داخلا نمبر 6886
عنوان پيرزاده قاسم رضا
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 337 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون
پيرزاده قاسم رضا

پيرزاده قاسم رضا

پيرزاده قاسم رضا

پيرزاده قاسم رضا ناميارو اديب ۽ تعليمدان، ڊاڪٽر پيرزاده قاسم رضا جو پورو نالو پيرزاده قاسم رضا ولد ضياءِ صديقي آهي. هن 8 فيبروري 1943ع تي دهليءَ ۾ جنم ورتو. هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي. ايس. سي (آنرز) ۽ ايم. ايس. سي ڪرڻ بعد انگلــنـڊ مان پـي. ايڇ. ڊي ڪئي. هـن 1975ع کان 1978ع تـائيـن بـرطانـيـه جي ’يونيورسٽي آف نيوڪيسل اپان ٽائن‘ ۾ ريسرچ ايسوسيئيٽ طور خدمتون سرانجام ڏنـيـون، بـعـد ۾ ڪـراچـي يـونيورسٽيءَ ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. اتي هن ڊائريڪٽر اسـٽـوڊنـٽ افـيـئـرز، فـزيالاجي شعبي جي سربراهه، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار ۽ پرو وائيس چانسلر طور ذميواريون نڀايون، هن وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر آهي، اهو سندس ٻيو ٽينيوئر (مدو) آهي، ان کان اڳ هو وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر به رهي چڪو آهي. تعليمي ميدان ۾ کيس لڳ ڀڳ چاليهن سالن جو تجربو آهي، ان کانسواءِ ادب جي دنيا ۾ به سندس وڏو نالو آهي. هو اردوءَ جو سٺو شاعر آهي، سندس والد ضياءُ صديقي توڙي ڏاڏو رياض الدين ’بسمل‘ به سٺا شاعر ٿي گذريا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1943.02.08  عيسوي

پيرزاده قاسم رضا 8 فيبروري 1943ع تي دهليءَ ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون