داخلا ؛ 6425
پڙهيو ويو ؛ 243
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-05-03


تصويرون


thams-hnt.gif
ٿامس هنٽ مورگن
ٿامس هنٽ مورگن



ٽائيم لائين

1866.09.25-A.D
ٿامس مورگن 25 سيپٽمبر 1866ع تي ڪينٽڪي شهر ، آمريڪا ۾ ڄائو .

1945.12.04-A.D
ٿامس هنٽ 4 ڊسمبر 1945ع تي ڪيليفورنيا ۾ گذاري ويو .




sindhianaسنڌيانا--ٿامس هنٽ مورگن

ٽائيٽل ؛ ٿامس هنٽ مورگن


شاخ : سائنسدان

ٿامس هنٽ، مورگن (Thomas Hunt, Morgan ):1933ع ۾ وراثتي جيوڙي (Chromosome) جينياتي (Genes) جِيوَ جي اصلي هنڌ دريافت ڪرڻ تي نوبل -انعام- حاصل ڪندڙ ٿامس مورگن 25 سيپٽمبر 1866ع تي ڪينٽڪي شهر، -آمريڪا- ۾ ڄائو. مورگن ننڍپڻ کان ئي فطرت جي مطالعي ۾ دلچسپي وٺندو هو. ڏهن ورهين جي عمر ۾ هن پکين جا -آنا- ۽ ڪيترائي آکيرا گڏ ڪري رکيا هئا. هو 1888ع کان ووڊ هول (Wood Hole) ۾ واقع آمريڪي فش ڪميشن ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. 1890ع ۾ جان هاپڪنز (John Hopkins) يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪري، ايڊم بروس (Adam Bruce) فيلو شپ تي يورپ هليو ويو. -جتي- اٽليءَ ۾ بحري حيات جي تجربيگاهه ۾ تحقيقي ڪم ڪيائين. 1891ع ۾ برنماوار (Brynmawar) ڪاليج ۾ حياتيات جو ايسوسيئيٽ پروفيسر مقرر ٿيو. 1904ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ ۾ حيوانيات جو پروفيسر ۽ 1945ع تائين انهيءَ اداري سان لاڳاپيل رهيو. ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائڻ دوران وراثتي قانون دريافت ڪيائين. انهيءَ -تحقيق- تي کيس طب جي شعبي ۾ خدمتن جي اعتراف طور 1933ع ۾ نوبل -انعام- ڏنو ويو. پاڻ 4 ڊسمبر 1945ع تي ڪيليفورنيا ۾ گذاري ويو .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ٿامس هنٽ مورگن- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٿامس هنٽ مورگن - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سائنسدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
اقليدس
اليگزينڊر گراهم بيل
ابن سينا
ايم ايڇ پنهور
آءِ ايڇ عثماني ڊاڪٽر
آئن اسٽائن البرٽ
بوعلي سينا
ابن بيطار
البيروني ابو ريحان
ثاليس
ثناءالحق صديقي مولوي
ٽيٽم ايڊوارڊ ايل
ٿامس ايڊيسن
ٿامس هنٽ مورگن
جابر بن افلح
جابر بن حيان
جابر بن سنان حراني
جارج اسٽيفنسن


.....سائنسدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن