داخلا ؛ 6877
پڙهيو ويو ؛ 436
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2013-06-04


تصويرون


perzado-molve-muhamd-maaiz.gif
پيرزادو  مولوي محمد معاذ
پيرزادو مولوي محمد معاذ



ٽائيم لائين

1896.00.00-A.D
مولوي محمد معاذ 1896ع ڌاري ڳوٺ قطال شاهه لڳ ڇتن شاهه تعلقي سڪرنڊ ضلعي نوابشاهه ۾ ڄائو

1959.00.00-A.D
مولوي محمد معاذ 1379هه بمطابق 1959ع ڌاري نوابشاهه ۾ وفات ڪئي




sindhianaسنڌيانا--پيرزادو مولوي محمد معاذ

ٽائيٽل ؛ پيرزادو مولوي محمد معاذ


شاخ : شخصيت

پيرزادو، مولوي محمد معاذ: سنڌ جي محب وطن ۽ خاموش قومي خدمتگار مولوي محمد معاذ جو اصل نالو محمد پناهه ولد حاجي محمد عارف پيرزادو هو. 1896ع ڌاري ڳوٺ قطال شاهه لڳ ڇتن شاهه، تعلقي سڪرنڊ ضلعي نوابشاهه (بينظير آباد) ۾ ڄائو. سندس والد هارپو ڪندو هو. ستن سالن جي عمر ۾ ڳوٺ جي -آخوند- واليڏني وٽ قرآن پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو. ڏهن سالن جي عمر ۾ کيس ديني -تعليم- لاءِ پير جهنڊي جي مدرسي دارالارشاد ۾ موڪليو ويو. -جتي- مولانا عبيدالله سنڌي پڙهائيندو هو. محمد معاذ ابتدائي سنڌي ۽ فارسي پڙهڻ بعد عربيءَ جي -تعليم- حاصل ڪئي. مولوي معاذ جو اصل نالو محمد پناهه هو، جو مولانا سنڌي صاحب سندس والد جي اجازت سان بدلائي محمد معاذ رکيو. پير رشدالله شاهه جهنڊي وارو مٿس مهربان هوندو هو. 1913ع ۾ مولوي معاذ عربيءَ جي درس نظاميءَ جي -تعليم- اُتي پوري ڪئي. مولانا عبيدالله سنڌيءَ -ان- عرصي ۾ دهليءَ جي مسجد فتح پوريءَ ۾ مدرسه نظارت المعارف کولي مولوي ۽ گريجوئيٽ (ٻن قسمن جي) -تعليم- ڏيندو هو. مولوي محمد معاذ 1914ع ۾ دهليءَ ويو، -جتي- حڪيم اجمل خان جي مدرسه طيبه ۾ داخلا ورتائين. اتي ٻه مهينا رهڻ بعد ميرٺ ۾ مولوي عبدالمومن وٽ حديث جا ڪتاب پڙهيائين. اتان هو لکنوءَ ويو، -جتي- تڪميل الطب ڪاليج جهوانئي ٽولا ۾ طبي -تعليم- ورتائين ۽ عربيءَ ۾ طبي ڪورس 1917ع ۾ پورو ڪري سَند ورتائين. 1917ع ۾ ئي سنڌ واپس اچي نوابشاهه ۾ دواخانو کوليائين. مولوي معاذ بنيادي طرح هڪ انقلابي شخص هو. جڏهن خلافت تحريڪ شروع ٿي ته 1919ع ۾ جميعت العلماء ۾ شامل ٿيو. هندو مسلم -اتحاد- تي زور ڏنائين. 1924ع ۾ جڏهن خلافت تحريڪ جهڪي ٿي ته هن جا واسطا ڪانگريس سان رهيا. هن سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ وري تحريڪ ۾ به حصو ورتو. سنڌ آزاد ٿيڻ بعد 1937ع جي چونڊن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي آزاد پارٽيءَ جو ساٿ ڏنائين. 1939ع ۾ نوابشاهه شهر ۾ ميونسپالٽيءَ جي چونڊ ٿي، جنهن قومپرست سياستدانن جي مدد سان سخت مقابلي ڪري ميمبر چونڊيو، -ان- وقت 11 سيٽون هندن ۽ 5 سيٽون مسلمانن لاءِ هيون. -ان- کان پوءِ به ڪيترو عرصو ميونسپالٽيءَ تي چونڊبو رهيو. جڏهن 1947ع ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ فيصلو ڪري -پاڪستان- ۽ ڀارت جي نالي سان ملڪ جو ورهاڱو ڪيو ته قومپرست مسلم ڪارڪنن لاءِ سياسي ميدان ۾ ڪم لاءِ ماحول نه رهيو، جنهنڪري هن سياست ۾ حصو وٺڻ ڇڏي ڏنو. اڳتي هلي جڏهن ”متحده محاذ“ ٺهيو ته -ان- ۾ شريڪ ٿيو. 1951ع ۾ سيفٽي -ائڪٽ- هيٺ کهڙي جي وزارت ۾ جيل ويو. پوءِ به نيشنل عوامي -پارٽي- ۽ هاري پارٽيءَ جي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو. هن نوابشاهه ۾ ”معاذ دواخانو“ شروع ڪيو هو، جنهن جي هنــد، سنڌ سان گڏ دنـيا ۾ هاڪ ۽ ڌاڪ آهي. سندس نالي سان سنڌ جو”معاذ ٿاڌل“ مشهور آهي. پيرزادي صاحب جو ڪتاب ”بياض حڪمت“ اڻ ڇپيل موجود آهي. سندس ڪتب خاني ۾ ديني، ادبي ۽ حڪمت بابت ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود آهي. هن قومي مجاهد 1379هه بمطابق 1959ع ڌاري نوابشاهه ۾ وفات ڪئي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -پيرزادو مولوي محمد معاذ- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

پيرزادو مولوي محمد معاذ - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن