داخلا نمبر 6821
عنوان پير رکيل ريلائي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 162 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

پير رکيل ريلائي

پير رکيل ريلائي: پير رکيل ريلائي، پير خان محمد جي گهر ۾ 1830ع ڌاري ڳوٺ درس تعلقي موري ۾ پيدا ٿيو. ريلائي پير، مخدوم رڪن الدين جي اولاد مان آهن، جيڪو ڪوٽ ڪروڙ ۽ ديري جات مان سنڌ ۾ آيو هو. سندس خانداني سلسلو حضرت ابوبڪر صديق رضه سان ملي ٿو. پير رکيل ريلائيءَ کي ننڍپڻ کان ئي سير ۽ سياحت جو گهڻو شوق هوندو هو. سنڌ جي گهڻن بزرگن سان سندس رفاقت رهي. سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون عام ماڻهن وٽ ملن ٿيون، سندس درگاهه تي 27، 28 ۽ 29 محرم تي ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ هزارين عقيدتمند گڏ ٿيندا آهن. ميلي ۾ ٽئي ڏينهن ملاکڙو لڳندو آهي. درگاهه جي ڀر ۾ڌنراج مل ڪاٺين واري جي کُوهي کڻايل آهي. سندس وفات جو سن 1915ع ٻڌايو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1830.00.00  عيسوي

پير رکيل ريلائي 1830ع ڌاري ڳوٺ درس تعلقي موري ۾ پيدا ٿيو


1915.00.00  عيسوي

پير رکيل ريلائي جي وفات جو سن 1915ع ٻڌايو وڃي ٿو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون