داخلا نمبر 6906
عنوان پير سومرو2
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 170 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

پير سومرو2

پير سومرو2: پير سومري جي نالي سان هڪ ٻيو درويش ضلعي ٺٽي جي جاتي شهر کان ڏهه ميل پري دفن ٿيل آهي. روايت آهي ته هيءُ درويش ڪڇ کان هتي پهتو هو. سندس مزار تي هر سال ڊسمبر مهيني ۾ ميلو لڳندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو