داخلا نمبر 6424
عنوان ٿامس مان
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 176 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو
ٿامس مان

ٿامس مان

ٿامس مان

ٿامس مان (Thomas, Mann ):ٿامس مان 6 جون 1875ع تي جرمني جي شهر ليوبڪ ۾ ڄائو. 1891ع ۾ سندس پيءَ مري ويو ته ليوبڪ مان ميونخ هليو ويو، جتي 1933ع تائين رهيو. ميونخ ان وقت جرمنيءَ جي فن ۽ ادب جو مرڪز ليکيو ويندو هو. شروع ۾ هن هڪ انشورنس ڪمپنيءَ ۾ ملازمت اختيار ڪئي ۽ پوءِ هڪ هفتيوار رسالي (Simplicissimus) جي ادارتي عملي ۾ شامل ٿي ويو. هن انهيءَ رسالي ۾ طنزيه ڪالم لکڻ شروع ڪيا. سندس وڏو ڀاءُ هنريڪ به ليکڪ هو. ٿامس مان جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو “Der Kleine Herr Fried Mann” جي نالي سان 1898ع ۾ ڇپيو، جنهن تي جمالياتي فڪر سان گڏ شو پنهار ۽ نٽشي جي فلسفي جو به اثر نمايان نظر اچي ٿو. سندس ڪهاڻيون گھڻو ڪري اهڙي فنڪار جي مسئلن جي چوڌاري گھمن ڦرن ٿيون، جيڪو موجوده دور جي بي معنا زندگيءَ سان وڙهندو ۽ جھيڙيندو نظر اچي ٿو. 1905ع ۾ سندس شادي ٿي جنهن مان کيس ڇهه ٻار ڄاوا. ٻنهي (زال ۽ مڙس) جو ساٿ انتهائي ڪامياب رهيو. هڪ مصنف جي اعصابي ڪشمڪش تي سندس زبردست ناول (Death In Venice) ڇپيو. جيڪو المناڪي جي طرزِ تحرير جو شاهڪار ثابت ٿيو. کيس ناول نگاري ۽ مضمون نويسيءَ تي سال 1929ع جو نوبل انعام عطا ڪيو ويو هو. جيڪو سندس ناولن ”بڊن بروڪس“ (Budden Brooks) (1900ع) ”ڊيٿ ان وينس“ (Death In Venice) (1912ع) ۽ ”دي ميجڪ مائونٽين“ (The Magic Mountain) (1924ع) تي ڏنو ويو هو. پهرين عالمي جنگ لڳي ته هن جي ڀاءُ اعتراض ڪيو ته جرمن ڪهڙا هدف کڻي هن جنگ ۾ ڪڏي پيو آهي. هن هڪ ڪتاب Unpolitical Man (1918ع) ۾ لکي ان جو جواب ڏنو. منڍ ۾ هي ٻن جرمن مفڪرن پال انتون ڊي ليگرڊ (Paul Anton De Legarde) ۽ هائوسٽن اسٽيورٽ چيمبر ان (Houston Stewart Chamberlain) جي ان نظريي جو حامي هو ته جرمن دنيا تي حڪومت ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيا آهن، جو سندن نسل چند ۽ اعليٰ آهي، پر جلد ئي هن ان نظريي تان هٿ کڻي ورتو. 1919ع ۾ هن جي تصنيف “The Magic Mountain” شايع ٿي جنهن ۾ هي آمريت جي بجاءِ جمهوريت جو حامي نظر آيو. جلد ئي هن جا ٻيا ٻه ناول “Early Sorrow” ۽ “Maryland Magician” شايع ٿيا. ٻنهي ناولن مان سندس سياسي ڄاڻ جي خبر پوي ٿي. ان کان سواءِ به سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيا. توڙي جو سندس لکڻيون اهڙيون سوليون ۽ ساديون ڪونه هيون، پر پوءِ به هن جي لکڻين ماڻهن جي ذهن تي هڪ ڇاپ ڇڏي. ٿامس مان ويهين صدي جو عظيم ناول نويس ليکيو وڃي ٿو. سندس لکڻيون جرمنيءَ توڙي ٻين ملڪن ۾ ڪلاسڪ جو درجو رکن ٿيون. هن 12 آگسٽ 1955ع تي سوئزرلينڊ جي شهر زيورچ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1875.05.05  عيسوي

ٿامس مان 6 جون 1875ع تي جرمني جي شهر ليوبڪ ۾ ڄائو .


1955.08.12  عيسوي

ٿامس مان 12 آگسٽ 1955ع تي سوئزرلينڊ جي شهر زيورچ ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون