داخلا ؛ 6884
پڙهيو ويو ؛ 446
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-06-04


تصويرون


perzado-meer-muhd.gif
پيرزادو مير محمد
پيرزادو مير محمد



ٽائيم لائين

1944.06.19-A.D
مير محمد پيرزادي 19 جون 1944ع تي ٻلهڙيجي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ رحمت الله پيرزادي جي گهر ۾ جنم ورتو




sindhianaسنڌيانا--پيرزادو مير محمد

ٽائيٽل ؛ پيرزادو مير محمد


شاخ : شاعر

پيرزادو، مير محمد: مشهور گيت ڪار شاعر، مير محمد پيرزادي، 19 جون 1944ع تي ٻلهڙيجي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ رحمت -الله- پيرزادي جي گهر ۾ -جنم- ورتو. هي نامياري ليکڪ -انور- پيرزادي جو سڳو ماسات آهي. پرائمريءَ کان وٺي مئٽرڪ تائين ٻئي گڏ پڙهيا. مير محمد پيرزادي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ مان 1962ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. ننڍپڻ ۾ سندس والد وفات ڪري ويو ۽ پنهنجي چاچي جي مدد سان سنڌ زرعي ڪاليج (ان وقت هي ڪاليج سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماتحت هو) مان 1967ع ۾ بي. ايس. سي (آنرز: ايگرانامي) پاس ڪيائين. 1969ع ۾ ريسرچ اسسٽنٽ جي حيثيت سان زرعي ڪاليج سڪرنڊ ۾ نوڪريءَ تي چڙهيو. جتان ڪجهه عرصي لاءِ سندس ڏوڪري، سجاول، ڪوٽ ڏجي، دادو ۽ ٻين هنڌن تي بدليون به ٿينديون رهيون، پر سندس مستقل رهائش سڪرنڊ ۾ ئي رهي. مير محمد پيرزادو ’ڪڻڪ جي تحقيقاتي اداري‘ سڪرنڊ جو ڊائريڪٽر رهيو، جتان 20 جون 2004ع تي رٽائر ڪيائين.
مير محمد پيرزادي 1969ع ۾ شادي ڪئي ۽ شاعريءَ جي شروعات به ساڳئي سال کان ڪيائين. ٻلهڙيجيءَ جي مئخانن ۾ ٿيندڙ راڳ، جهونن جي ڪچهرين، شادي وهانءَ جي سهرن ۽ ڳيچن ٻڌڻ ڪري کيس شاعريءَ سان لڳاءُ پيدا ٿيو. هن جا وڏا ٻلهڙيجيءَ جا هئا، عربي ۽ فارسي ٻوليءَ توڙي حڪمت جا ڄاڻو ۽ تحصيل يافته هئا، -ان- ڪري اتي موجود شاهه جمال جي درگاهه جو مئخانو شروع کان وٺي علم ۽ ادب جو مرڪز پئي رهيو، -جتي- راڳ ۽ سنگيت جو اهو عالم هو ته الهڏني نوناري، جيوڻي ٻائي، -استاد- بنده علي خان، -استاد منظور علي خان- کان ويندي شرافت علي خان تائين سڀ سُريلا راڳي، -ان- مئخاني تي پنهنجي فن جا جلوا ڏيکاري چڪا هئا، جنهنڪري مير محمد جي شاعريءَ کي پختگي ملي. سندس شاعريءَ ۾ موسيقي ۽ رواني ڪمال جي آهي. گڏوگڏ کيس راڳ ۽ سنگيت جي به وسيع ڄاڻ آهي.
مير محمد پيرزادي جا ٻه شعري مجموعا ڇپيل آهن: (1) ’مکڙيون، ماڪ ڦڙا‘ (1981ع) روشني پبليڪيـشن، ڪنڊياري پاران ڇـپـيل، (2) ’ليار نيڻن ۾ ڦٽا‘ (1999ع) مارئي اڪيڊمي، سڪرنڊ طرفان ڇپيل. شاعريءَ ۾ گيت سندس خاص سڃاڻپ رهيو آهي، جنهن ۾ هن ڪافي ڪامياب تجربا ڪيا آهن. سندس پهرئين شعري مجموعي ’مکڙيون، ماڪ ڦڙا‘ تي سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن طرفان کيس گولڊ ميڊل ڏنو ويو، جڏهن ته انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ به -ان- ڪتاب کي سال جي بهترين ڪتاب طور پهريون -انعام- ڏنو. مير محمد پيرزادي جي شاعريءَ جا ٻه وڌيڪ مجموعا ۽ ٻه مضمونن جا مجموعا ترتيب ڏنل، ڇپائيءَ جا منتظر آهن. سندس ايم. اي سنڌيءَ جو مونوگراف ”ڪلهوڙن جي دؤر جو سنڌي ادب ۽ حضرت سلطان الاولياء خواجه محمدالزمان جو مقام“ عنوان هيٺ لکيل آهي. -ان- کان سواءِ سندس لاتعداد سياسي، سماجي، ادبي ۽ تنقيدي مقالا ۽ مضمون ڇپيل آهن. هن سرڪاري ملازمت دوران ڪڻڪ جي جنس ’مومل 2002‘ تيار ڪرائي، پاس ڪرائي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين آبادگارن ۾ پنهنجي ساک قائم رکيو اچي. سنڌ جو هي بهترين شاعر، هن وقت سڪرنڊ شهر ۾ رهائش پذير آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -پيرزادو مير محمد- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

پيرزادو مير محمد - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شاعر - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
ارشاد عباسي
ارشد هالائي
ارم محبوب
استاد بخاري
اسحاق آهنگر
اسحاق راهي
اسحاق سميجو
اسد الله شاهه بيخود حسيني
اسد بيگ اسد مرزا
اسد چاچڙ
اسلم خيال
اسلم عباسي
اسماعيل اداسي
اسير ملاح
اطهر منگي
اعجازالحق قدوسي
افتخار عارف
افضل قادري
اقبال رند
اقبال شينو
اقبال علامه ڊاڪٽر
اصغر سائين
اڪبر ساگر
اڪرام ساگر عباسي
الانا جِي
بردو سنڌي
الطاف عباسي
الطاف ملڪاڻي
برڪت بلوچ
الهه بخش سرشار عقيلي
الهنواز نواز رُڪڻائي
الهورايو اُداسي بِهڻ
الياس عِشقِي ڊاڪٽر
ابراهيم خليل
ابراهيم خليل ڊاڪٽر
ابراهيم منشي
امام بخش خادم
امام علي شاهه
آخوند عبدالرحمان چانڊيو
امداد جتوئي
امداد جعفري
امداد حسيني
آخوند عبدالقادر بيدل
امر اقبال
آخوند فقير محمد عاجز
امر ساهڙ
ابو البقا ملا ٺٽوي
آخوند گل محمد ھالائي خليفو
بسمل ٽکڙائي
آخوند لطف الله لطف قريشي
بسنت ڪمار رائچنداڻي
بشير احمد بشير
آخوند محمد قاسم هالائي
ابو طالب اعواڻ قطب شاھي
اٽل مل بينام
آدم هنڱورجو
اميد خيرپوري
اميد علي ڪلهوڙو
اميد علي لغاري
امير بخاري
اميربخش امير قريشي
امير بخش نظر سنڌي
امير خسرو
امين محمد ثاني هالائي مخدوم
احسان علي
احسان فقير لانگاهه
احسن الهاشمي
احسن حافظ محمد چنا
احمد بخش احمد مورائي
احمد بخش بدوي
احمد خان اختر
احمد خان گلزار
احمد خان مدهوش
احمد سليم
احمد سولنگي
احمد علي شاهه
احمد فراز
بشير بيوس اوٺو
احمد ملاح مولوي
بشير سيتائي
اختر انصاري اڪبرآبادي
اختر درگاهي
انجم هالائي
ادراڪي بيگلاري
بکر شيخ
آري فقير چانڊيو
آزاد بخاري
آزاد محمد رمضان
ارجن حاسد
ارجن سڪايل


.....شاعر موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن