داخلا ؛ 7012
پڙهيو ويو ؛ 265
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-06-26


تصويرون




ٽائيم لائين

1425.00.00-A.D
پير مراد شيرازي جي ولادت 830 هه/1426ع ۾ ٿي

1487.00.00-A.D
پير مراد شيرازي 63 سالن جي عمر ۾ 893هه بمطابق 1487ع ڌاري وفات ڪئي




sindhianaسنڌيانا--پير مراد شيرازي

ٽائيٽل ؛ پير مراد شيرازي


شاخ : شخصيت

پير مراد شيرازي: سيد محمد حسين ”پير مراد“ هڪ ڪامل بزرگ ٿي گذريو آهي، سندس ولادت 830 هه/1426ع ۾ ٿي. سندس -باري- ۾ ڪيتريون روايتون موجود آهن، جھڙوڪ: ولادت کان اڳ ۾ حقيقت ۽ معرفت جي ڄاڻو شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ ۽ ٻين -الله- وارن بزرگن سندس ولادت جي خوشخبري ڏني ۽ پنهنجي ارادتمنديءَ جو اظهار ڪيو هو. اها به روايت آهي ته ڄمڻ بعد -اکيون- نه کوليائين، پر جڏهن شيخ عيسيٰ لنگوٽي آيو، -ان- وقت -اکيون- کوليائين. شيخ عيسيٰ کيس ڏسي چيو ته: ”هي اهو ئي ماڻهو آهي، جنهن جي مريديءَ لاءِ مون کي انتظار هو.“
’تذڪرة المراد‘ ۾ لکيل آهي ته جنهن وقت -پير مراد- شيرازيءَ جي عمر چاليهه سال ٿي ته پنهنجي طريقت جو اعلان ڪيائين. هر طرف کان ماڻهو سندس خدمت ۾ آيا ۽ مريديءَ جو هٿ ورتائون. اهڙيءَ طرح سندس بزرگيءَ جي هاڪ شيخ -بهاؤالدين- زڪريا جي پوٽي شيخ صدرالدين جي ڪنن تائين پهتي. -ان- هڪ خادم ملتان مان -پير مراد- کي گھرائڻ لاءِ موڪليو ۽ کير جو ڀريل پيالو به گڏ موڪليائنس. جنهن مان شيخ صدرالدين جو مقصد هو ته جھڙيءَ ريت هي کير جو پيالو ڀريل آهي، اهڙيءَ ريت طريقت ۾ ٻئي جي گنجائش نه آهي. هڪ ٻي روايت آهي ته ملتان کان -ٺٽي- تائين ايتري پنڌ بعد ۾ نه کير ڦِٽو ۽ نه ئي هڪ ڦُڙو کير جو پيالي مان ضايع ٿيو.
شيخ صدرالدين جو قاصد -ٺٽي- شهر ۾ -پير مراد- وٽ اچي حاضر ٿيو. نياپي پهچائڻ کان پوءِ کير جو پيالو سندس اڳيان رکيائين. -پير مراد- نماز جي مصلي هيٺان گل کڻي کير جي پيالي ۾ وجهي چيو ته اسان جي جاءِ خالي آهي. مطلب ته جيئن کير جي ڀريل پيالي ۾ گل -تري- رهيو آهي، تيئن اسان به پيالي ۾ موجود کير مٿان گل وانگر ترندا رهنداسون. اهڙو جواب ملڻ کان پوءِ شيخ صدرالدين جو قاصد واپس ٿيو ۽ پيرائتو احوال وڃي شيخ صاحب جي خدمت ۾ پهچايائين ۽ اهو پيالو به گل سميت سندس پيرن ۾ رکيائين. اها به روايت آهي ته ملتان تائين اهو گل سائو ۽ تازو رهيو. روايتن ۾ اهو به اچي ٿو ته شيخ صدرالدين جي دل ۾ حضرت -پير مراد- جي ملاقات جو شوق دامنگير ٿيو ۽ سگھوئي -ٺٽي- اچي -پير مراد- سان ملاقاتي ٿيو ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾ ڏاڍي پريت قائم ٿي وئي.
هڪ ٻي روايت آهي ته شيخ صدرالدين سندس ڪجهه ڪرامتون ڏسي چيو هو ته: ”تون مشائخن جي مراد آهين ۽ توکان ئي مرادون حاصل ٿين ٿيون.“ -ان- کان پوءِ سيد محمد حسين ”مراد“ جي لقب سان مشهور ٿيو. مسجد صفه -پير مراد- جي آثارن مان آهي، جيڪا اصل ۾ هڪ مڙهي هئي. -پير مراد- -ان- مڙهيءَ کي ڊاهي مسجد ٺهرائي. ڄام نظام الدين سمي (سنڌ جي حڪمران) هندن جي شڪايت تي پنهنجي ڀاڻيجي ڄام مبارڪ، شيخ نٿر، شيخ ماله کي پير صاحب لاءِ موڪليو، پر اهي سندس ارادتمند بنجي پيا.
ڄام نندي (نظام الدين) -ان- تي ڄام نظام الدين پنهنجو ارادو بدلايو ۽ خود به -پير مراد- جي ارادتمندن ۾ شامل ٿيو. هن بزرگ جا هزارين مريد هئا. سيد مراد 63 سالن جي عمر ۾ 893هه بمطابق 1487ع ڌاري وفات ڪئي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -پير مراد شيرازي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

پير مراد شيرازي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن