داخلا ؛ 6862
پڙهيو ويو ؛ 465
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-05-31


تصويرون


perzado-goos-muhd.gif
پيرزادو غوث محمد گوهر
پيرزادو غوث محمد گوهر



ٽائيم لائين

1935.06.11-A.D
مخدوم غوث محمد گوهر 11 جون 1935ع تي ڪوٽڙي محمد ڪبير ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو




sindhianaسنڌيانا--پيرزادو غوث محمد گوهر

ٽائيٽل ؛ پيرزادو غوث محمد گوهر


شاخ : شخصيت

پيرزادو غوث محمد ’گوهر ‘:مخدوم غوث محمد گوهر، شاهه محمد صديقي پيرزادي جي گهر ۾، 11 جون 1935ع تي ڪوٽڙي محمد ڪبير (تعلقي محرابپور) ضلعي نوشهري فيروز ۾ -جنم- ورتو.
مخدوم غوث محمد، پرائمري -تعليم- ڪوٽڙي ڪبير مان ورتي، ۽ ميٽرڪ تائين -تعليم- ڪنڊياري ۽ هالاڻي هاءِ اسڪولن مان حاصل ڪيائين. هن کي سندس والد جي مامي فقير غلام قادر پيرزادي نپايو. جنهن جو مٿس گهڻو راز هو. جڏهن -ان- فقير غلام قادر جي عمر 60 سالن کي پهتي ته هن ننڍڙي غوث محمد کي وڌيڪ اسڪولي -تعليم- پرائڻ کان منع ڪندي چيو ته ”تنهنجو والد ۽ آءٌ پوڙها ٿي چڪا آهيون، -ان- ڪري تون ابي ڏاڏي جي زمين اچي سنڀال. ائين غوث محمد پيرزادي وڌيڪ پڙهائي ڇڏي اچي مائٽاڻي زمينداري سنڀالي، -ان- دوران فقير غلام قادر (جنهن کي سڀ نانو چوندا هئا) کيس گهر ويٺي خانگي طرح عربي، فارسي ۽ -انگريزي- سيکاري. پيرزادي غوث محمد گوهر جي والد 1975ع ۾ وفات ڪئي ۽ فقير غلام قادر، 1977ع ۾ انتقال ڪيو، جنهنڪري ناناڻي توڙي ڏاڏاڻي پڳ جو کيس وارث ٿيڻو پيو.
مخدوم غوث محمد گوهر -ٽن- سالن تائين عشر زڪوات ڪميٽي، نوشهري فيروز جو چيئرمئن به رهيو. -ان- کان سواءِ -ٽن- سالن تائين، سچل چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو ايڊوائيزر رهيو ۽ هن وقت تائين سچل چيئر جي ايڊوائيزري بورڊ جو ميمبر آهي. سندس ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سان خاص دوستي هئي. -ان- ڪري سچل سرمست ادبي ڪانفرنس ۾ دلچسپيءَ سان شريڪ ٿيندو هو. وٽس وڏن جو وسيع، قديم ۽ علمي ادبي ذخيرو موجود آهي، جنهن کي محفوظ رکڻ لاءِ هن 1984ع ۾ ڪوٽڙي ڪبير ۾ ’الڪبير اڪيڊمي‘ قائم ڪئي. جنهن ۾ مختلف موضوعن تي ڏهن هزارن کان وڌيڪ ڪتاب موجود آهن. هن اڪيڊميءَ جي خصوصيت اها آهي ته هن ۾ ساڍن -ٽن- سون کان وڌيڪ قلمي قرآن پاڪ موجود آهن، -جن- ۾ 202 هجريءَ جو هڪ قديم قرآن پاڪ، ڪاتب خان محمد تنيي جو هٿ اکري به موجود آهي. پيرزادي غوث محمد گوهر کي -جتي- به ڪو قلمي قرآن يا ڪو ٻيو اهم مسودو معلوم ٿيندو آهي ته هو ڳري قيمت تي خريد ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي.
مخدوم غوث محمد جي وڏن جا شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سان گهاٽا لاڳاپا هئا. چيو وڃي ٿو ته شاهه لطيف جو ڪلام، شاهه جي فقيرن جو لکيل، لطيف سائين جڏهن به اُتر سنڌ جي سفر تي ايندو هو ته هن درگاهه ۾ ڪتابت لاءِ ڏئي ويندو هو. ۽ هتي جا ڪاتب اهو مواد سُٺن اکرن ۾ ڪتابت ڪري رکندا هئا ۽ شاهه صاحب واپسيءَ تي پاڻ سان کڻي ويندو هو.
پيرزادو غوث محمد شاعري نثر نويس به آهي، هن جا ڪيترائي ڪتاب لکيل ۽ ترتيب ڏنل آهن، -جن- جو تفصيل هن ريت آهي:
(1) سُوره ياسين (عبدالڪريم عاصي جو منظوم قلمي ترجمو، رهيل ترجمي جي تڪميل سان: 1990ع)، (2) شهباز نامه (قلندر شهباز جي فارسي ڪلام جو سنڌي ترجمو، مترجم: نياز همايوني (1993ع)، (3) ڪلام ڪوڙلين (ڪوڙل سوناري ۽ سندس پوٽي ڪوڙل جو ڪالم: 1995ع)، (4) سامي سفر هليا (سورهن ڏينهن جو صوفين ۽ ڄام ساقيءَ سان گڏ: 1997ع)، (5) مهدي مڻيادار (مهدي شاهه جهانيان جو ڪلام: 1999ع)، (6) ڪاتيار جو ڪلام (مخدوم عبدالله ڪاتيار جو ڪالم ۽ شخصيت)، (7) خوشبوءِ جو سفر (حرمين شريفين جو سفرنامو: 2000ع)، (8) ڀارت ياترا (ڀارت جو سفرنامو: 2001ع)، (9) منظوم سنڌي -تفسير- (ڪوٽڙي ڪبير جي بزرگن جو بسم الله، سورت فاطمه، سورت ياسين، سورت اخلاص ۽ سورت الدهر جو منظوم ترجمو، قديم سنڌيءَ مان جديد صورتخطي ۾ آندل: 2005ع)، (10) لطائف علي (2007ع)، (11) ڪوٽڙي محمد ڪبير جو صديقي خاندان (سوانح حيات: 2008ع)، (12) چهل حديثون (مولانا جاميءَ جي چاليهن حديثن جي فارسي منظوم ترجمي جو عربي، انگريزي، سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ترجمو: 2010ع)، (13) ڪوٽڙي محمد ڪبير جو تاريخي پسمنظر (2010ع).




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -پيرزادو غوث محمد گوهر- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

پيرزادو غوث محمد گوهر - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن