داخلا ؛ 6896
پڙهيو ويو ؛ 1110
پسند ڪيو ويو ؛ 3
تاريخ ؛ 2013-06-05


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--پير سرهندي

ٽائيٽل ؛ پير سرهندي


شاخ : شخصيت

پير سرهندي: سنڌ ۾ -آباد- ’پير سرهندي‘ بزرگن جي نسب جو سلسلو هندستان جي وڏي عالم، -امام- رباني، مجدد الف ثاني شيخ احمد سرهنديءَ سان ملي ٿو. پير صاحب جا وڏا دين جي تبليغ خاطر سرهند شريف (هندستان) مان پهرين ’قنڌار‘ (افغانستان) ويا. -ٽن- پشتن کان پوءِ وري -پشاور- (پاڪستان) ۾ آيا. سندن ٻن پشتن جي بزرگن جون مزارون -پشاور- ڇانوڻي ڪابلي گيٽ جي ويجهو ’حضرت جي‘ جي نالي سان مشهور آهن. اتان هڪ بزرگ خواجه عبدالرحمان جان سرهندي مجددي پهرين مٽياريءَ، ۽ پوءِ -ٽکڙ- تعلقي حيدرآباد ۾ اچي -آباد- ٿيو، جنهن جو خاندان اڄ تائين سنڌ جي ڏاکڻي حصي ۾ ديني -تعليم- ۽ روحاني فيض جي ڪري مشهور آهي. هي پير، هندستان جي شهر ’سرهند‘ جي نسب سان پشت بپشت سرهندي پيرن طور مشهور آهن. هن خاندان جون ڪجهه اهم شخصيتون هي آهن:
(1) پير خواجه عبدالرحمان جان سرهندي فاروقي نقشبندي: سندس نسب جو سلسلو ستيتاليهين (47) پشت ۾ حضرت عمر فاروق رضي -الله- تعاليٰ عنه سان ۽ ٽيٽيهين (33) پشت ۾ -امام- رباني مجدد الف ثاني شيخ احمد سرهندي فاروقي رح سان ملي ٿو.
هي بزرگ ارڙهين صدي عيسويءَ جي آخر ڌاري سنڌ جي شهر مٽيارين ۾ آيو، -جتي- سندس والد خواجه عبدالقيوم سرهندي ۽ ڏاڏي خواجه فضل -الله- سرهنديءَ جا مريد موجود هئا. سيد ميران محمد شاهه -اول- کي جڏهن خبر پئي ته هي وڏا بزرگ آهن ته کين پنهنجي ڳوٺ ’ٽکڙ‘ ۾ آڻي رهايائين. -ٿوري- وقت کان پوءِ پاڻ حج جي ارادي سان حجاز مقدس ويو ۽ وڃي مديني منوره ۾ رهيو ۽ واپس اچڻ جو ارادو -ترڪ- ڪيائين. اها خبر جڏهن سيد ميران محمد شاهه کي پئي ته مديني منوره وڃي پير صاحب کي سنڌ هلڻ لاءِ زور ڀريائين ۽ پير صاحب هميشه لاءِ اچي -ٽکڙ- (سنڌ) ۾ رهائش پذير ٿيو ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ هن گاديءَ جي پهرئين بزرگ جي آمد ۽ سندس روحاني فيض جي ابتدا ٿي. -ٽکڙ- جو غير معروف ڳوٺ، ڏسندي ئي ڏسندي روحاني معرفت جو مرڪز بنجي ويو، -جتي- پوري برصغير، سنڌ، ڪابل ۽ قنڌار جا پانڌيئڙا منزلون ماڻي اچي فيض حاصل ڪرڻ لڳا.
پير صاحب 1315هه مطابق 1897ع ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو گنجي -ٽڪر- جي دامن ۾ سنڌو درياهه جي ڪناري تي حيدرآباد شهر کان ڏکڻ ۾ 25 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي.
(2) پير خواجه محمد حسن جان سرهندي مجددي: خواجه عبدالرحمان جان جي وصال کان پوءِ سندس فرزند، خواجه محمد حسن جان سرهندي مسند نشين ٿيو. پاڻ پنهنجي والد جي وصال جي -ٿوري- عرصي کان پوءِ 1316 هه/ 1898ع ڌاري -ٽکڙ- کي ڇڏي، ٽنڊي محمد خان جي ڀر ۾ ٽنڊي سائينداد ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائين. ظاهري ۽ باطني -تعليم- ۽ تربيت پنهنجي والد کان حاصل ڪيائين. -ان- بعد ٻه سال کن مٽيارين جي عالمن کان ديني علم حاصل ڪيائين. -ان- کان پوءِ مڪي شريف پهتو، -جتي- پنجن سالن تائين اتان جي ممتاز عالم دين مولانا رحمت -الله- مهاجر مڪي ۽ مڪي شريف جي مفتي شيخ احمد زيني دحلان کان ديني علم ۽ علم حديث پڙهيائين. -ان- بعد سنڌ موٽي آيو ۽ هتي اچڻ سان درس ۽ تدريس لاءِ ڪيترائي مدرسا کوليائين ۽ ڪيتريون ئي مسجدون تعمير ڪرائي -آباد- ڪرايائين. ويهارو کن عربي ۽ فارسي ڪتاب -تصنيف- ڪيائين. سندس تصنيفون ملڪان ملڪ مشهور آهن ۽ هندستان ۽ ترڪيءَ مان به سندس ڪتاب ترجما ٿي، شايع ٿيا ۽ لکين ماڻهن انهن تصنيفن مان فيض حاصل ڪيو. رجب 1365هه/ 1945ع ۾ وفات ڪيائين. کيس والد جي پاسي ۾ دفن ڪيو ويو.
(3) خواجه عبدالله جان عرف شاهه -آغا- سرهندي: پير صاحب جي ولادت 8 جمادي الاول 1304هه/1886ع ۾ -ٽکڙ- ضلعي حيدرآباد ۾ ٿي. ڄمڻ کان پوءِ رمضان المبارڪ ۾ ڏينهن جو والده جي -ٿڃ- نه پيتائين، ۽ نه ئي وري سندس والده بنا وضوءَ جي کيس -ٿڃ- پياري.
پنهنجي والد محمد حسن جان جي وصال کان پوءِ مسند نشين ٿيو. وڏو عالم دين ۽ عربي فارسيءَ جو قادرالڪلام شاعر هو. سندس شاعري قلمي بياضن جي صورت ۾ موجود آهي. پنهنجي بزرگن جي روايت کي برقرار رکندي، دين جي خدمت جي جذبي هيٺ ڪيترائي مدرسا ۽ مسجدون تعمير ڪرايائين.
25 کن ڪتاب سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ ۾ -تصنيف- ڪيائين. -جن- ۾: راحة القلوب، مونس المخلصين، راحة المخلصين (سنڌي)، -انتخاب- مڪتوبات -امام- رباني، اربعين مڪتوبات ۽ گلدسته ابيات (فارسي) وغيره مشهور آهن. پير صاحب شڪر، صبر، سخاوت، توڪل، -تقويٰ- ۽ پاڪائيءَ سان گڏ اسلامي غيرت، دعوت، تبليغ دين، اخلاق ۽ عادات حسنه جو پيڪر هو. پير صاحب 17 -اپريل- 1973ع تي -تهجد- جي وقت قرآن پاڪ جو ختمو پورو ڪري -اکيون- پوريون. وفات بعد سندس لائق فرزند خواجه غلام علي جان مسند نشين ٿيو.
(4) خواجه غلام علي جان سرهندي: خواجه غلام علي جان سرهنديءَ جي ولادت 21 ربيع الاول 1334هه/1915ع ۾ ٽنڊي سائينداد ۾ ٿي. پنهنجي وقت جو وڏو عارف ۽ ممتاز عالم دين هئڻ سان گڏ حاذق حڪيم هو. پرهيزگاري ۽ -تقويٰ- جو پيڪر ۽ شريعت ۽ طريقت جو -امام- هو. سندس وفات 26، شعبان 1397هه مطابق 12 -آگسٽ- 1947ع تي ٿي. سندس مزار ساڳئي مقبري شريف گنجي -ٽڪر- ۾ آهي.
(5) خواجه عبدالحميد جان سرهندي: خواجه غلام علي جان جي وفات بعد سندس فرزند حضرت خواجه عبدالحميد جان مسند نشين ٿيو، جنهن جي ولادت 8 ذوالحج 1362هه/1943ع ٽنڊي سائينداد ۾ ٿي. سندس -تعليم- ۽ تربيت ڏاڏي جي نگرانيءَ ۾ ٿي. پير صاحب ننڍپڻ کان ئي نهايت پرهيزگار، ذڪي هو. عربي ۽ فارسي علمن جو ڄاڻو، نهايت صابر، شاڪر ۽ ڪرامت وارو بزرگ آهي. سندس اولاد ۾ چار فرزند ۽ چار نياڻيون آهن. سندس وڏو فرزند پير عبدالوحيد جان سرهندي هڪ بزرگ هستي آهي، جنهن پنهنجي فرزند عبدالوحيد جان کي ديني ۽ دنيوي -تعليم- ڏياري وڏو عالم بنايو. -ان- سان گڏ مريدن کي ذڪر، اذڪار، فڪر -آخرت- ۽ محبت رسول صلعه جو درس ڏيندو رهي ٿو.
(6) خواجه علامه عبدالوحيد جان سرهندي مجددي درگاهه -ٽنڊو- سائينداد: خواجه علامه عبدالوحيد جان سرهنديءَ جي ولادت 22 ڊسمبر 1963ع مطابق 5 شعبان 1383هه -آچر- جي ڏينهن دارالارشاد درگاهه عاليه سرهندي ٽنڊي سائينداد ۾ ٿي. کيس ابتدائي -تعليم- ۽ تربيت پنهنجي ڏاڏي -آغا- غلام علي جان کان ملي. پوءِ کيس مدرسي رحمانيه موري (سنڌ) ۾ ديني -تعليم- لاءِ داخل ڪيو ويو. اتي 8 سالن ۾ درسِ نظامي پورو ڪري، مولوي، عالم ۽ فاضل جا امتحان فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪيائين ۽ فارغ التحصيل جي سَند ورتائين. تنظيم المدارس جا امتحان ڏئي ”سند شهادة العالميه (ايم.اي)“ ڪيائين. -ان- سان گڏ سنڌ يونيورسٽيءَ مان عربي زبان ۽ ادب ۾، ايم. اي فرسٽ ڪلاس، فرسٽ پوزيشن ۾ ڪري ۽ سونو ميڊل حاصل ڪيائين. کيس شاعري ۽ حڪمت ورثي ۾ مليل آهي. هن وقت سنڌ يونيورسٽي ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ جو ميمبر آهي، -ان- کانسواءِ زڪواة ۽ عشر جو چيئرمئن پڻ رهي چڪو آهي. پيـر صاحـب ’بـيـان الـرحمان في ترجمة القرآن‘
نالي سان قرآن پاڪ جو عام فهم تفسيري ترجمو ڪيو آهي.
ان کان سواءِ دلائل الخيرات ۽ قصيده -برده شريف- جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرائي چڪو آهي. سندس ٻين تصنيفن ۾: ’متبرڪ وظيفا‘، ’تحفة الحجاج‘، ’متبرڪ نعتون‘ جهڙا انمول ڪتاب شامل آهن. سندس سمورن ڪتابن جي ڪتابت، فيض محمد سڪندري پتافيءَ ڪئي آهي ۽ سيد قمر الزمان شاهه،قاضي عبدالقدوس راڄڙ ۽ ٻين معتقدن هزارن جي تعداد ۾ شايع ڪري في سبيل -الله- ورهايا آهن.
پير صاحب پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ عظيم الشان مدرسو تعمير ڪرايو آهي، جنهن ۾ تعليمي سرگرميون شروع ٿيڻ واريون آهن.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -پير سرهندي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

پير سرهندي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن