داخلا نمبر 7763
عنوان پٿر
شاخ مادو
پڙهيو ويو 156 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

پٿر

پٿر (ٽڪر Rock ):هڪ سخت قسم جو مادو آهي، جيڪو نه صرف قدرتي طور زمين جي سطح تي ۽ تهن ۾ موجود آهي، پر سخت زمين کي ڀڄڻ سان ٺهندڙ نهرا ٽڪر به پٿر سڏبا آهن. ان کانسواءِ زلزلن سبب نڪتل لاون جي ٺرڻ بعد جيڪا سخت شڪل ٺهندي آهي، اها به پٿر ٿي ويندي آهي. زمين جي مٿئين تهه ۾ تقريباً ٽيهه سيڪڙو پٿر پکڙيل آهن؛ هن وقت تائين جيڪي پٿر ڏٺا ويا آهن، تن کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي: (1) رجندڙ پٿر يا (Megama) جي ڄمڻ سان تيار ٿيل پٿر آتشي پٿر (Igneous Rocks) آهن. (2) پٿرن جو ٻيو قسم، پهرئين قسم جي پٿرن جي ڀور مان تيار ٿيندو آهي، جنهن کي گاڏڙ پٿر (Sedimentory Rocks) چئبو آهي. (3) ٽئين قسم جا پٿر (Metamorphic Rocks) آتشي پٿرن ۽ گاڏڙ پٿرن تي گرميءَ ۽ دٻاءَ جي ڪري وجود ۾ اچن ٿا.آتشي پٿر: هي پٿر زمين جي مٿان ڪن هنڌن تي پکڙيل تهن جي صورت ۾ ملن ٿا، جن کي خارجي پٿر به چيو ويندو آهي. خارجي پٿر آتش فشاني عمل سان ٺهندا آهن ۽ زمين جي مٿئين تهه ۾ پگهريل صورت ۾ جمع ٿين ٿا ۽ پوءِ هڪ سخت تهه جي شڪل ۾ ڄمي وڃن ٿا. انهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ننڍا وڏا پٿرن جا قلم ملن ٿا، جڏهن جلد ڄمڻ ڪري قلمي شڪل اختيار نٿا ڪري سگهن، تڏهن پٿرن جي صورت شيشي جهڙي ٿي پوي ٿي. شروع ۾ اهي قلم زمين جي سطح کان هيٺ هوندا آهن ۽ انهن جي مٿان پٿرن جي مختلف تهن جي دٻاءَ جي ڪري، انهن ۾ ڀڃ ڊاهه پيدا ٿيندي آهي، جنهنڪري آتشي پٿر زمين جي سطح تي اچي ويندا آهن. آتش فشاني مادو ٻن طريقن سان زمين/ جبل مان ٻاهر نڪرندو آهي، هڪ ته اُهو مرڪزي سوراخ (Central Vent) مان نڪرندو آهي، ٻيو ڊگهي شفاف Fissure جي ذريعي ٻاهر ايندو آهي. گاڏڙ پٿر: پٿرن جا اهڙا حصا، جن کي هوا ۽ پاڻي متاثر ڪن ٿا، انهن ۾ طبعي ۽ ڪيميائي تبديليون رونما ٿينديون رهن ٿيون. جڏهن ڪي پهاڙيون ننڍن يا وڏن ٽڪرن ۾ ٽٽل هونديون آهن، جو هوا ۽ پاڻيءَ جي ذريعي هيٺاهينءَ واري ڀاڱي ۾ منتقل ٿين ٿيون، ۽ پوءِ نهرن ۽ درياهن جي تري ۾ اچي گڏ ٿين ٿيون، جيڪي پوءِ چيڪي مٽيءَ (Clay) جي صورت اختيار ڪن ٿيون. چيڪي مٽي تهن جي خالن ۾ ڀرجي وري سيمنٽ جي صورت اختيار ڪن ٿيون. اهڙيءَ طرح سيمينٽ ۾ گهڻو ڪري چُن، چيڪي مٽي، لوهه جا آڪسائيڊ يا سليڪان هوندا آهن. ان ريت اهي گاڏڙ پٿر تيار ٿيندا آهن، جن کي Clastic پٿر چئبو آهي. ثقليبي پٿر (Metamorphic Rocks ):هن قسم جا پٿر توڙي آتشي هجن يا گاڏڙ، ليڪن جڏهن اهي زمين جي گهرائيءَ ۾ دفن ٿي وڃن ٿا، تڏهن انهن تي گرميءَ ۽ دٻاءَ جو بيحد اثر ٿئي ٿو، جنهنڪري انهن ۾ تمام گهڻيون تبديليون ٿين ٿيون. اهڙن پٿرن ۾ ڪيميائي تبديليون وڏي اهميت رکن ٿيون، جو انهن مان نوان جمادات ٺهن ٿا. ميٽامارفڪ جي لفظي معنيٰ آهي ”تبديل ٿيل“؛ يعني پٿر کان پٿر جي وچ ۾ جيڪا تبديلي اچي ٿي. ثقليبي پٿر گرميءَ يا دٻاءَ جي ڪري وجود ۾ اچي ٿو. هن کي شڪل بدلائيندڙ پٿر به چيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

پٿر - مان نڪتل ٻيون شاخون-

ٻچاڻي ڪوٽيرو
پاتالي پهڻ
پارس
پاسنگ
پتونو

مادو - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پٿر
مادو ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون