ هن وقت هيءَ قوم آباد آهي، اتي هڪ ميداني علائقو آهي، جنهن جا رهواسي جابلو نه هئا، پر سنڌوءَ جي ڪپ تي رهندڙ آڳاٽي قوم مان هئا. اتي هڪ وڏي يونيورسٽي ٽڪشلا (ٽيڪسيلا) جي نالي سان هئي، جيڪا علم جي آبياري ڪندي هئي. هتي ئي پاڻيني سنسڪرت جو گرامر جوڙيو. هي خطو ٻڌ ڌرم جو آماجگاهه هو، جنهن جا نشان اڄ بيٺا آهن. پاڪستان ۾ ٻڌ جون گهڻي ۾ گهڻيون قديم آثارن واريون جايون هتي آهن.
هيءَ حرفي بدي قسم جي ٻولي آهي، جيڪا افغانستان ۽ پاڪستان جي سرحدي صوبي (خيبر پختونخوا) جي سرڪاري ٻولي آهي. هي ٻولي 16هين صدي عيسويءَ کان لکت ۾ آئي. هيءَ عربي خط ۾ لکي وڃي ٿي. هن جي لکت جا ٻه بنياد آهن. هڪ قنڌاري ۽ ٻيو پشاوري. هن ٻوليءَ ۾ حرف صحيح/ وينجنن جو تعدا 44 آهي.
پشتو ادب: ٻين زبانن وانگر پشتو زبان جي ادب جي شروعات به نظم سان ٿي. پشتو زبان جو پهريون معروف شاعر ڪروڙ هو، جيڪو غزنوي دور ۾ پيدا ٿيو هو. ابو محمد هاشم، سبستان باريچ، بابر خان، خوشحال خان خٽڪ ۽ رحمان بابا پشتو زبان جا مشهور ڪلاسيڪي شاعر ٿي گذريا آهن. ارڙهين ۽ اوڻيهين صديءَ ۾ پشتو زبان تمام گهڻي ترقي ڪئي. ان دور ۾ پشتو ادب ۾ سٺي شاعري ۽ سٺو نثر تخليق ٿيڻ لڳو. موجوده دور ۾ پشتو ادب جي تاريخ بابت سٺو ڪم ٿي رهيو آهي. ان حد تائين جو ان ۾ ڊائريڪٽريون، ڊڪشنريون ۽ انسائيڪلوپيڊيائون به تيار ٿي رهيون آهن. جديد شاعري ۽ نثري تخليقون به منظر عام تي اچي رهيون آهن.
پشتو آرين جي اچڻ کان پهرين پشتون (پٺاڻ) پنهنجي قديم وطن پشتونخوا ۾ ڳالهائيندا هئا. پشتو، ٻوليءَ کان سواءِ پٺاڻن جي زندگيءَ جو ڄڻ ته آئين به آهي. پختونن کي به خبر نه آهي ته ڪهڙيون ڪهڙيون قومون اچي هتي آباد ٿينديون رهيون ۽ ساڻن ملي هڪ ٿي ويون. پشتو جي باقاعدي تحريري شڪل ۾ پشتو ادب، صرف نسخ رسم الخط ۾ ئي سامهون آيو آهي، جنهن جي ابتدا چوٿين صدي هجري/ ڏهين صدي عيسويءَ جي آخر ۾ سلطان محمود غزنويءَ جي هڪ وزير احمد بن حسن ميمنديءَ ڪئي هئي. هي زبان اُچارڻ ۾ عربي ۽ عبرانيءَ کان مختلف آهي. عربي حروف تهجي پشتو جي تحريري صورت لاءِ ناڪافي هئا، ان ڪري ضرورت مطابق ڪجهه حرف وڌايا ويا، پر اهي حرف به نوان نه هئا، فقط عربي حرفن ۾ نشانيون وڌائي، مطلب لاءِ شامل ڪيا ويا.
پشتو ادب جي ابتدا ٻيءَ صدي هجري/ستين صدي عيسويءَ جي وچ ۾ ٿئي ٿي ۽ ان لحاظ سان ان جي ادب کي هيٺين چئن مختلف دورن ۾ ورهايو ويو آهي:
(1)200هه/815ع تا 1000هه/1591ع،
(2) 1000هه/1591ع کان 1200هه/1786ع،
(3) 1200هه/1786ع کان 1300هه/1883ع
(4) 1300هه/1883ع کان موجوده دور جو پشتو ادب ٻن صنفن تي مشتمل آهي، هڪ عوامي ۽ ٻيو عروضي. عوامي ادب ۾ قصا ڪهاڻيون، چوڻيون، ڳجهارتون، مقالا، لوليون ۽ مرثيه، ٽپا وغيره اچي وڃن ٿا. عروضي ادب ۾ شاعري، خاص ڪري غزل، مثنوي وغيره جون صنفون شامل آهن.
جديد معلومات مطابق پشتو ڪتابي ادب جي تاريخ 139هه/756ع کان شروع ٿئي ٿي. هن پهرئين دور ۾، جيڪو ڏهين صدي هجريءَ تائين جو آهي، نمايان ادبي شخصيتن ۾، اميدر ڪروڙ پختوري، ابو هاشم سرواني، بيٽ بابا، شيخ اسماعيل سربني، شيخ رضي لوڌي خوشبو، شيخ اسد سوري، شيخ عيسيٰ امشوانڙي، حضرت شيخ بختيار ڪاڪي، شيخ محمد صالح، بيبي رابعه قنڌاري، بايزيد انصاري، خواجه مليزي، بيبي زرغونه خاتون، شيخ تيمن، دوست محمد ڪاڪڙ، شيخ ارزاني، آخوند چالاڪ خٽڪ، مولانا عبدالوهاب (پنجو بابا)، نعمت الله هروي ۽ الله يار الڪوزي آهن.
مٿين شخصيتن ۾ بايزيد انصاري وڌيڪ اهم آهي. هن تصوف ۽ طريقت بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان سڀ کان اهم ڪتاب ”خيرالبيان“
آهي، جنهن جي پشتو عبارت آسانيءَ سان پڙهي سگهجي ٿي. ٻيو دور پهرئين دور کان گهڻو بهتر رهيو. هن دور ۾ پشتو ادب ترقي ڪئي. هن دور جو مشهور اديب ”آخوند درويزه“ آهي، جنهن درسي طرز تي فارسي، مسجع ۽ مقفيٰ قسم جي نثر ۾ ڪيترائي ڪتاب تاليف ڪيا. هن دور جي پشتو ادب جو جائزو وٺبو ته خبر پوندي ته هن دور ۾ پشتو ادب تي عربي ۽ فارسيءَ جو غلبو گهڻو نظر ايندو.
ٽيون دور احمد شاهه ابداليءَ کان شروع ٿئي ٿو. هن دور ۾ پشتو نظم ۽ نثر لکڻ وارن ۾ احمد شاهه ابدالي ’سدوزئي‘، تيمور شاهه، ميان عمر (جيڪو هڪ بلند پايي جو اهل قلم هو). ملا عبدالرشيد ’اخوان گدا‘، سعادت خان، قامس علي آفريدي، نواب حافظ رحمت خان، امير محمد انصاري ۽ حافظ امپوري شامل آهن.
چوٿين د‍ؤر جي اهل قلم شخصيتن ۾ جيبي خام بينوا، مجروح الفت، پيرزاده سيد عبدالله شاهه، مولوي مير احمد شاهه رضواني، ميان محمد يوسف، ميان حسين گل ڪاڪا خايل، مولوي عبدالمجيد افغاني ۽ منشي احمد جان آهن. هن دور ۾ پشتو ادب ۾ فڪر ۽ نظر جا زاويا بدليل آهن. جديد علمن سان لاڳاپيل اديب پراڻين ڳالهين مان نڪري نوَن رستن تي گامزن آهن. هاڻ نوان نوان خيال ۽ فڪر جنم وٺي رهيا آهن. هن جديد دور ۾ پشتو ادب ۾ هاڻ سياست، صحافت، ناول، افسانه، ڊراما، تنقيد، تبصرا، مقالا نگاري ۽ لغت جو فن وغيره شامل ٿي ويا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

شهر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باقراڻي
بٺورو
بخارا
بدين
ٻانڀڻاهه
ٻانڌي
ٻٻرلوءِ
ازبڪستان
ٻنگار (شهر)
ٻنون (شهر)
شهر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون