داخلا ؛ 7974
پڙهيو ويو ؛ 257
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2014-11-21


تصويرون


Dr.-Dur-Mohammad-Pathan.gif
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تصوير
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تصوير



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--پٺاڻ درمحمد ڊاڪٽر

ٽائيٽل ؛ پٺاڻ درمحمد ڊاڪٽر


شاخ : شخصيت

پٺاڻ، دُر محمد، ڊاڪٽر: سنڌ جي نالي واري اديب ۽ محقق، ڊاڪٽر در محمد -پٺاڻ- جو پورو نالو در محمد -پٺاڻ- ولد گل محمد -پٺاڻ- آهي. هو 25 مئي 1945ع تي ڳوٺ خير محمد -آريجا- تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. پرائمري -تعليم- پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ 1963ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان ڪيائين. بي. اي پرائيويٽ 1967ع ۾ ڪيائين. بي. ايڊ 1971ع ۾ -اول- پوزيشن ۾ پاس ڪيائين ۽ 1972ع ۾ ايم. اي سنڌي ٽئين پوزيشن سان سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. 1979ع ۾ ”ڪراچيءَ جو سنڌي ٻوليءَ علم ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ حصو“ جي موضوع تي تحقيقي مقالو لکي، پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. در محمد -پٺاڻ- 1973ع ۾ -تعليم- کاتي ۾ ليڪچرار ۽ 1985ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو. -ان- ئي عرصي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر -انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي- مقرر ٿيو، -جتي- ڪجهه عرصو قائم مقام ڊائريڪٽر به رهيو. ڊيپوٽيشن جا پنج سال پورا ڪرڻ بعد 1990ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڏوڪريءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو. 1991ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر ٿيو ۽ 1991ع کان 1995ع تائين اتي ئي پرنسپال ٿيو. جتان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ هن وقت زيبسٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پرنسپال طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.سندس هن وقت تائين سنڌ بابت -تحقيق- کان سواءِ اٽڪل 500 کان مٿي ثقافتي، ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي مضمون ڇپيل آهن. جڏهن ته سندس ٽيهارو کن ننڍا وڏا ڪتاب لکيل ۽ ترتيب ڏنل آهن، -جن- ۾”موتي مور ملوڪ جا“ (سگهڙ محمد ملوڪ عباسيءَ جي لوڪ شاعري، ترتيب: 1981ع)، ٻــارڙن لاءِ ”ذهـنـي آزمـائـش“ ۽ ”ڇـيـلـڙي وارو شـهـزادو“ (1984)، ”سنڌ ۾ سياسي چرپر“ (1985ع)، ”مولانا عبيدالله سنڌي“ (ٻارن لاءِ: 1985ع).”آدرش رنگ“ (شاعري: 1986ع)،”ادب ۽ ماحول“ (1987ع).”جهڙا گل گلاب جا“ (هندو شاعرن جي شاعري: 1988ع)، علامه آءِ. آءِ. قاضي سووينئر (ترتيب :1989ع)،”موتين مٺ ملوڪ جي“ (سگهڙ محمد ملوڪ عباسيءَ جي لوڪ شاعري: 1990ع)، ”سنڌي ادبي بورڊ ڪارڪردگي (ڪتـابـڙو:1991ع)، ”لاتيون سهڻي لقمان جون“ (سگهڙ محمد لقمان جي لوڪ شاعري: 1995ع) ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. ڪتاب ”ادب ۽ ماحول“ کي سنڌ يونيورسٽيءَ پاران 1988ع ۾ ايم. اي سنڌي نصاب ۾ شامل ڪيو ويو. سندس ڪتاب ”جو مطالعو ڪيو مون“ 1983ع ۾ -انڊيا- ۾ شايع ٿيو. ڊاڪٽر در محمد -پٺاڻ- پنهنجي اباڻي ڳوٺ خير محمد -آريجا- ۾ پنهنجي -امڙ- حيات خاتون ۽ ابي گل محمد جي نالي سان ”گل حيات انسٽيٽيوٽ“ جهڙو علمي ادارو پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي قائم ڪري مثال پيدا ڪيو آهي. هي سنڌ جو اهڙو غير سرڪاري ادارو آهي. جنهن ۾ هزارين ناياب ڪتاب ۽ فن، ثقافت، سياست، شخصيات ۽ -تاريخ- بابت اخباري ڪترُن تي مشتمل هزارين فائيلن جو مواد موجود آهي. ڊاڪٽر در محمد -انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي- ۽ قائداعظم يونيورسٽي -اسلام- -آباد- طرفان ڏهاڪو مضمونن ۾ پي. ايڇ. ڊي گائيڊ طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. 1985ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ هڪ پراجيڪٽ ”پرزرويشن آف هسٽري ڪلچر ۽ لٽريچر آف سنڌ“ هـيٺ سندس ڪيل جاکوڙ ۽ ٻين خدمتن جي مڃتا طور 1986ع ۾ سنڌالاجيءَ ۾ ”ڊاڪٽر در محمد -پٺاڻ- ڪارنر“ قائم ڪئي وئي، جنهن مان ڪيترن شاگردن پـي. ايـڇ. ڊي لاءِ مدد حاصل ڪئي آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -پٺاڻ درمحمد ڊاڪٽر- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

پٺاڻ درمحمد ڊاڪٽر - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن