داخلا ؛ 6417
پڙهيو ويو ؛ 278
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-05-02


تصويرون


Adision.gif
ٿامس ايڊيسن
ٿامس ايڊيسن



ٽائيم لائين

1847.02.11-A.D
ايڊيسن ، 11 فيبروري 1847ع تي ميلان شهر ۾ پيدا ٿيو .

1931.00.00-A.D
ٿامس ايڊيسن 1931ع ۾ گذاري ويو.




sindhianaسنڌيانا--ٿامس ايڊيسن

ٽائيٽل ؛ ٿامس ايڊيسن


شاخ : سائنسدان

ٿامس ايڊيسن (1847-1931 ):19 صديءَ جو آمريڪي سائنسدان ٿامس الوا ايڊيسن ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي، ڇو ته اسان روز مرهه زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون شيون استعمال ڪريون ٿا، جيڪي سندس جوڙيل آهن. برقي پيغام رسائيندڙ ٽرانسميٽر، فونو گراف، سئنيما جو فلم پروجيڪٽر، بجليءَ جو موٽر ۽ -بلب- جهڙيون اهم ايجادون ايڊيسن هٿان ئي ٿيون. ٿامس فونوگراف ايڊيسن، 11 فيبروري 1847ع تي ميلان شهر ۾ پيدا ٿيو. هو پنهنجي پيءُ ماءُ جو ستون نمبر اولاد هو. -ٿامس ايڊيسن- کي پنهنجي بي پناهه صلاحيتن، ذاتي همت، مستقل مزاجيءَ ۽ تجرباتي سائنس سان بيحد لڳاءَ هو، جنهن کيس پنهنجي دؤر ۾ مڃتا جي اهڙي بُلند مقام تي رسايو، جيڪو تمام گھٽ ماڻهن کي ملي سگھيو آهي. اسان جي سڌريل سماج ۽ جديد -تهذيب- کي سنوارڻ ۽ سجائڻ ۾ -ٿامس ايڊيسن- جو وڏو هٿ آهي. چيو ويندو آهي ته بجليءَ واري بيٽري تيار ڪرڻ لاءِ ايڊيسن ڏهه هزار شين کي ملايو، پر اهي ڪيميائي طور درست ثابت ٿي نه سگھيون. پوءِ به هو مسلسل محنت ۽ جدوجهد ڪندو رهيو. -ٿامس ايڊيسن- کي ننڍپڻ کان ئي تجربن ڪرڻ جو شوق هو ۽ هو هر شيءِ جي انت تي رسڻ چاهيندو هو. ايڊيسن کي اهو اعتماد، مستقل مزاجي ۽ حد کان وڌيڪ ڪم جي قوت پنهنجي وڏن کان ورثي ۾ ملي هئي.
هُن ٻين ايجادن سان گڏ هڪ ڪامياب فوٽوگراف ۽ ڪاربن ٽيليگراف پڻ ٺاهيو. ايڊيسن کي محنت جو اجورو جلد ئي ملي ويو. هڪ واپاريءَ سندس ايجاد ڪيل شيون چاليهه هزار ڊالرن ۾ خريد ڪري ورتيون. اها رقم هن جي وهم ۽ گمان کان به وڌيڪ هئي. هو ڏينهن رات انهن خيالن ۾ غرق رهندو هو. هن ڏاڍي ڏکيائيءَ سان -ٿورو- وقت شادي ڪرڻ لاءِ ڪڍيو، پوءِ کيس ٻه -ٻار- پيدا ٿيا، -جن- کي هو برقي -تار- واري -ٻولي- ۾ ”ڊاٽ“ ۽ ”ڊيش“ سڏيندو هو. جڏهن به ڪا گھڙي واندي ملندي هئس ته ايڊيسن ٻارن سان گھر ۾ قسمين قسمين رانديون کيڏندو هو ۽ سمورو وقت ساڻن گڏ گذاريندو هو. جڏهن ايڊيسن بجليءَ جو -بلب- جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته انهن ڏينهن ۾ هن جي گھر واري دل جي بيماريءَ سبب گذاري ويئي. 18 مهينن کان پوءِ هن ٻي شادي ڪئي. پهرين -جنوري- 1879ع جي هڪ شام جو ايڊيسن جي ٺاهيل -بلب- رات کي ڏينهن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. فرانس، انگلينڊ ۽ روس ۾ ٻيا به ڪيترائي سائنسدان اهڙين ڪوششن ۾ رُڌل هئا، پر انهن ڪاميابي نه ماڻي، جيڪا ايڊيسن جي حصي ۾ آئي. هن پنهنجي حياتيءَ جي آخري گھڙيءَ تائين ڪم ڪيو. 1882ع ڌاري هن دنيا جو پهريون روشنيءَ جو مرڪزي -بجلي گهر- ٺاهيو. هن جي عمر چوراسي سالن کي پهتي، پر شايد ڪو هڪڙو به ڏينهن هن عظيم -انسان- اجايو نه وڃايو. -ٿامس ايڊيسن- چرپر ڪندڙ -تصوير- ۽ آواز کي گڏ محفوظ ڪري ڏيکاريو ۽ ’ڪائنيٽو اسڪوپ‘ (سئنيما جو شروعاتي نمونو) پيش ڪيو. ايڊيسن موت کان نه ڊڄندو هو، ۽ -ان- کي نئين زندگيءَ جي ابتدا ڄاڻندو هو، -جتي- اڃا به وڌيڪ تجربا ڪري سگھجن ٿا. سندس -آخري لفظ- هي هئا:”مون پنهنجو ڪم ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٻيءَ دنيا ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار آهيان.“ سندس موت ويسٽ اورنج نيو جرمنيءَ ۾ 1931ع ۾ ٿيو. سوين ايجادون -ٿامس ايڊيسن- جو ڪارنامو آهن، -جن- ۾ ريلوي سگنل، ٽائپ جون مشينون، ڊائنوما بيٽريون، برقي گولو وغيره اچي وڃن ٿيون. هو پنهنجي ڪاوشن ۽ سائنسي ايجادن جي ڪري دنيا ۾ سدائين زنده رهندو .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ٿامس ايڊيسن- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٿامس ايڊيسن - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سائنسدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
اقليدس
اليگزينڊر گراهم بيل
ابن سينا
ايم ايڇ پنهور
آءِ ايڇ عثماني ڊاڪٽر
آئن اسٽائن البرٽ
بوعلي سينا
ابن بيطار
البيروني ابو ريحان
ثاليس
ثناءالحق صديقي مولوي
ٽيٽم ايڊوارڊ ايل
ٿامس ايڊيسن
ٿامس هنٽ مورگن
جابر بن افلح
جابر بن حيان
جابر بن سنان حراني
جارج اسٽيفنسن


.....سائنسدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن