داخلا نمبر 6755
عنوان پير پرڏيهي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 181 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

پير پرڏيهي

پير پرڏيهي: سيد ابراهيم شاهه معروف پير پرڏيهي بلڙيءَ جو رهاڪو وڏو ولي، عامل ۽ صاحب ڪرامت (بزرگ) ٿي گذريو آهي، جنهن جي قبر بلڙيءَ ڀرسان واقع آهي، مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ ۾ پير پرڏيهيءَ سان وابسته هڪ واقعو لکيو آهي، جيڪو عقل کان بعيد آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته هن بزرگ جي مزار ڀرسان گهاٽا وڻ هوندا هئا، جن جي پنن کي هٿ لائڻ سان ماڻهو ۽ ساهوارا مري ويندا هئا، پر شاهه ڪريم جي دعا سان اهو عمل بند ٿي ويو. سيد ابراهيم شاهه معروف پير پرڏيهي جي مزار بلڙيءَ جي ڳوٺ جي آسپاس آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو