داخلا ؛ 6776
پڙهيو ويو ؛ 324
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-05-24


تصويرون




ٽائيم لائين

1391.00.00-A.D
حــســن ڪـبيــر الــديــن جي ولادت 792هه/ 1391ع ۾ ٿي




sindhianaسنڌيانا--پير حسن ڪبير الدين رح

ٽائيٽل ؛ پير حسن ڪبير الدين رح


شاخ : شخصيت

پير حسن ڪبير الدين رح: هيءُ -اسماعيلي- داعي، بزرگ پير صدر الدين جو فرزند هو. سندس نالو حــســن ڪـبيــر الــديــن هو. کيس سيد السادات، بُت شڪن، حسن دريا، سيد حسن شاهه، -پير حسن- اُچوي، سيد حسن شمس، سيد حسن ڪفر شڪن، مخدوم سيد ڪبير الدين شاهه، گُرو حسن شاهه ۽ گُرو -پير حسن- الحسيني به چيو ويندو هو. سندس ولادت جو سال 792هه/ 1391ع آهي. -پير حسن- ڪبير الدين ننڍپڻ کان ئي هوشيار هو. قرآن پاڪ ۽ حديث جو وڏو ڄاڻو هو. عربي ۽ فارسيءَ تي عبور هوندو هئس. سنڌي، گجراتي، ڪڇي، سرائڪي ۽ پنجابي توڙي ٻين ٻولين تي دسترس حاصل هئس. ننڍي هوندي کان ئي عبادت ۽ مذهبي ڪمن ۾ رُڌل رهندو هو. ڏات ڌڻي، شاعر ۽ سٺو مقرر به هو. سندس ’گنان‘ مشهور آهن، -جن- ۾ عربي ۽ فارسي ٻولين جي آميزش آهي. کيس سندس والد -پير صدرالدين- (جنم: 1290ع- وفات: 1409ع) جي رحلت کان پوءِ -امام- الزمان طرفان پير مقرر ڪيو ويو.
پير حسن، اولهه، وچولي ۽ -اتر- هندستان جو گهڻو سفر ڪيو، -جتي- اسلامي دعوت ۽ پرچار جو ڪم ڪيائين. تنهن کان پوءِ ڪشمير، -افغانستان-، -ايران-، عراق ۽ عرب ملڪ به گهمي ڏٺائين، پر حياتيءَ جو وڏو حصو سنڌ، پنجاب ۽ گجرات ۾ گذاريائين.کيس ارڙهن فرزند ۽ هڪ نياڻي ”-ٻائي- -ٻڍاڻي-“ هئي. سندس گنانن جو وڏو ذخيرو -اسماعيلي- جماعت وٽ موجود آهي. سندس درٻار اُچ شريف ۾ آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -پير حسن ڪبير الدين رح- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

پير حسن ڪبير الدين رح - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن