داخلا ؛ 6926
پڙهيو ويو ؛ 338
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-06-06


تصويرون




ٽائيم لائين

1887.06.20-A.D
پير ضياءُ الدين شاهه راشدي 27 رجب 1304هه مطابق 20 جون 1887ع تي ڳوٺ پير جهنڊي ، تعلقي هالا ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو

1957.02.15-A.D
پير صاحب 15 فيبروري 1957ع تي وفات ڪئي




sindhianaسنڌيانا--پير ضياءُ الدين شاهه راشدي

ٽائيٽل ؛ پير ضياءُ الدين شاهه راشدي


شاخ : سياسي ڪارڪن

پير ضياءُ الدين شاهه راشدي: تحريڪ آزاديءَ جو نامور سياسي اڳواڻ -پير ضياءُ الدين شاهه راشدي- ولد -پير رشدالله شاهه راشدي- 27 رجب 1304هه مطابق 20 جون 1887ع تي ڳوٺ پير جهنڊي، تعلقي هالا ضلعي حيدرآباد (هاڻي مٽياري) ۾ ڄائو. پنهنجي ڳوٺ واري مدرسي دارالرشاد مان مولانا عبيدالله سنڌيءَ، مولانا نجم الدين، مولانا محمد صاحب احمداڻي، مولانا عبدالله لغاري ۽ حافظ امين محمد ڪڇيءَ کان پڙهي دستاربند ٿيو. سندس والد جي وفات کان پوءِ ڀائرن جا پاڻ ۾ گادي نشينيءَ تـان اختـلاف ٿي پيـا، جنهنـڪـري هـو پنهـنجـي زمين تي ڳوٺ نٿو ڪيريي تعلقي سڪرنڊ ۾ وڃي رهيو، هن ڪجهه وقت کان پوءِ مدرسي لاءِ حڪومت کي درخواست ڪئي، جنهن 1937ع ۾ سندس ئي حق ۾ فيصلو ڏنو، -ان- کان پوءِ هو واپس پنهنجي ڳوٺ جهنڊي ۾ اچي گادي نشين ٿيو ۽ مدرسي کي نئين سر تعمير ڪرائي علم جو فيض -جاري- رکيائين. سياسي تربيت پنهنجي والد ۽ پنهنجي -استاد- ۽ انقلابي اڳواڻ مولانا عبيدالله سنڌيءَ کان حاصل ڪيائين، جڏهن ’خلافت تحريڪ‘ جو آغاز ٿيو ته نه صرف -ان- ۾ عملي شرڪت ڪيائين، پر خلافتي عالمن طرفان -جاري- ڪيل ڪيترين فتوائن جي تصديق به ڪيائين، -ان- کان سواءِ تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ مالي مدد پڻ ڪيائين. -تحريڪ خلافت- جي ختم ٿيڻ کان پوءِ پير صاحب ’جمعيت العلماءِ‘ ۾ شموليت ڪري وطن جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙ ڪئي، هن -بيت- الحڪمت جي درس مان فيضياب ٿيڻ سان گڏوگڏ ’جمنا، نربدا، سنڌ ساگر پارٽيءَ‘ ۾ شريڪ ٿي پنهنجون سياسي سرگرميون -جاري- رکيون.
پير صاحب 15 فيبروري 1957ع تي وفات ڪئي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -پير ضياءُ الدين شاهه راشدي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

پير ضياءُ الدين شاهه راشدي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سياسي ڪارڪن - موضوع جون ٻيون داخلائون-
تميزالدين مولوي
پير رشدالله شاهه راشدي
پيرزادو عبدالرزاق مولوي
پير ضياءُ الدين شاهه راشدي
پير عبدالستار جان سرهندي
پير محمود الحسن جان سرهندي


.....سياسي ڪارڪن موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن