داخلا ؛ 6925
پڙهيو ويو ؛ 523
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-06-06


تصويرون




ٽائيم لائين

1290.00.00-A.D
پير صدرالدين 689هه /1290ع ڌاري پيدا ٿيو

1409.00.00-A.D
پير صدرالدين جي وفات جو سن 1409ع ٻڌايو وڃي ٿو




sindhianaسنڌيانا--پير صدرالدين

ٽائيٽل ؛ پير صدرالدين


شاخ : شخصيت

پير صدرالدين: پير صدرالدين، سومرن جي آخري ۽ سمن جي اوائلي دؤر جـو اسمـاعيـلـي سـلسلـي جـو صـوفـي درويـش ۽ وڏو داعـي ٿـي گذريو آهي. -پير صدرالدين- جي ڪلام جي تفصيلي مطالعي ۽ گنانن جي اڀياس مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سندس ولادت قديم سنڌ ۾ ٿي هئي. سندس شجرو، ملتان ۾ قائم درگاهه شير علي اڪبر جي گنبذ جي چوڌاري، ٻاهرئين پاسي ڪاشيءَ جي سرن تي لکيل آهي، جو هن ريت آهي: ”پير صدرالدين -بن- پير صاحب الدين عرف شهاب الدين -بن- پير نصيرالدين -بن- پير شمس الدين سبزواري ملتاني -بن- پير صلاح الدين -بن- پير صالح الدين عرف محمد نور بخش -بن- پير علي سلام الدين عرف -اسلام- شاهه -بن- پير عبدالمؤمن عرف مشتاق شاهه -بن- پيـر عـلي خـالـق الـديـن شـاهه بـن پيـر محـب الـديـن -بن- پيـر محمـود -بن- پير محمد معصوم -بن- پير هاشم شاهه -بن- پير احمد هادي عرف مستنصر بالله -بن- پير عبدالمجيد شاهه -بن- پير غالب الدين عرف غالب شاهه -بن- پير محمد منصور -بن- پير -امام- الدين عرف اسماعيل شاهه (ثاني) -بن- پير محمد نور الـدين شاهه -بن- پير -امير- -احمد شاهه- عرف -امام- جعفر الصادق عليه السلام.“
پير صاحب جي ولادت لاءِ ڌار ڌار رايا ملن ٿا. گلزار شمس تبريزيءَ مطابق سندس ولادت 2 ربيع الاول 650 هه/ 13 مئي 1252ع تي سومر جي ڏيـنهـن ٿي. ’تـواريخ پـيـر‘ جـو حـوالـو ڏيـندي، لاکاڻـي صـاحـب به ساڳيو سال يعني 650 هه/ 1252ع ٻڌايو آهي. جڏهن ته علي محمد چنارا، 2 ربيع الاول 700 هه/ 1300ع ۽ ڊاڪٽر آئيونوف، هڪ شجري جي آڌار تي 689هه /1290ع بيان ڪيو آهي. آئيونوف جو رايو وڌيڪ وزندار لڳي ٿو. -پير صدرالدين- جي وفات جو سن 1409ع ٻڌايو وڃي ٿو.
-پير صدرالدين- کي سيد الشهداءِ، حاجي بابا، صدر شاهه، پير سلامت، ستگر، سئو ڏيو، مخدوم ٻارهه گُر ۽ گُر هريش چندر کان سواءِ سيد صدرالدين جيبي، وصي محمد ۽ حاجي صدر شاهه پڻ سڏيو ويندو آهي. سندس اصل نالو محمد صدر الدين هو. شجاع الملڪ موجب کيس سيد محمود ثاني به چيو ويندو هو. جيئن ته پير صاحب ڪيترائي حج ڪيا هئا، تنهنڪري کيس حاجي صدرالدين پڻ سڏيو ويندو هو. هن ٻارهن قبيلن کي -اسلام- ۾ -اسماعيلي- فرقي جي عقيدي تي آندو هو، -ان- ڪري کيس ’ٻارهه گر‘ به سڏيو ويو آهي. -پير صدرالدين- کي -اسماعيلي- عقيدي جي ٽيهين امام، سيدنا -اسلام- شاهه (740 هه/1339 ع-827 هه/ 1423ع) سنڌ ۽ هند ۾ -اسماعيلي- دعوت پکيڙڻ لاءِ پير مقرر ڪيو هو ۽ اهڙيءَ طرح هن پنهنجي پڙ ڏاڏي پير شمس سبزواريءَ ملتانيءَ جي دعوت جي ڪم کي اڳتي وڌايو. جڏهن ته هو ساڻس گڏجي سنڌ، پنجاب ۽ راجسٿان جي سفر تي به ويو. سندس والد پير شهاب الدين جي وفات کان پوءِ کيس پير يعني ’داعي‘ مقرر ڪيو ويو. سنڌ، ملتان، ڪشمير، پنجاب، راجسٿان ۽ گجرات کان سواءِ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ به دعوت عام ڪيائين. -ان- وقت ۾ پهرين سومرن ۽ پوءِ سمن (752هه/1351ع) حڪومت جون واڳون سنڀاليون هيون.
پير صدرالدين قرآن پاڪ ۽ حديث شريف کان سواءِ هندومت جي ويدن ۽ ويدانيت جو به مطالعو ڪيو هو. سندس دعوت جو مرڪز اُچ شريف هو، پر ملتان کان وٺي هيٺ سڄو سرائڪي خطو، سنڌ، گجرات، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ راجسٿان ۾ به سندس اثر رهيو. پير صاحب سنڌي، ڪڇي، گجراتي، هندي، پوربي ۽ ٻين ٻولين ۾ گنان چيا آهن. پير صاحب نو مسلم خواجن کي ديني -تعليم- ڏيڻ لاءِ هڪ رٿا ٺاهي ۽ لوهاڻڪي سنڌي رسم الخط ۾ تبديلي آڻي، -ان- جو نالو ’چاليهه اکري‘ رکيائين، جيڪا خواجڪي سنڌي رسم الخط جي نالي سان اڄ به رائج آهي. -ان- حوالي سان کيس خواجڪي سنڌي ’رسم الخط‘ جو باني سڏي سگهجي ٿو. پير صاحب علم ادب جو وڏو سرمايو ڇڏيو، جنهن جو ڪجهه تفصيل هن ريت آهي:
(1) ٻوجهه نرنجن (خدا جي ڄاڻ ۽ -ان- سان واقفيت ):هن ڪتاب ۾ الاهي جوت جي ڳولا ڪرڻ وارن لاءِ واٽن ۽ معنائن جو ذڪر آهي، جنهن ۾ اسلامي -تصوف- ۽ هندي -تصوف- جي اصطلاحن کي ڪم آندو ويو آهي. گنانن جو هي مجموعو -تصوف- ۽ معرفت جي موضوع تي آهي.
(2) آراڌ (پوڄا يا عبادت ):هيءُ مسودو نثر ۾ آهي. شروع ۾ حمد -باري- تعاليٰ آهي، -ان- کان پوءِ حضرتٰ علي عليه السلام جي شان مدح ڏنل آهي.
(3) ونود (سچي راحت يا خوشي ):هن ڪتابڙي ۾ 22 گنان آهن، -جن- ۾ خدا جي ثنا ۽ حضرت علي عليه السلام جو شان ۾ بيان ڪيل آهي.
(4) اٿرويد: هندن جي چئن ويدن مان آخري ”اٿر ويد“ جي هڪ سمجهاڻي بيان ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ خاص طور نڪلنڪ جي رسم به آهي. هي نثر ۾ يارهن پاٺن تي مشتمل آهي.
(5) گر ڀاولي ننڍي (ڳجهه ):هي ڪتاب دنيا ۽ -ان- جي موجودات بابت سوالن جوابن ۾، نثر ۾ آهي. -ان- ۾ ماءُ جي پيٽ ۾ -ٻار- جي افزائش بابت بيان آهي.
(6) صورت سماچار (صورت بابت ڄاڻ يا سمجهاڻي ):هي ڪتاب نثر ۾ آهي.
(7) گنان: سندن 250 کان وڌيڪ گنان ملن ٿا، جيڪي اخلاق، نيڪي، بندگي، مذهبي حقن جي پوئواريءَ ۽ مذهبي وارتائن تي مشتمل آهن. سندس گنانن ۾ سولائيءَ خاطر سنڌي، هندي، سنسڪرت، سرائڪي، پنجابي ۽ گجراتي ٻولين جي آميزش ڪئي وئي آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -پير صدرالدين- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

پير صدرالدين - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن