داخلا ؛ 6528
پڙهيو ويو ؛ 2969
پسند ڪيو ويو ؛ 6
تاريخ ؛ 2013-05-13


تصويرون


thar-barsat-khan-poe.gif
ٿر برسات کانپوءِ
ٿر برسات کانپوءِ

thari-oraton-pani.gif
ٿري عورتون پاڻي ڀريندين
ٿري عورتون پاڻي ڀريندين

thar-me-mari-jo-melo.gif
مارئي جو ميلو
مارئي جو ميلو

thar-me-rel.gif
ٿر ۾ ريل
ٿر ۾ ريل

thar-me-pokhi.gif
ٿر ۾ پوکي
ٿر ۾ پوکي



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ٿر

ٽائيٽل ؛ ٿر


شاخ : علائقو

ٿَرُ: سنڌ جي ڏکڻ -اوڀر- ۾ واقع ريگستاني علائقو. هڪ خيال آهي ته -ٿر- لفظ سنسڪرت جي ’سٿل‘ لفظ مان نڪتل آهي. جنهن جي معنيٰ آهي بيٺل يا نه وهندڙ يعني خشڪ ملڪ (جتي درياءُ نه هجي). انهيءَ ’سٿل‘ جو اچار -اول- ڦري ٿيو ’ٿل‘، يعني خشڪ زمين ۽ ’ٿل‘ جو اچار ڦري ٿيو ’ٿر‘. هن ڀاڱي ۾ واريءَ جون ڀٽون گهڻي تعداد ۾ آهن. هتي جي رهاڪن کي ’ٿري‘ سڏيو ويندو آهي. هڪ روايت موجب کير جي ملائيءَ (Cream) کي به -ٿر- چوندا آهن. جڏهن هتان هاڪڙو ۽ مهراڻ نديون وهنديون هيون ته سڄي سنڌ جي دل (Cream) مٿاهون علائقو هو، تنهن کي ”ٿر“ سڏيندا هئا.
هن خطي ۾ واريءَ جي وجود بابت ڄاڻايو ويو آهي ته هيءُ علائقو لکين سال اڳ سمنڊ هيٺ آيل هو، ڪنهن زلزلي سبب اها زمين مٿي چڙهي آئي ۽ سمنڊ پٺتي هٽي ويو. زمين مٿي چڙهي آئي ته هماليه ۽ هندوڪش جبلن جي پاڻيءَ وارن وهڪرن سرزمين سنڌ ڏانهن رُخ رکيو.
اهي -آبي- وهڪرا، جنهن سرزمين مان سفر ڪندا آيا ٿي، -ان- ۾ چيڪي مٽيءَ جا پهاڙ ۽ ڪرڪ واريءَ جا اڻ کٽ ذخيرا موجود آهن، -جن- مان هزارين سالن جي عرصي ۾ واري ۽ مٽي وهڪري سان گڏ وهندي، سمنڊ ۾ داخل ٿي ويندي آهي. واٽ تي جيڪي واهڙ ۽ ڦاٽ ڦٽندا، زمين کي -آباد- ڪندا ويندا آهن، اهي پاڻ سان گڏ مٽي ۽ واري پکيڙيندا ويندا آهن، پر گهڻي تڻي واري ۽ مٽي، درياهه جي پيٽ ۾ ئي رهجي ويندي آهي، جيئن ته سمنڊ ۾ داخل ٿيندڙ پاڻيءَ ۾ مٽي ۽ واريءَ جو گهڻو انداز هوندو آهي، جيڪو اتي ڇوڙ واري علائقي ۾ گڏ ٿي آخرڪار درياهه جو -پاڻي- وري مٿان ڪنهن ٻئي هنڌان رُخ مٽائي وهڻ شروع ٿيندو آهي. پوءِ درياهه جي ڇڏيل پيٽ ۾ جيڪا واري ۽ مٽي رهجي ويندي آهي. اها هوا جي زور تي پکڙجي، -آباد- توڙي غيرآباد علائقن کي ڦٽائي برباد ڪري ڇڏيندي آهي. اهڙا ڪئين شهر ۽ -آباد- علائقا ويهينءَ صديءَ جي کوٽاين ۾ ظاهر ڪيا ويا آهن، جيڪي اڄ کان پنج ڏهه هزار سال درياهه جي ٻوڏن دوران ۽ مٽيءَ جي طوفانن ۾، دفن ٿي ويا هئا.
هن علائقي مان ڪنهن زماني ۾ سرسوتي، گهگهر يا هاڪڙو درياهه وهندا هئا، اهي به واريءَ ۽ مٽيءَ جي ريٽ سبب رخ مٽائيندا، آخرڪار -بند- ٿي ويا. هاڪڙو درياهه ته چار پنج صديون اڳ تائين هتان جي زراعت جو اهم وسيلو هوندو هو، سو به ريٽجڻ ڪري -بند- ٿي ويو.
طبعي لحاظ کان -ٿر- ۾ -اوڀر- طرف جوڌپور، ٻاڙمير، ڏکڻ طرف ڪڇ جو رڻ ۽ -انڊيا- جا -ڀُڄ- جا علائقا، -اتر- طرف عمرڪوٽ ضلعو ۽ سانگهڙ ضلعي جو کپرو تعلقو، اولهه طرف -بدين- ضلعي جو -تعلقو- ڪلوئي، -اتر- طرف ميرپورخاص ضلعي جو -تعلقو- سامارو اچي وڃن ٿا. هي -پاڪستان- جو سڀ کان وڏو ريگستاني علائقو ليکيو وڃي ٿو.
ٿر جا ڀاڱا: -ٿر- ٻن مکيه ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي؛ هڪڙو ”ڍٽ“ (ڍاٽ) يعني وارياسو علائقو ۽ ٻيو ”پَٽ“ يعني ڏاڍيءَ ۽ سڌيءَ زمين وارو علائقو، جيڪو -پارڪر- سڏجي ٿو. سهوليت لاءِ ٻنهي ڀاڱن جو گڏيل نالو”ٿرپارڪر“ رکيو ويو.
اهڙيءَ طرح سان -ٿر- ۽ پارڪر، ٻنهي حصن ۾ رهندڙ ماڻهن جي رسم ۽ رواج، اٿڻي ويهڻيءَ، آمد و رفت ۽ وڻج واپار ۾ ڪو خاص تفاوت ڪونهي، بلڪه سڀني ڳالهين ۾ گهڻو ڪري هڪجهڙائي موجود آهي ۽ عام طور تي ٻئي حصا پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن.
پارڪر واري ڀاڱي ۾، ننگرپارڪر تعلقي جو ڏاکڻو ڀاڱو ۽ ڪارونجهر -ٽڪري- ۽ -ان- جو -اوسو- پاسو، جيڪو ڏاڍي زمين ۽ پٿرائين علائقي تي مشتمل آهي، هن ڀاڱي ۾ شمار ٿئي ٿو. هن حصي جي ڊيگهه 30 ميل ۽ ويڪر 20 ميل آهي. ملڪ جي بيهڪ، طبعي بناوت، زمين جي خاصيت، ڀلائي، ڍلائي ۽ ٻين سببن جي ڪري -ٿر- جا جدا جدا ڀاڱا آهن، جيئن ته:
1. کائڙ: ڇاڇري شهر کان وٺي اوڀر- -اتر- طرف گڍڙي تائين، سمورو ڀاڱو کائڙ آهي. هن ڀاڱي ۾ واريءَ جون ڀٽون ننڍيون آهن؛ وڏا ۽ ڊگها وڻ گهٽ آهن. هن ۾ ڇاڇري تعلقي جو -اتر- وارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو.
2. ڪنٺو: هن ۾ ڇاڇري تعلقي جو ڏاکڻو ڀاڱو ۽ ننگر -پارڪر- تعلقي جو -اتر- وارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو. هتي جي زمين ڀلي ۽ آباديءَ لائق آهي، جنهنڪري -ٻني- سٺي ٿئي ٿي.
3. پارڪر: هن ۾ ننگر -پارڪر- تعلقي جو ڏکڻ وارو ڀاڱو ۽ -اتر- طرف ڏانو ڌانڌل شهر تائين وارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو. زمين سنئين ۽ ڪڪرالي آهي. هتي واريءَ جون ڀٽون صرف ڏاني ڌانڌل جي -اوڀر- طرف تمام -ٿوري- تعداد ۾ آهن، ويراواهه شهر کان بلڪل سنئين زمين آهي ۽ ڀٽون ڪين آهن. هن ڀاڱي ۾ رڻ به آهي.
4- سامروٽي: هن ۾ مٺي تعلقي جو ڏکڻ- اولهه ۽ ڏيپلي تعلقي جو -اتر- وارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو. هتي جي زمين ڀلي آهي، پر -ٿر- جي ٻين ڀاڱن جي نسبت ۾ هتي وسڪارو سٺو نه ٿيندو آهي.هتي پاڻيءَ جون ويريون (ننڍا کوهه) ٿينديون آهن.
5- ونگو: هن ۾ ڏيپلي تعلقي جو الهندون ڀاڱو اچي وڃي ٿو. چون ٿا ته اڳي هاڪڙو درياهه هتان ونگ کائي رخ مٽائي وهندو هو، -ان- ڪري ونگو نالو پيو.
6- وَٽِ: هن ۾ ڏيپلي تعلقي ۽ مٺي تعلقن جا ڏکڻ وارا ڀاڱا اچن ٿا. هي زمين جو ٽڪرو ڪڇ جي رڻ سان دنگئي ۽ ويجهو آهي، جنهنڪري هتي -پاڻي- تانگهو آهي.
7- مهراڻو: اڳوڻيءَ مهراڻ نديءَ جي وهڪري جي ڀر وارو ڀاڱو آهي. هن ۾ ڇاڇري تعلقي جو اولهه ۽ مٺي تعلقي جو -اتر- اولهه ۽ وچولو ڀاڱو اچي وڃي ٿو.
8- ڍٽ: هي سڄي -ٿر- جي وچ وارو ٽڪرو آهي. هن ۾ عمرڪوٽ تعلقي جو -ٿورو- ٽُڪر، ڇاڇري تعلقي جو گهڻو ڀاڱو، ۽ مٺي تعلقي جو ڪجهه اتريون ڀاڱو اچي وڃن ٿا. هن جي ڪري سڄي ملڪ کي ”ڍٽ“ به سڏيندا آهن ۽ رهاڪن کي ”ڍاٽي“ چئبو آهي.
”ڍٽ ڍري پٽ پيون، پاسي پارڪر“ (شاهه)
9- اڇڙو ٿر: هن ۾ عمرڪوٽ تعلقي جو اتريون ڪنارو، ۽ کپري تعلقي جو اتر- -اوڀر- وارو ڀاڱو اچي وڃي ٿو ۽ اڳتي خيرپور رياست ۽ جيسلمير تائين دنگ اٿس. هتان جي واريءَ جو رنگ ٻين وارياسن علائقن جي نسبت ۾ ڪجهه ڀورڙي اڇڙي هئڻ ڪري، هن علائقي تي ”اڇڙو ٿر“ نالو پيو.
سنڌ جو -ٿر- وارو علائقو ”وارياسو“ به سڏبو آهي، ڇوته هيءُ سڄو علائقو واريءَ جي ڀٽن سان سٿيو پيو آهي. هن ۾ آباديءَ لائق زمين جا ٽڪرا تمام ٿورا آهن، جيڪي ڀٽن جي وچ ۾ آهن؛ اهڙن ٽڪرن کي ’تليون يا ڏهر‘ ڪري سڏيندا آهن.
ويجهڙائيءَ وارو -ٿر- جو ڪجهه حصو ”نارا ڪئنال“ جي ڪري آباديءَ هيٺ اچي چڪو آهي، پر شاهه صاحب جي وقت ۾ ته سڄو ’ٿر‘ علائقو مينهن جي وسڻ تي مدار رکندو هو. منجهس واهن ۽ ندين جي نه هئڻ ڪري ماڻهن جو اڪثر مدار کوهن تي هوندو هو. -جتي- به کوهه هوندا هئا، اتي مارو ماڻهو وسنديون ٺاهي ويهندا هئا ۽ اهڙين ئي وسندين کي ”ڍاڻي“، ”وانڍ“ يا ”وانڍيو“ ڪري ڪوٺيو ويندو آهي. جهڙوڪ: پراڳي جي وانڍ، ڀيلن جي ڍاڻي، اوڻ جو وانڍيو وغيره.
ٿر ۽ -پارڪر- ٻنهي کي ملائي 1843ع ڌاري -تعلقو- ٺاهيو ويو، پر اهو ڪڇ رياست جي عملداريءَ هيٺ هوندو هو. 1858ع ڌاري ٿرپارڪر تعلقي کي ڪڇ کان الڳ ڪري حيدرآباد ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو. 1882ع ۾ ٿرپارڪر ضلعو الڳ ٺاهيو ويو ۽ -ان- جو هيڊ ڪوارٽر عمرڪوٽ رکيو ويو. 1906ع ۾ -ان- جو هيڊ ڪواٽر ميرپور خاص ۾ قائم ڪيو ويو. 1990ع ۾ -ٿر- نالي ضلعو قائم ڪري، ميرپور خاص ضلعو الڳ ڪيو ويو. ٿرپارڪر جو هيڊ ڪوارٽر مٺيءَ ۾ رکيو ويو. پر عوام جي مسلسل مطالبي کي مڃيندي 1993ع ۾ حڪومت -ان- جو پراڻو نالو ”ٿرپارڪر“ ئي بحال ڪيو ۽ هيڊ ڪوارٽر مٺي ئي رهڻ ڏنو. هن ضلعي جي حدن ۾ صرف چار ريگستاني تعلقا آهن. مٺي، ڏيپلو، ننگرپارڪر ۽ ڇاڇرو.
ٿرپارڪر ضلعي جي علائقائي پکيڙ 19638 ڪلوميٽر آهي. ٽوٽل -آدمشماري- 1 ملين يعني ڏهه لک جي لڳ ڀڳ آهي. چوپائي مال جو تعداد 4 ملين يعني 40 لک جي لڳ ڀڳ آهي.
موجوده ٿرپارڪر ضلعي ۾ ٻه سب ڊويزنون: مٺي ۽ ڇاڇرو آهن. چار تعلقا: مٺي، ڏيپلو، ڇاڇرو ۽ ننگرپارڪر آهن.
ٿر مان مليل معدنيات: -ٿر- جي معدنيات ۾ ڪوئلو، گرينائيٽ پٿر، چيني مٽي (China Clay) وغيره.
ڪوئلو: -اسلام ڪوٽ- کان اڳتي ڳوٺ ٿهاريي هاليپوٽا ۾ ڪوئلي جي کاڻين تي ڪم -جاري- آهي. هن وقت تائين مختلف پرڏيهي ڪمپنيون مختلف پروجيڪٽ توڙي فزيبلٽي رپورٽس ٺاهي چڪيون آهن. اهو ڪوئلو 1540 کان 1500 فوٽ اونهو ۽ 45 ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آهي.
ماهرن جي هڪ جائزي موجب -ٿر- ۾ موجود ڪوئلي جا ذخيرا 175 ارب مقدار جا آهن. (وڌيڪ ڏسو: -ٿر- جو ڪوئلو)
چائنا ڪلي/ چيني مٽي: تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ ڍيڍوري وٽ چيني مٽيءَ جون کاڻيون مليون آهن. جنهن جو ڪاٿو 3.6 ملين -ٽن- ڄاڻايو وڃي ٿو ۽ اهي 125 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي ڦهليل آهن. تعلقي ننگرپارڪر جي مختلف هنڌن جهڙوڪ: پورڻ واهه، چڻيندا وغيره وٽ انهيءَ مٽيءَ کي صاف ڪرڻ جا ڪارخانا به موجود آهن.جتان اها مٽي -ٿري- کيکڙن ۽ ٽرالن ذريعي ملڪ جي وڏن ڪارخانن تائين منتقل ڪئي ويندي آهي. -ان- مٽيءَ مان چينيءَ جا ٿانوَ مثال: ڪوپ، ساسر، پيالا ۽ مختلف قسمن جا ٽائلز پڻ ٺاهيا ويندا آهن.
ٿر جون ڀٽون: واريءَ جي وڏن دڙن کي ڀٽون چيو ويندو آهي. -ٿري- ماڻهو ڀٽ کي لَڪ به چون. ڪي ڀِٽون تمام ڊگهيون ۽ اتانهون ٿينديون آهن. ڪي وچوليون ٿين، -جن- کي دڙو چيو ويندو آهي. ڪي ڀٽون سڌيون، ڪي ورن وڪڙن واريون ٿينديون آهن. انهن ڀٽن جا نالا انهن جي خاصيت ۽ نسبت سان رکيا ويا آهن، جيڪي دلچسپ آهن، جهڙوڪ: اونڌيو لڪ، مور لَڪُ، اُٺ لِڪُ، ٻانهياري ڀِٽَ، جتن واري ڀِٽَ، ماريءَ واري ڀِٽَ، گاڏي وارو لَڪَ، ڪاسائيءَ وارو لَڪُ، سوڍا چار ۽ سماچار ڀِٽون، ٿوهرن وارو لَڪُ ۽ ڪانڪَههَ وارو لڪ وغيره. انهن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
لوڻڪي ڀِٽَ: هيءُ ڀِٽَ ڇاڇري تعلقي ۾ دادئي جي تڙَ جي -اتر- طرف آهي ۽ ڪافي وڏي ڀِٽَ آهي.
ويسروڙي ڀِٽَ: هيءَ ڀِٽَ ساهوءَ جي تڙَ جي -اوڀر- طرف آهي.
ڪاري ڀٽَ: هيءَ ڳوٺ -تڙدوس- جي اُلهندي پاسي آهي.
ڏنوِڙي ڀٽَ: هيءَ ڀٽ ڳوٺ -تڳوسر- جي اولهه طرف آهي.
ڍوڪائي ڀِٽَ: هيءَ چارنَور ڳوٺ جي اڀرندي پاسي آهي.
جِهرڪلي ڀِٽَ: هيءَ ڀٽ جيئندي جي -تڙ- جي -اوڀر- طرف آهي، جيڪا سال 1856ع ۾ ڌرتيءَ جي زلزلي سبب ٻه اڌ ٿي پئي ۽ -ان- حالت ۾ ئي موجود آهي.
شهمير ڀِٽَ: هيءَ شهمير جي -تڙ- جي -اتر- پاسي آهي.
ٻانهِياري ڀِٽَ: هن نالي سان -ٿر- ۾ ٽي ڀٽون مشهور ۽ موجود آهن: (1) تڙهميروي، (2) ڏيپلي تعلقي ۾، ۽ (3) مٺڙئي روهل کان الهندي طرف آهن.
ڪَرڪَر ڀِٽَ: هيءَ ڳوٺ جيسي جي -پار- جي -اتر- پاسي آهي.
سونيا ٻَههَ ڀِٽَ: هيءَ ڀٽ به ڳوٺ جيسي جي -پار- جي -اتر- طرف آهي.
هاڏاري ڀِٽ: هيءَ ٺاري جي -تڙ- جي -اوڀر- طرف آهي.
ڪُسَلَ ڪوٽ ڀِٽَ: هن نالي سان به ٻه ڀٽون آهن، هڪڙي ڳوٺ چارنَور جي الهندي پاسي ۽ ٻي ڪانٽئي ڳوٺ وٽ آهي.
ڪيري ناٿ ڀِٽَ: هيءَ ڀٽ مامچيري ڳوٺ کان -اتر- طرف آهي.
سانڏهورَ ڀِٽَ: هيءَ ڀٽ سانڏهور ڳوٺ جي ڏکڻ پاسي آهي.
جُهونڊ ڀِٽَ: هيءَ ڀٽ جهونڊ ڳوٺ جي ڀرسان آهي.
ساسِي ڀِٽَ: هي ٻه ڀِٽون آهن، هڪڙي ميگهي جي تَڙ جي -اوڀر- طرف ۽ ٻي ساڪرئي جي اڀرندي پاسي آهي.
ڪِيلَ ڀِٽَ: مٺيءَ جي -اتر- طرف، -ٽن- ميلن جي پنڌ تي آهي.
ڪانڪر ڀِٽَ: ’هيلاريو لنجا‘ ۽ ’پوسرڪو ساند‘ جي وچ ۾ ڏيڍ ميل ڊگهي ڀِٽَ آهي، جيڪا -ٿر- جي ٻين ڀٽن وانگر ڪافي ڊگهي آهي.
سائيني جي ڀِٽَ: هيءَ ڇاڇري شهر جي اولهه پاسي آهي، جتان هندستان جو ڇوهٽڻ جو -جبل- صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
موتيسرو ڀِٽ: هي ڀٽ ڳوٺ -ٻاراچ- جي اُتر طرف هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي موجود آهي، جنهن کي ’وڏِي ڀِٽ‘ به چوندا آهن.
جَتن واري ڀِٽَ: هيءَ ڀِٽَ ڏيپلي تعلقي ۾ موجود آهي.
سوڍا چار ۽ سماچار ڀِٽون: هيءُ ٻئي ڀٽون، هڪٻئي کي ويجهيون ۽ ڳوٺ چِيلهار جي -اوڀر- طرف آهن.
گولا ڀِٽَ: هيءَ ڀٽ ڳوٺ ڌوڙئي جي اترطرف هڪ ميل کن پنڌ تي آهي.
ڪانڪَههَ ڀِٽَ: هيءَ ڀٽ ڳوٺ رانجهي نون کان ڏکڻ طرف آهي.
پاتا ڀِٽَ: ڳوٺ ڪانٽئي کان اڀرندي طرف، ڇاڇري ڏانهن ويندڙ رستي تي آهي.
عالم سر ڀِٽَ: هيءَ ڀٽ، ڳوٺ عالم سر، تعلقي مٺيءَ جي ڏکڻ طرف آهي.
انهن ڀِٽن کان سواءِ، ٻيون به انيڪ ڀِٽون -ٿر- ۾ موجود آهن، جهڙوڪ: ’ساڃي ڀٽ‘، ’مهڪي جي ڀٽ‘، ’اُٺ ٿنڀي ڀٽ‘، ’ارنياري جي ڀٽ‘، ’نيٽاري ڀٽ‘، ’ڳينڻ‘، ’گڏهه پٺو‘، ’روڻاڀر‘، ’مانگر‘، ’روجهڙو‘، ’ڌاريندڙو ڀٽ‘، ’ويراڙو‘ ’گهانگهاسرو ڀٽ‘، ’گوگتياري ڀٽ‘ ۽ ’ٽورِياري ڀِٽَ‘ وغيره.
لَڪَ: جيئن ته -ٿر- ۾ ڀِٽَ کي لَڪُ به سڏيندا آهن، تنهن ڪري ڪي ڀٽون وري لڪن جي نالن سان مشهور آهن، جيڪي هي آهن:
گاڏيءَ وارو لڪُ: هيءُ لڪ مٺيءَ کان ٻه ميل پري اولهه طرف، نئين ڪوٽ- مٺي رستي تي آهي. اڳي هي لڪ ڪافي وڏو هوندو هو ۽ گاڏيون گهڻي قدر ڪلٽي ٿينديون هيون، -ان- ڪري مٿس گاڏيءَ وارو لڪ نالو پيو. هاڻي -ان- کي ڪٽي هيٺ ڪيو ويو آهي، ۽ پڪو رستو ٺهڻ ڪري ٽرڪون، بسون، ڪوچ، کيکڙا، ڪارون، اسڪوٽر آسانيءَ سان گذري وڃن ٿا.
ڦاٽوڙ وارو لڪ: هيءَ لڪ ڳوٺ -ٻاراچ- کان -اسلام ڪوٽ- ويندي ٻه ڪلوميٽرن جي فاصلي تي موجود آهي. تقريباً 15 سال اڳ آيل زوردار -برسات- هن لڪ کي -ٽوڙي- ڇڏيو هو، پر پاسي جي ڳوٺن جا ماڻهو هن لڪ تي چڙهي پنهنجو وڃايل مال ڳوليندا آهن.
ڪاسائيءَ وارو لڪُ: هيءُ لڪ چيلهار جي ڀرسان آهي.
ٿوهرن وارو لڪُ: مٺيءَ کان اتر- -اوڀر- طرف، چيلهار ڏي ويندڙ رستي تي آهي.
ٽؤنڪَ: -ٿر- ۾ ڪن ڀٽن جي وچ ۾ ڪو هنڌ اوچو چوٽيءَ سان يا ڪي ڀِٽون چوٽيءَ سان ٿينديون آهن، -جن- کي ”ٽونڪ“ چوندا آهن ۽ ڀٽ کي به انهيءَ نالي سان سڏيندا آهن، تنهنڪري اهڙيون ڀٽون وري ”ٽؤنڪ“ جي نالن سان مشهور آهن، -جن- جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو:
چانگي جي ٽؤنڪ: هيءُ ٽؤنڪ، چيلهار جي اولهه طرف ٻن ميلن جي فاصلي تي آهي.
اِساٻو ٽؤنڪ: هيءُ ٽؤنڪ، -ٽٻي- ڳوٺ جي -اتر- طرف آهي.
ڦليڻو ٽؤنڪ: ڳوٺ بکوُ جي -اتر- طرف ٻن ميلن جي پنڌ تي آهي.
ڏيڏيو ٽؤنڪ: هيءُ ٽؤنڪ، ڳوٺ بکوُ جي -اوڀر- طرف ٻه ميل پري آهي.
ڪونهلو ٽؤنڪ: هيءُ -اکيراج- جي -تڙ- جي ڏکڻ طرف آهي.
جيئن ته -ٿر- هڪ وارياسو علائقو آهي، -جتي- واريءَ جون ڀٽون به آهن ته ڪٿي وري ڀٽن جي سنئين زمين به آهي، جيڪا ڪٿي نرم ته ڪٿي سخت هوندي آهي؛ ڪٿي گهڻي فاصلي تي، ڪٿي -ٿوري- فاصلي تي. -جتي- گهڻي فاصلي ۾ سنئين زمين آهي، -ان- کي ”ڏهر“ سڏبو آهي. اتي چراگاهه ۽ آباديءَ لاءِ ٻنيون به ٿين ٿيون. -ٿر- ۾ اهڙا ننڍا توڙي وڏا، گهڻائي ڏهر آهن. خاص ڪري ’ڪنٺي‘ ۽ ’ڍُٽ‘ ۾ بلڪل گهڻا ۽ وڏا ڏهر آهن. سامروٽيءَ واري علائقي ۾ اهڙا ڏهر گهٽ آهن، هتي ڪن ڏهرن جو ذڪر ڏجي ٿو:
ڏاڪِي ڏهر: ڏاڪي معنيٰ وڏو، يعني وڏو ڏهر. -ٿر- ۾ اهڙا ٽي ڏهر موجود آهن، -جن- مان هڪڙو ڳوٺ ڪيتار جي ڏکڻ- اولهه ۽ مِٺا -ٿر- جي -اتر- طرف آهي. ٻيو ڏهر، سِلهه ۽ اَڪليون ڳوٺ جي وچ ۾ ۽ ٽيون چارنور ڳوٺ جي اولهه پاسي آهي.
ڇڇي جو ڏهر: هيءُ تاجي جي -تڙ- کان اولهه طرف، قابل شاهه جي اڀرندي طرف، ڪرنهور ٿيٻا ۽ سنگراسين جي ڳوٺ جي وچ ۾ آهي.
وڇيري جو ڏهر: هيءُ ڏهر، مصري شاهه ڳوٺ جي اولهه طرف، جانب علي شاهه کان اڀرندي ۽ ڀڳسيل ڳوٺ کان ڏکڻ طرف آهي.
هيڪَل ڪوري ڏهر: هيءُ ڏهر، ڌاريندڙي کان اولهه طرف، ميگهي جي -تڙ- کان -اوڀر- ۽ رَڙلي ڳوٺ جي ڏکڻ- -اوڀر- طرف آهي.
ميڻڇو ڏهر: هيءُ ڏهر وَڪڙئي ڳوٺ جي ڏکڻ طرف آهي.
ڍوڪارِي ڏهر: هيءُ ڏهر چارنور جي ڏکڻ ۽ ٻڍي جي -تڙ- جي -اوڀر- طرف آهي.
لاٺي جو ڏهر: هيءُ ڏهر ڳوٺ چارنور جي -اتر- -اوڀر- طرف آهي.
پوسِرڪي جو ڏهر: ڳوٺ پوسرڪي ۽ ڳوٺ روهيڙي جي وچ ۾ هيءُ ڏهر موجود آهي.
وِيءَ جو ڏهر: هيءُ ڏهر ڪانڪهي جي اولهه، راڄوڙي جي -اوڀر- ۽ ڪونهور جي -اتر- طرف آهي.
ڀُڪوئي جو ڏهر: هيءُ ڏهر، ڳوٺ ڀُڪوئي ۽ عالم سر جي وچ ۾ آهي.
ڇَهو ڏهر: تعلقي ڇاڇري جي -اوڀر- طرف، پريميءَ جي ويريءَ جي ڀرسان هيءُ ڏهر موجود آهي.
گهُگهوڙو ڏهر: هيءُ ڏهر، ڳوٺ هريار جي -اتر- طرف ۽ آسار جي ڏکڻ طرف آهي.
تالسر جو ڏهر: هيءُ ڏهر، تالسر ڳوٺ جي ڀرسان آهي، تنهنڪري هن تي اهوئي نالو رکيو ويو آهي.
گانگاڻ جو ڏهر: هيءُ ڏهر ميگهي جي -تڙ- جي -اوڀر- طرف ۽ صالح جي -تڙ- جي -اتر- طرف آهي.
گؤچر ڏهر: وڪڙئي ڳوٺ کان ڏکڻ طرف، جيئندي جي -تڙ- کان اوڀر، دوٻهار ۽ حجامن جي -تڙ- جي ڏکڻ- الهندي ۾ هيءَ ڏهر مشهور آهي.
نِمڻ وارو ڏهر: هيءُ ڏهر، ڀوڄاٻو کان اوڀر، روهج کان الهندي ۽ تڳو سر کان ڏکڻ طرف آهي.
روهج جو ڏهر: هيءُ ڏهر ميگهي جي -تڙ- کان اڀرندي، پيلوءَ جي -تڙ- کان -اتر- ۽ روهج جي ڏکڻ ۾ آهي.
ڌانڌو ڏهر: جيئندي جي -تڙ- کان اوڀر، وڪڙئي کان ڏکڻ، حجامن جي -تڙ- کان اولهه ۽ وليءَ جي -تڙ- کان -اتر- طرف آهي.
ڪيرلي جو ڏهر: هيءُ ڏهر، حجامن جي -تڙ- کان اڀرندي ۽ دوٻهار کان الهندي پاسي آهي.
ماکِنيو ڏهر: ڳوٺ جانب علي شاهه کان اڀرندي ۽ مصري شاهه کان الهندي طرف هيءُ ڏهر موجود آهي.
موڏو دڙو ڏهر: ڳوٺ ورنهاريو کان اڀرندي، حيات هاليپوٽو ۽ ڪونهور کان ڏکڻ ۽ تاجوءَ جي -تڙ- کان الهندي طرف هيءُ ڏهر موجود آهي.
ٿر ۾ جيئن ڀٽن جي ڀاڱن تي جدا جدا نالا رکيل آهن، تيئن اتي جي ٻنين تي به ڪنهن نه ڪنهن مناسبت سان نالا رکيا ويا آهن، مثال طور جيڪڏهن ڪا -ٻني- ڀِٽَ جي ٻُڪڙ (هنج) ۾ هوندي ته -ان- کي ”ٻُڪڙ واري ٻني“ چئبو ۽ اڃا به وڌيڪ سڃاڻپ لاءِ اها ٻني، جنهن ماڻهوءَ جي کاتي هجي ته -ان- شخص جو نالو به ڳنڍين، جيئن ته ”يوسف واري ٻُڪڙ“، ”الهڏني جي ٻُڪڙ“ ۽ ”جمن واري ٻُڪڙ“ وغيره. ساڳيءَ طرح جيڪڏهن ڪنهن ٻنيءَ ۾ ڪو وڏو ڪنڊو، روهيڙو يا ڄار جو وڻ هجي ته -ان- ٻنيءَ کي وڻ جي نالي سان ڪوٺين ۽ سڃاڻن، يعني ”ڪنڊي واري ٻني“، ”روهيڙي واري“ يا ”ڄار واري ٻني“ وغيره ۽ -جن- ٻنين جي زمين تي ڪاٺين جي کُوري (نهائين) پچائي جايون ٺاهيندا آهن، ته انهن ٻنين کي ”کوري واري ٻني“ چيو ويندو آهي ۽ -ٻني- جنهن ماڻهن جي کاتي هوندي، -ان- مالڪ جو نالو به ڳنڍيندا آهن، جيئن ”عارب جي ڪنڊي واري“ يا ”علوءَ جي روهيڙي واري“ وغيره. ائين جيڪڏهن ڪنهن ٻنيءَ ۾ ڦوڳ يا ڊَڀ گهڻا هجن، ته -ان- کي ”ڦوڳاري“ يا ”ڊاڀي“ چون ۽ جيڪڏهن اتي اڪن جي گهڻائي هوندي ته -ان- ٻنيءَ کي ”اڪاريو“ سڏين. جيڪڏهن ڪا -ٻني- مٿاهينءَ تي هوندي ته -ان- کي ”دُٻو“ يا ”مندر“ چوندا آهن. جيڪڏهن ٻنيءَ جي زمين سنئين ۽ سخت هجي ته -ان- کي ”ڪاٺي“ يا ”ڪاٺو“ چون ۽ -ان- سان ٻنيءَ جي مالڪ جو نالو به شامل ڪري، ”همير جي ڪاٺي“، ”يوسف جو ڪاٺو“ چون ۽ ٻن ڀٽن جي وچ ۾ سنئين زمين کي ”ڊاگو“ چوندا آهن. ساڳيءَ طرح سان جيڪڏهن ڪنهن ٻنيءَ ۾ مڱ گهڻا ٿيندا يا -ان- کان اڳ ٿيا هوندا ته -ان- ٻنيءَ کي ”موڱاريو“ چوندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن ٻنيءَ ۾ پاڻيءَ لاءِ -ٽوڀو- کنيل هجي ته -ان- کي ”ٽوڀاريو“ سڏين. ڪٿي -ٿوهر- گهڻا هجن ته -ان- کي ”ٿوهرن وارو“ يا ”ٿوهاري“ ڪوٺين. ڪٿي ڪٿي پکين جي ڪري به ٻنين تي نالا رکجن ٿا؛ يعني جيڪڏهن ڪنهن سال ٻنيءَ ۾ فصل پچڻ وقت ٻوگهريو پکي فصل کائي ويو ته -ان- تي ”ٻوگهرياٻو“ نالو پئجي وڃي ٿو. انهيءَ کان سواءِ، ڪي ٻنيون اهڙيون به آهن، -جن- جي زمين سخت هوندي آهي؛ -جن- کي -برسات- جي يا ويرين (تانگهن کوهن) جي پاڻيءَ سان رِجائي، ٻه- ٽي هر ڏيئي، نرم ڪري، -ان- ۾ ڀاڄيون، جهڙوڪ: موري، پالڪ، واڱڻ، بصر، ڌاڻا ۽ ٽماٽا وغيره پوکيندا آهن. انهيءَ فصل واريءَ زمين کي ”واڙي“ چون، جو پوءِ اڳتي هلي زمين يعني ٻنين تي به ساڳيو نالو پئجيو وڃي. بلڪل ساڳيءَ طرح جيڪڏهن ڪٿي ڀٽن ۽ دڙن جي وچ ۾ ڪو هيٺاهون سخت زمين جو -ٽڪر- آباديءَ لائق هوندو آهي ته -ان- کي ”ٽِپري“ چوندا آهن.
ٿر جي موسم/ آب و هوا ۽ وسڪارو: جيئن ته -ٿر- هڪ وارياسو علائقو آهي، -ان- ڪري سردي توڙي گرميءَ جو اثر تمام جلد ۽ گهڻو ٿيندو آهي. سياري جي مُند ۾ واري ٺريو پوي، تنهنڪري هتي سيءُ گهڻو ٿيندو آهي ۽ گرميءَ جي موسم ۾ واري تپندي آهي، -ان- ڪري انهيءَ مند ۾ هتي گرمي گهڻي ٿيندي آهي. ساڳيءَ طرح -بهار- جي موسم ۾ سيءُ گهٽجيو وڃي ۽ ٻوٽن ۾ نوان گؤنچ ڦٽندا آهن، تنهنڪري موسم وڻندڙ ٿيو پوي. روهيڙي جي گلن ۾ هُٻڪار ۽ سرهاڻ پيدا ٿيو پوي. اونهاري جي مند ۾، واري تپيو ٽانڊا ٿيو وڃي ۽ سخت اُڪرس ۽ گرمي محسوس ٿيندي آهي. انهن ڏينهن ۾ ماڻهو اُس ۾ پيرن اگهاڙا ڪين هلن ۽ مٿي تي به انگوڇو يا -پٽڪو- -ٻڌي- پوءِ ڪم ڪار سان ٻاهر نڪرندا آهن. اونهاري جي مند ۾، -ٿر- ۾ سخت لُڪ لڳندي آهي ۽ ويساک وارن ڏينهن ۾ الهندو واءُ لڳندو آهي، واريءَ اڏامڻ لڳندي آهي، انهن ڏينهن ۾ -ٿر- ۾ مال جي چوريءَ جو به گهڻو انديشو رهندو آهي. سخت لوءِ لڳڻ ڪري -ٿر- جا خوبصورت ۽ نازڪ طبع پکي -ٻاٻيهو- ۽ مور لُوساٽجيو مريو وڃن. لُڪن لڳڻ ڪري ڪنڊين مان سڱرين جا سُڪل کوکا ۽ ڄارن مان پيرون گهڻي انداز ۾ ڪرندا آهن، -ان- ڪري ٻاڪرو ۽ ريڍو مال پاساڙا ۽ مٿاريون ڇڏي اچي وڻن جا پاسا جهليندو آهي. انهيءَ مند ۾ ڏينهن جو مسافري به مشڪل سان ڪري سگهبي آهي. اڳي انهن ڏينهن ۾ -ٿري- ماڻهو رات جو کيکڙن (جي. ايم. سي ٽرڪون، جيڪي ٻيءَ عالمي -جنگ- ۾ استعمال ٿيون هيون) ۾ فُل آواز ٽيپ وڄائي ڊگهي سفر تي اسهندا هئا، پر هاڻي -ٿر- ڪوچون (جي. ايم. سي ٽرڪن تي بسن جون باڊيون رکي، ڪوچون ٺاهي هلايون وڃن ٿيون) هئڻ ڪري ماڻهن کي ڏينهن جي سفر لاءِ به ڪافي سهولت ٿي پئي آهي. هاڻي پڪن روڊن ٺهڻ کان پوءِ عام ٽرڪون ۽ ڪوچ به هلن ٿا. -ٿر- ۾ چوماسيءَ جي -برسات- پوڻ کان پهرين طوفان به لڳندو آهي، جنهن کي ”وانئر“ چوندا آهن، اها وانئر گهڻو ڪري -اوڀر- کان ايندي آهي. -ان- وانئر ۾ ڪافي تعداد ۾ وڻ به ڀڄي پوندا آهن ۽ -برسات- ختم ٿيڻ کان پوءِ ماڻهو ڪهاڙيون کڻي، جهنگ ۾ ڪريل وڻن تي ٻه ٽي ڌڪ هڻي وڻ والاريندا آهن، ته جيئن ڪو ٻيو ماڻهو قبضو نه ڪري سگهي. وانئر دوران جهنگ ۾ رهجي ويل ماڻهو ۽ جانور پاساڙن يا ٻُڪڙن يا ڀٽن جي هنج وارين جاين ۾ پناهه وٺندا آهن. گهرن ۾ ماڻهو چؤنرن ۾ ويهندا آهن. -ان- چوماسي واري -برسات- ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڳڙا به پوندا آهن، جنهن کي ”ڳڙن واري برسات“ چوندا آهن. -برسات- پوڻ کان پوءِ هوا به -ٿڌي- لڳندي آهي ۽ پوءِ سڀ ٻاهر نڪري -برسات- جو مزو وٺندا آهن. وري نئين وسڪاري اچڻ جا اهڃاڻ کين نظر اچڻ لڳندا آهن. هندن جي پرٻ ’آکاٽي‘ تي ڳوٺ جا ننڍا -ٻار- صبح جو اسُر ويلي ننڍن هرن (جن کي ’هريا‘ به چيو ويندو آهي) ذريعي ڳوٺ جي ميدان کي کيڙي هارين جو پرٻ ملهائيندا آهن، ۽ ڏينهن -ٿورو- مٿي اچڻ مهل ڳوٺ جا وڏا ڪنهن -اوطاق- ۾ ويهي پٽ تي چادر وڇائي -ٻاجهر- ۽ وسڪاري دوران پوکيل فصل جهڙوڪ: موٺ، مڱ ۽ ترن جون مٺيون ٺاهي سنئوڻ ٻولائيندا آهن. ڳوٺ جا سُڳڻي (سڳڻي) پنهنجي پنهنجي ٻنين ۾ وڃي هڪ مخصوص پکي ذريعي سنئوڻ ٻولائيندا آهن. اهو پکي جيڪڏهن ساڄي هٿ تي هوندو ته -ان- کي ’مالاري‘ ۽ جيڪڏهن کاٻي هٿ تي هوندو ته ’سانگوڻي‘ چوندا آهن. انهن سؤنڻن کي ’سُڳن‘ به چون ۽ ائين اهي ايندڙ سال بابت پنهنجي ليکي سُڪار يا ڏڪار اچڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏيندا آهن ۽ مارچ کان هندن جون جنتريون ’ٽپڻا‘ توڙي پنهنجي ليکي آڱرين تي وڏو وايو، ننڍو وايو، آڌيل، مگسر جا ڏينهن ڳڻي، يا وري -آسمان- تي ڪڪرن مان ٺهيل -تتر- کرڙين، چنڊ ٻاهران ڪونڏي ٿيڻ ۽ ٻين مختلف طريقن سان -برسات- مطابق اڳڪٿيون ڪندا آهن. ٿرين لاءِ مارچ کان نئين وسڪاري جا ڏينهن شروع ٿيندا آهن ۽ -آڪٽوبر- تائين وسڪاري جا ڏينهن هوندا آهن. -ان- کان پوءِ ٻنيون لُڻي ۽ فصل گڏ ڪري ڪنڊن سان قابو ڪري ڇڏيندا آهن ۽ سياري جو -ان- فصل کي اتي ئي کولي -ان- صاف ڪندا آهن، -جن- کي اهي ’کرو‘ چوندا آهن.
ٿر جا گاهه: -ٿر- ۾ مسلسل برساتون نٿيون پون. جنهن سال چڱيون برساتون پونديون آهن ته طرحين طرحين جا گاهه ڦٽندا آهن. مال متاع جو گذران فقط گاهه تي هوندو آهي. -ان- کان سواءِ -ٿر- جا ماڻهو ڪجهه گاهن جهڙوڪ: لُلر ۽ مريڙي کي ٻاڦي شوق سان کائيندا آهن.
ٿر ۾ جيڪي گاهه اُڀرن ٿا، -تن- ۾: ڀُرٽ، لَنبَ، ڳَنڍير، ڊَڀ، ڪُوري، ڊامڻ، چِيهو، وينجهول، ويڪَر، سانئون، کِوائي، کيلهو، چَلِ، مانڌاڻو (جهيرڻيو)، مکڻي، سانٽوڙو، تڙڪنٽي ۽ ڏنوهِي شامل آهن.
ٿر جو شڪار: اڳي -ٿر- جا مقامي ڪولهي لومڙ، ڳوهه، تتر، ٻاٽيٻڙ، سَهَن وغيره جو شڪار ڪندا هئا، پر هاڻي ايترو شڪار ڪو نه ڪن. اڳي اهي ڀِٽن جي پاساڙن تي -برسات- دوران ٿيل ڏرن ۾ رڇ -ٻڌي- شڪار ڪندا هئا، پر هاڻي جهنگلي جيوت کاتي طرفان مقامي مارين کي شڪار ڪرڻ جي اجازت ناهي. -ٿر- جي -پارڪر- واري رڻ ۾ سعودي شهزادا سالن کان ڪئمپون هڻي، تلور، مور، تتر، هرڻ ۽ ناياب جيوت جو شڪار ڪري رهيا آهن. سياري اچڻ سان ئي سعودي شهزادن جا ڪٽڪ وڏا گاڏا ڪاهي رڻ ۾ -تنبو- لڳائي ڪئمپون ٺاهي شڪار ڪندا آهن.
-ٿر- ۾ آيل ڏڪار: -ٿر- لاءِ ڏڪار ڪا نئين ڳالهه ڪانهي. صدين کان -ٿر- ۾ هر ٻيو يا ٽيون سال ڏڪار هوندو ئي آهي، پر گذريل ڪجهه سالن کان ڏڪار تيزيءَ سان اچي رهيا آهن. جنهن جو سبب موسمي تبديلي (Climate Change) به ٿي سگهي ٿو. -ٿر- جي -تاريخ- ۾ ڇپني ڏڪار (1956ع ۾ آيل ڏڪار) وڏي تباهي آندي هئي:
گهر گهر ٻڪري، گهر گهر اونٽ،
ڇپنو ڦري گيو، چاري کونٽ.
اُن سال ته -برسات- جي ڦڙي به ڪا نه وٺي هئي ۽ گاهه جو ته ڪک به ڪونه ٿيو هو. مال -جام- مئو. ماڻهن پنهنجا سونا ڳهه ڳٺا سڀ گروي رکي مال کي چارو کارايو. وڏڙن مطابق انهن وڻن جا ڇوڏا کائي به سال ٽاريو هو. 1992ع کان وٺي هيل تائين -ٿر- جي -تاريخ- ۾ 12 کان وڌيڪ ڏُڪار اچي چڪا آهن. ڏڪار جو اعلان سنڌ سرڪار طرفان -آگسٽ- يا سيپٽمبر مهينن ۾ ڪيو ويندو آهي ۽ ڏڪار سٽيلن جي سهائتا لاءِ سستي اگهه تي ڪڻڪ فراهم ڪئي ويندي آهي. جنهن کي -ٿر- جا ماڻهو ”راشن واري ڪڻڪ“ چوندا آهن.
ٿر جو چوپايو مال: -ٿر- جي چوپائي مال ۾ ٻڪريون، رڍون، ڍڳيون، مينهون، اُٺ، گهوڙا ۽ گڏهه وغيره اچي وڃن ٿا. هونئن ته -ٿر- جي مالوند ماڻهن جو گذران ئي مال چارڻ تي آهي، -ان- ڪري ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن وٽ -ٿورو- گهڻو چوپايو مال ضرور هوندو آهي. ٻڪرين ۽ رڍن کي ڌنار اڪيلو گهٽ ڇڏيندا آهن. وسڪاري توڙي عام ڏينهن ۾ به جاچ پڙتال ڪندا آهن. سياري ۾ وڏين ڀٽن ۽ مٿارين جي ٻُڪڙن تي، -جتي- سيءَ جي جهل هجي، اتي واڙا ٺاهي وٿاڻ ڪندا آهن. صبح جو سوير اٿي ننڍڙن ڦرن کي ڍڪي، مال کي سيم ڏانهن روانو ڪندا آهن ۽ پاڻ ڪنڊين مان پن لاهي وٿاڻ ۾ ڦرن کي کارائيندا آهن. -ان- کان سواءِ ڊگهيون ڪاٺيون پاڻ ۾ ڳنڍي، ڇيڙي تي لوهه جون ڏانٽيون هڻي، ڪنڊين جا پن ۽ ڪونڀٽن جا چپڙا ڇاڻي کارائيندا آهن.ڳائي مال جي سار سنڀال ڪرڻ ايڏو ڏکيو ڪم ناهي. -ان- ڪري -ٿر- ۾ ڳائو مال گهڻي تعداد ۾ پاليو ويندو آهي. انهن کي صبح جو ڏُهي، ڳوٺ جون سڀئي ڍڳيون گڏ ڪري سيم ڏانهن لنگهايون وينديون آهن. سڄو ڏينهن جهنگ ۾ چري، شام جو پاڻهي واپس گهرن ڏانهن اينديون آهن. مينهن لاءِ وري کڙ، بُوسو ۽ ٻُري وغيره کارائبي آهي ۽ پوءِ انهن کي جهنگ ڏانهن روانو ڪيو ويندو آهي. پر -ٿر- ۾ مينهون -ٿوري- تعداد ۾ پاليون وينديون آهن. -ٿر- ۾ اُٺ صرف -ٺڪر- (راجپوت) گهڻا پاليندا آهن. انهن جي ڌنارن کي ’اوٺاڙي‘ چيو ويندو آهي. اُٺن جي ولر کي ’وڳ‘ چيو ويندو آهي. شاهه سائين به وڳ لفظ اٺن لاءِ ڪم آندو آهي:
”اُٺ نـه وڃـي وڳ سـيــن، چــري نـه لاڻـــو“
اوٺي مال کي سنڀالڻ ٻئي مال جي نسبت ۾ ڏکيو ڪم آهي. ڪڏهن ڪو -اٺ- وڳ کان ٽري ويندو آهي، ته اوٺاڙي ٽي چار ڏينهن تائين پويان پيرا کڻي وڃي هٿ ڪندا آهن. اهي پنهنجي وڳ جي اٺن جا پير به سڃاڻندا آهن. وسڪاري دوران -ٻني- پوکڻ، پاڻيءَ جون پکالون ڀرڻ ۽ چڙهيءَ ڪرڻ لاءِ ٿرين لاءِ -اٺ- وڏو سهارو آهي. -اٺ- کي ريگستان جو جهاز به چيو ويندو آهي. -ٿر- جا ماڻهو -ان- کي ڏاگهو چوندا آهن.
گهوڙو، اڳي مير گهراڻن ۾ شوق سان پاليو ويندو هو، پر هاڻي ڏينهون ڏينهن پالڻ جو رواج گهٽجندو ٿو وڃي. هي ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾ خرچائو جانور آهي. هن کي صبح شام پاهوري ذريعي -ٻاجهر- کارائبي آهي. هي هڪ مخصوص جاءِ تي اڳئين ۽ پوئين پير ۾ رسن سان ٻڌبو آهي، جنهن کي ڪُڙ چئبو آهي. هي صرف سواريءَ لاءِ ڪم ايندو آهي. هن جي مادي گهوڙي، نر جي نسبت ۾ بنا ساهيءَ جي وڌيڪ سفر ڪندي آهي. سڀ کان ڀلي ۽ سهجي (سياڻي) گهوڙيءَ کي تُرِي چئبو آهي. هن جي لغام کي واڳ به چئبو آهي. هن جا سنج به ڏاڍا مهنگا ٺهندا آهن. -ٿر- جا سوٽهڙ واڍا ’هنا‘ ٺاهيندا آهن. -پارڪر- ۾ راجپوتن وٽ گهوڙو ٻين علائقن جي نسبت ۾ وڌيڪ پاليو ويندو آهي.
گڏهه، -ٿر- ۾ غريب گهراڻن ۾ پاليو ويندو آهي. هيءَ ٻنيون پوکڻ، بار ڍوئڻ، -پاڻي- ڀرڻ جي ڪم ايندو آهي. غريب ماڻهو -ان- تي سواري به ڪندا آهن. هي جانور -ٿوري- خرچ تي به پلبو آهي. ڏڪار وارين حالتن ۾ گوار، مڱ ۽ موٺ جون سڪل پاڙون کائيندو آهي. هن کي مفت جو مزدور به چيو ويندو آهي. -ٿر- جا مسلمان ’بجير‘ ۽ هندو ’اوڏ‘ هن تي مٽي کڻي سرون وجهي، ڀونگا ٺاهي ڏيندا آهن.
ٿر جي جهنگلي جانورن ۾ سَها، لومڙ ۽ ’وٽ‘ واري پاسي ڪڏهن ڪڏهن رڻ کان گدڙ به ايندا آهن. هتي نانگن جي گهڻائي آهي. هر سال نانگن جا ڏنگيل 300 کان 400 مريض تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتالن ۾ داخل ٿيندا آهن. نانگن ۾ ڪارا نانگ به -جام- آهن، -جن- کي -جوڳي- مُرلين جي ڌُنَن ذريعي ريجهائي، پڪڙيندا آهن. بلائن ۾ ٻانڊوري -بلا- وڌيڪ خطرناڪ هوندي آهي، جنهن جي مٿي تي ماڻهوءَ جو نشان ٺهيل هوندو آهي. ٻانڊوريءَ کان سواءِ ٻوگهي -بلا- (ٻن مُنهن واري) هوندي آهي، هيءَ -بلا- -پارڪر- ۾ گهٽ پر واريءَ جي دڙن تي هوندي آهي. زمين ۾ چَر ڪري هلندي آهي. انهن کان سواءِ سنهيون بلائون به ٿينديون آهن. -ٿر- جا ماڻهو انهن کي ’گورهيڙو‘ چوندا آهن. -جن- جي ڪنڌ تي وار ٿيندا آهن، -ان- کي ’ڪونڀاريو‘ به چيو ويندو آهي. اهو نانگ جو هڪ قسم آهي ۽ ٻين بلائن جي نسبت ۾ خطرناڪ هوندو آهي. اهو اڪثر وڙهي به پوندو آهي ۽ ٽپ هڻي پويان وار به ڪندو آهي. چٽڪٻرا نانگ، -جن- کي ترنگ به چيو ويندو آهي، اهي ايترا خطرناڪ نه هوندا آهن. -ٿر- ۽ راجسٿان ۾ رهندڙ هندو ذاتين جا ماڻهو ڪاري نانگ (واسينگ) کي پوڄيندا به آهن. بڊي مهيني جي ڇهينءَ تٿ تي ”گوگي ديوتا“ جي پوڄا به ڪئي ويندي آهي، جنهن جو مقصد نانگ ڪکڻ کان بچاءُ ٿيندو آهي. مور پکي، نانگ جو دشمن هوندو آهي، -جتي- به نانگ کي ڏسندو، جهيڙو ٿي پوندو آهي. مور، ميهه، گاج ۽ نانگ کي ’سارنگ‘ به چيو ويندو آهي.
سارنگ لي سارنگ نان چاليو، سامهون سارنگ ٿاءِ،
سڏ ڏيان سارنگ نان، تو سارنگ مُکا جاءِ.
هتي جڙي ٻوٽيون -جام- آهن. ڏيپلي تعلقي ۾ -ٿوهر- جا -ٻوٽا- ٻين علائقن جي نسبت ۾ -جام- ٿيندا آهن. ڪانڪهه جو ٻوٽو، سائيءَ جي مرض لاءِ اڪثير چيو وڃي ٿو. -ان- کان سواءِ ڪيترائي -ٻوٽا- حڪيم پٽي، انهن مان دوائون ٺاهيندا آهن.
ٿر جا هزارين ڳوٺ ڪچن رستن ذريعي ڳنڍيا پيا آهن. هاڻي مکيه شهرن توڙي ڳوٺن ۾ پڪا رستا ٺهيل آهن. پهرين صرف کيکڙا سواريءَ جو ذريعو هوندا هئا. پر هاڻي پڪن رستن ٺهڻ سان ڪوچن سان گڏ بسون به هلڻ لڳيون آهن. ۽ مسافريءَ جي ڪافي حد تائين سهولت ٿي وئي آهي. -ٿر- جي اهم شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پوسٽ آفيسون موجود آهن. مختلف موبائل ڪمپنين طرفان مٺي، -اسلام- ڪوٽ، ننگرپارڪر، ڏيپلي، عمرڪوٽ ۽ ٻين علائقن ۾ موبائل فون جي سروس مهيا ڪئي وئي آهي.
ضلعي جون انفرادي خصوصيتون:
(1) صوبي جو هي واحد ضلعو آهي، جنهن جو نالو ڪنهن شهر يا ڳوٺ جي نالي بجاءِ طبعي ڀاڱي سان منسوب آهي.
(2) ايراضيءَ جي لحاظ کان هيءُ صوبي جو سڀني کان وڏو ضلعو آهي.
(3) صوبي جو وڏي ۾ وڏو -تعلقو- (ڇاڇرو) هن ضلعي ۾ آهي.
(4) صوبي ۾ ڀارت سان لاڳيتي وڌ ۾ وڌ سرحد هن ضلعي جي ملي ٿي. هن ضلعي ۾ وڌيڪ قديم آثار آهن، -جن- مان جين ڌرم ۽ -ٻڌ- ڌرم جا آثار قابل ذڪر آهن.
(6) -ٽالپر- حڪمرانن گهڻي ۾ گهڻا ڪوٽ ۽ قلعا هن ضلعي ۾ ٺهرايا.
(7) اونهي ۾ اونها کوهه (300 فوٽ) هن ضلعي ۾ آهن.
(8) برصغير جو وڏو ريگستان (ٿر) هن ضلعي ۾ آهي.
(9) گهڻيون لوڻ جون کاڻيون هن ضلعي ۾ آهن.
(10) گاهن ۽ ٻوٽن جا گهڻا قسم هن ضلعي ۾ آهن.
(11) مشهور ”پِيئڻ“ -بلا- (نانگ) فقط هن ضلعي ۾ ٿيندي آهي.
(12) صوبي ۾ -اقليت- جو وڏو تعداد هن ضلعي ۾ رهي ٿو.
ٿر جا لوڪ گيت: لوڪ گيت، -ٿر- جي ثقافتي قدرن جو قيمتي سرمايو آهن. اُهي ڪڏهن ٺهيا يا ڪيئن ٺهيا، انهيءَ بابت پڪ سان ڪجهه نٿو چئي سگهجي، البت ڪي گيت ويجهڙائيءَ ۾ ٺهيا، -تن- بابت ڪي راويتون ملن ٿيون. گهڻا لوڪ گيت عورتن جا چيل آهن، جيڪي ڌار ڌار موقعن تي ڳايا وڃن ٿا. -جن- لوڪ گيتن ۾ جذباتي محبت جو رنگ آهي، سي فقط مرد ڳائيندا آهن، ا نهن لوڪ گيتن ۾ ’ڀَئيو‘، ’ڏهرڪو‘، ’بادليو‘، ’ولهاڙو‘، ’همرچو‘، ’جوڌيو‘، ’ڪَجليو‘، ’ليالو‘، ’هاسل‘، ’مڱريو‘، ’جوڌاڻو‘ ۽ ’هينڍامڻي‘ وغيره شامل آهن. مڱڻهار فقير، سارنگيءَ تي گهر گهر دان گهرڻ وقت ’مڻهار‘، ’پڻهاري‘ ۽ ڪونجل‘ گيت ڳائيندا آهن.
ڏورو، ٽيج ۽ ٻيا گيت، جيڪي شادين توڙي پرٻن جي موقعن تي عورتون ڳائينديون آهن.
ٿر جا قديم آثار: -ٿر- جي قديم آثارن ۾ ڀوڏيسر ۽ ويراواهه لڳ جين ڌرم جا مندر ڀوڏيسر مسجد (ڏسو: ڀدريشر نگري)، گوڙي مندر (ڏسو: گوڙي مندر)، -پاري نگر- (ڏسو: پاري نگر)، ڪارونجهر -جبل- ۾ واقع هندن جو پراڻو آسٿان ساڙڌرو، نئون ڪوٽ قلعو، عمرڪوٽ قلعو مشهور آهن، جيڪي -ٿر- جي قديم -ثقافت- جا اهڃاڻ هجڻ سان گڏ وسڪاري دوران سياحن جي گهمڻ جو خاص مرڪز هوندا آهن.
ٿر جا فنڪار: هن وقت -ٿر- جي مقبول فنڪارن ۾ صادق فقير، ڪريم فقير، ڀڳڙومل ’ناچيز‘، يوسف فقير (ڪاسٻي ۾ شو مندر ۾ ڳائيندڙ نابين فنڪار)، -برڪت- فقير ۽ رجب فقير شامل آهن، جڏهن ته سنڌ جي مقبول فنڪاره مائي ڀاڳي، مراد فقير ۽ موهن -ڀڳت- به هن ئي ضلعي جا هئا. شادي فقير عمرڪوٽ ضلعي جو فنڪار هو.
ٿر ۾ رهندڙ قبيلا ۽ ذاتيون: -ٿر- ۾ مسلمان ۽ هندو رهن ٿا، -جن- جا ڪيترائي قبيلا ۽ ذاتيون آهن. مسلمان ذاتين ۽ قبيلن ۾ سيد، بلوچ، خواجه، چانڊيا، کوسا، رند، بروهي، سومرا، ميمڻ، نُون، سما، نهڙيا، راهما، اُنڙ، حجام، ڪنڀار، مڱڻهار، خاصخيلي، شيدي، ڪنڀار، لنگها، مڱريا، جوڻيجا، آريسر، درس، هاليپوٽا، سميجا، چانگ، راڄڙ، دَل، پڃارا، ٻهنپار، وسائيپوٽا، موسي پوٽا، ڇڇر، ڏيٿا، ديدا، ٿيٻا، اوٺا، جنجهي، ٻاراچ، سنگراسي، چنا، سهتا، کوکر، ميڻا، جويا ۽ -بجير- وغيره رهائش پذير آهن. هندو ذاتين ۾ مهراج، ٻاوا، مهيشوري، لوهاڻا، راجپوت، سوٽهڙ، ميگهواڙ، ڀيل، ڪولهي، ريٻاڙي، چارڻ، جاٽ، مالهي، سونارا، لوهار، گُرڙا، نائي، -جوڳي- وغيره شامل آهن.
ٿر جون رسمون: -ٿر- جي هندو لوڪن ۾ مرڻي جون رسمون ٻارهن ڏينهن هلنديون آهن. -ٿر- ۾ اڳي ته مهينو کن -پٿر- تي يعني هيٺ ٽپڙ وڇائي ويهندا هئا، پر هاڻي ته ٻارهن ڏينهن به مشڪل سان ويهندا آهن. اهي ٻارهن ئي ڏينهن ويجهن عزيزن، نياتن، گناتن مان هڪ ماڻهو روز صبح شام ويهڻ ايندو آهي. انهيءَ کانسواءِ به هڪ مرد هڪ عورت پهرينءَ رات جو پنهنجو بسترو کڻي ايندا آهن ۽ گهر وارن سان گڏ هيٺ سمهندا آهن، انهيءَ کي ”سَٿراڙو“ چون. ٻارهن ڏينهن ڪوبه گهر جو ڀاتي سواءِ ننڍن ٻارن جي کٽ تي ڪونه ويهي ۽ گهر ۾ به سواءِ -ٻار- جي ڪوبه مٺاڻ نه واپرائيندو. ڳوٺ جا ماڻهو به ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا صبح ۽ شام، نه ته به هڪ ڀيرو ضرور ايندا. انهيءَ کي ”ويهڻ“ چوندا آهن. هرڪنهن موقعي، شاديءَ غميءَ لاءِ مخصوص لفظ آهن. اهي چوڻ سان ئي ٻيو سمجهي ويندو آهي ۽ اڳي ته ڇهه مهينا، پر هاڻي ته ڪوبه مهينو نه ملهائيندا؛ مثلاً هولي آئي ته انهيءَ گهر وارن يا ويجهن عزيزن تي ڪوبه رنگ نه وجهندو ۽ چوندا ته ”سوڳ“ آهي. سوڳ لاهڻ جا به موقعا ٿيندا آهن. مرتيي جي ٽئين ڏينهن تي عزيز سيڻ گڏ ٿين ۽ چون ته ”ٽيئون“ آهي. انهيءَ ڏينهن سَونڪو نڪرندو، مهراج گهراڻو ”وڌيءَ“ ڌرمي طريقي موجب -ٽپڻو- ڏسي ٻڌائيندو ته ڪهڙي ڏينهن ڪريا ڪرم ڪبو ۽ -ٻارهو- ڪبو، جنهن کي ’ٻارس‘ يا ’اوسر‘ به چون. -ان- کان هڪ ڏينهن يا ساڳئي ڏينهن ٻاهر جي عزيزن دوستن کي گهرائڻ لاءِ لکندا. انهيءَ کي ”چٺيون لکيون“ چون. انهيءَ لاءِ مخصوص لفظ هوندا آهن؛ مثلاً ”محترم فلاڻا- اڀرنت احوال ڪهڙو لکون؛ فلاڻو پٽ فلاڻي جو، هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي، انهيءَ جو ڏسائو ۽ -ٻارس- فلاڻيءَ -تاريخ- آهي ۽ توهان کي وائڪ ڏجي ٿو.“ انهيءَ مان هرڪو سمجهي ويندو ته اسان کي ڪڏهن وڃڻو آهي. ويجها رشتيدار ڏسائيءَ جو ۽ ٻيا -ٻارس- جي ڏينهن ايندا آهن. اهي چٺيون، سادي لفافي ۾ وجهي موڪلبيون آهن، وصول ڪندڙ کي خبر پئجي ويندي آهي ته، خير جي چٺي نه آهي، ڇو ته چٺيءَ واري پني جي هڪ ڪنڊ ڪٽي پوءِ موڪلبي آهي.
ٿر جا جيت: -ٿر- ۾ جيتن جا به ڪيترائي قسم آهن جيئن ته:
1. زمين تي سُرندڙ زهري جيت: واسينگ، ڪارو نانگ ڦڻ سان، ڪونڀاريو نانگ، گورهيڙو نانگ، گڊو نانگ، ڀورينگ، پدم، جھوڙ، جھموڙي، ڪنڪوڙي نانگ، ٽَنگ، لُنڊي، کپر، پيئڻ، ٻوگھي، ڪوراڙ، گھوڙيل ۽ ٻيا به ڪئين قسم آهن.
2. پير وارا زهري جيت: وڇون، سؤپيريون، هڻ کڻ ۽ وڇي وغيره.
3. اُڏامندڙ زهري جيت: ڏينڀو، ماکيءَ جي مک، مڇر، ڪُت وغيره.
عام جيت ٻن قسمن جا آهن، اهي زهري نه آهن، جيئن ته:
1.پيرن وارا جيت: چندڻ ڳوهه، عام ڳوهه، گوهيرو، نوريئڙو، نور، سانڊو، ڪاڪينڊو (سائو، ڳاڙهو، اڇو)، ڪُئو، ڪرڙي، چچي، ڄاهو، منگھڻ، ماڪوڙا، ماڪوڙي، اُڏوهي، تڏيون (ڪاريون ۽ اڇيون)، ڪاترا، گيئڙ، اوٿوُ، اِلي، سُرو، گھُرٽي، ميهه ماما (مينهن وساڙا)، ڄَوا، لَٽون، گوئِڙ، چِچَڙ ۽ ٻيا به ڪيترن ئي نمونن جا جيت ٿين ٿا.
2. اُڏامندڙ جيت: عام مکيون، ڀنڀوريون (ساون ۽ اڇن ٽٻڪن واريون)، ڀينگا، گونگھا، -اڪ- مڪڙ، کڙکٻيتا، ڀمرا، گھريتڙي، ڀمري ۽ ٻيا.

3. برساتي جيت: وسڪاري تي انيڪ قسمن جا جيت پيدا ٿيندا آهن، -جن- مان ڪيترا -باهه- يا بتي -ٻارڻ- تي اچي مڙندا آهن.
ٿر جا ميلا: -ٿر- ۾ ڪنهن نه ڪنهن پير، فقير، اولياء، درويش، سنت وغيره جي قبي يا قبر وغيره تي ساليانو ميلا لڳندا آهن. انهن ميلن ۾ وڏا ناٽڪ، گھڻو واپار، يا نامي مَلَهن جا ملاکڙا گهٽ لڳندا آهن، فقط معمولي دڪان، خاص ڪري مٺائيءَ جا دڪان ۽ چانهه جون هوٽلون وغيره کُلن، ڇو ته ماڻهو سُکا پوري ڪرڻ لاءِ مٺائيون ورهائيندا آهن. اوسي پاسي جا ماڻهو گڏ ٿيندا آهن، جي ملاکڙا لڳائيندا آهن، اُهي ڪجھه -انعام- به ڏيندا آهن. اُٺ ۽ گھوڙا گھمائيندا آهن. بعضي شرطون لڳائيندا آهن. هندو درويشن تي ڀڄن ڳائبا آهن. اهي ٽوليون مينگھواڙ ڀڳتن جون هونديون آهن. ڪٿي هڪ ڏينهن ڪٿي ٻه، ٽي يا وڌيڪ ڏينهن ميلو هلندو آهي. ڪن ڪن هنڌن تي ماڻهو ديڳيون رڌي عام طرح کارائيندا آهن ته ڪي مراد پُنل ڀت جون ديڳيون رڌي کارائيندا آهن، ڪي -ٻڪر- قربان ڪندا آهن، جنهن کي جهاٽڪو چئبو آهي. ڪي مٺائيون ورهائيندا آهن، -ٿر- جا هيٺيان ميلا مشهور آهن.
راضي شاهه جو ميلو: نئين ڪوٽ کان مٺي ويندي، شهر کان ٻاهر روڊ جي ڏکڻ طرف، -ٿر- ۽ سنڌ جي ڪَس تي مير ڪرم علي خان -ٽالپر- جي ٺهرايل ڪوٽ (جو اڃا بيٺو آهي) جي ڏکڻ- الهندي طرف ذوالحج يعني عيدالاضحيٰ تي سال بسال لڳندو آهي. هتي سيد راضي شاهه گھوٽ لڪياريءَ جو عاليشان قبو آهي ۽ مُجاور رهي ٿو. هي هڪ وڏو ميلو آهي، -جتي- ڪافي ماڻهو پري پري کان ايندا آهن. هر ڪنهن قسم جو چڱو واپار هلي ٿو. ملاکڙو به لڳندو آهي.
پاربرهم جو ميلو: ڏيپلي تعلقي ۾ شهر کان 6 ميل -اتر- الهندي طرف ”ويڙهي جھپ“ڳوٺ ۾ هر سال بڊي جي -ٻارس- کان پورڻما تائين چئن ڏينهن تائين ميلو -جاري- رهندو آهي. -ٿر- جي سڀني ميلن کان هي وڏو ميلو آهي، -جتي- پوري -پاڪستان- کان هندو جاتري ايندا آهن. روايت آهي ته هتي پارُو فقير (پاربرهم) جيئري سماڌي ورتي هئي. هتي جاترين لاءِ ڪچيون لانڍيون ٺاهيون وينديون آهن. دڪان وغيره -جام- کوليا ويندا آهن، ڀڄن ڳائبا آهن. چانورن جو ديڳيون لاهي ورهائيون وينديون آهن. شام جو جاتري سماڌيءَ وٽ وڃي -آرتي- ڪن ۽ ڀاوَ چاڙهيندا آهن. ميلي ۾ هڪ دفعو يا هڪ کان وڌيڪ دفعا آستان جي ڄار وٽ -باهه- جو مچ پاڻهي ٻرندو آهي، جنهن بابت روايت آهي ته ڏاڏو پاربرهم پرچو ڏيندو آهي. هتي -بصر- جو عام استعمال ٿيندو آهي، جنهن کي ”ڏاڏي جا انب“ چوندا آهن. هن ميلي تي ذات -پات- ۽ ننڍ وڏائيءَ جو فرق ختم هوندو آهي.
شِو جو ميلو: هي ميلو -ٽن- هنڌن تي شِو ڀڳوان جي -جنم- ڏينهن، شوراتڙي ڏينهن تي لڳندو آهي: (1) عمر ڪوٽ شهر ۾ شو مندر ۾، (2) ننگرپارڪر شهر کان ڏکڻ طرف ڪاسٻي ڳوٺ ۾ واقع شِو مندر ۾، (3) مٺي شهر ۾ شوراتڙيءَ تي مهراج شامداس مختيارڪار پنهنجي سرڳواسي پتا مهراج مکي تاراچند جي يادگيريءَ ۾ لڳرائيندو آهي، هي ميلو ٽي ڏينهن هلندو آهي. لنگر چالو رهندو آهي.
رام گِر جو ميلو: هي ڇاڇري کان ٽي ميل -اوڀر- طرف ننگرپارڪر ڏانهن ويندڙ شاهي رستي تي ”رامجي جي ويري“ ڳوٺ جي ڀرسان مانگهه مهيني جي چانڊوڪي ستئن ۽ بڊي جي اگيارس تي لڳي ٿو، جو ٻه ڏينهن هلندو آهي. هتي ڪچي مٽيءَ جو آستان ٺهيل آهي. ننڍي پيماني تي مٺائيءَ جا دڪان کلندا آهن ۽ ملاکڙو لڳندو آهي. روايت آهي ته ڌُوپ لاءِ -باهه- تي گيهه جي بدران پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻبو آهي ته لاٽ ٿي پوندو آهي.
مالهڻ جو ميلو: هي ميلو ڳوٺ چيلهار کان 6 ميل ڏکڻ طرف مٺيءَ ڏي ويندڙ رستي جي -اتر- طرف، هريار ڳوٺ جي ڀرسان هر سال مانگهه ۽ بڊي جي سهائي تيرس، چوڏس ۽ پورڻما تي لڳندو آهي، هي ميلو -ٽن- ڏينهن تائين -جاري- رهندو آهي. هڪ روايت آهي ته هي پاڻ ۾ ست ڀينرون هيون، -جن- جا -ٿر- جي مختلف هنڌن تي آستان آهن. پر کين ڪو به مخصوص نالو نه ملي سگهيو آهي. انهن کي ’ماتا جي‘ به چوندا آهن، چارڻ به هن کي پوڄين ٿا. چارڻ وري هن کي ’کوڙيار ماتا‘ چوندا آهن. راجستان جا راجپوت ۽ -ٿر- يا هن جي اڄ تائين ماڻهو ديويءَ وانگر پوڄا ڪندا آهن ۽ مختلف هنڌن تي ننڍا ننڍا ميلا به لڳندا آهن. هريار ڳوٺ ۾ رستي جي -اتر- طرف ڪچي مٽيءَ جي هڪ ڪوٺي ٺهيل آهي، جنهن جي چوڌاري جهنگ آهي. -ان- ٿانَ واري جوءِ ۾ ڪو به ماڻهو وڻ نه وڍيندو آهي. هريار ڳوٺ ۾ راجپوت، مينگھواڙ ۽ مسلمان ڪنڀر رهن ٿا. هتي ٺڪرن جي ’جاگو‘ ذات جو آنٻجي نالي -ڀوپو- آهي، جيڪو ميلي جا ٽئي ڏينهن توڙي هر مهيني جي سهائي ستئن ۽ چوڏس تي پوڄا ڪندو آهي. هتي پوري -ٿر- کان گهڻي تعداد ۾ ماڻهو باسون -باسڻ- توڙي ڌڄائون چاڙهڻ ايندا آهن، جيڪي ڀيٽا به رکندا آهن. ميلي جي ٻئي يا ٽئين ڏينهن تي عام روايت موجب هڪ پيتي، جنهن کي تالو لڳل هوندو آهي، اهو تالو پاڻهي کلندو آهي ۽ ائين جاترين کي درشن ملندو آهي. هن ميلي ۾ ننڍا ننڍا دڪان کلندا آهن. ملاکڙو لڳندو آهي. هتي ماڻهو ٻڪرن جو جھاٽڪو ڪندا آهن ۽ پلاهه رڌي سڀني جاترين ۾ ورهايو ويندو آهي. هن مالهڻ جا ٻيا آستان لکميار، ڇَهو، ٻاراچ، ڀوريلو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ آهن. -جتي- هر سهائي ستئن ۽ چؤڏس تي ڀاو چاڙهي، پرشاد ورهائبي آهي.
چُندو پير: هي پير مشهور پير پٿوري جي ڪُل مان آهي، جنهنڪري کيس پٿوري پوٽو چوندا آهن. هتي هڪ ڪچي مٽيءَ جو پاڙيئو ٺهيل آهي، جو ڳوٺ ڪانٽئي تعلقي ڇاڇري کان ٽي ميل ڏکڻ الهندي طرف ڇاڇري ڏي ويندڙ شاهي رستي تي، ڳوٺ مٺڙيي ڀرسان آهي. هتان ڇاڇرو -ڪُنري لاريءَ جي سروس آهي، ميلو هر سال بڊي جي چنڊ تي لڳي ٿو، جو ٽي ڏينهن هلندو آهي. رواجي دڪان، خاص ڪري مٺائيءَ جا لڳنداآهن. ملاکڙو ٿيندو آهي ۽ وهٽن جون شرطون لڳنديون آهن. ماڻهو ڪافي انداز ۾ ايندا آهن. ڳوٺ ڪانٽئي جي هندو پئنچات جي پاران سڀني کي ڀَت کارايو ويندو آهي.
هَرداس -ڀڳت- جو ميلو: هي ميلو مٺي شهر ۾ -اوڀر- طرف دڙي تي هر سال چيٽي چنڊ تي لڳندو آهي، جو ٽي ڏينهن هلندو آهي. هتي -ڀڳت- جو ”ڏيورو“ ٺهيل آهي. هرداس -ڀڳت- ذات جو پشڪرڻو -برهمڻ- اصل ڇاڇري جو ويٺل هو. درويش صفت ۽ سنت هو. هن پيشنگوئي ڪئي هئي ته -ترت- ڇاڇري تي ڪا مصيبت اچڻي آهي، تنهنڪري ڪي ماڻهو لڏي اچي مٺيءَ ۾ ويٺا. -ترت- ئي مدد خان -پٺاڻ- اچي ڇاڇري ۾ ڦر لٽ ڪئي. -ڀڳت- جا پويان اڄ تائين مٺيءَ ۾ رهن ٿا، -جن- کي به -ڀڳت- سڏبو آهي. اُنهن لاءِ ماڻهن ۾ اڄ تائين چڱي عزت آهي.
سيد مصري شاهه جو ميلو: هي ميلو مٺي شهر کان اتر- اولهه طرف نئين ڪوٽ ڏي ويندڙ شاهي رستي تي، گاڏي واري لڪ وٽ، هر سال بڊي جي ڏهين -تاريخ- لڳي ٿو، جو ٻه ڏينهن هلي ٿو. هتي هڪ قبو ٺهيل آهي، جنهن کي چوڌاري ڪنڊن جو لوڙهو ڏنل آهي. ڪافي زيارتي ايندا آهن، چڱو ملاکڙو لڳندو آهي، مٺائيءَ جا دڪان ۽ چانهه لاءِ هوٽل کلندا آهن.
ميين شاهه جو ميلو: هي ميلو ڳوٺ ٽڳٺيو، تعلقي ڇاڇري ۾ هر سال عاشورن جي وقت لڳندو آهي، جو ٽي ڏينهن هلندو آهي. هتي ميين شاهه جي -تربت- ۽ شاهي مقام آهي. ڪافي زيارتي ايندا آهن ۽ ڇيلن جون قربانيون ٿينديون آهن. چوپائي مال جي بيماريءَ جي حالت ۾ ماڻهو باسون باسيندا آهن، تنهنڪري مالدار ماڻهو کير آڻي کيرڻي رڌي ماڻهن کي کارائيندا آهن. ڀت جون ديڳيون پڻ لهنديون آهن.
کنگھار پير جو ميلو: هي فقير پير پٿوري جي نسل مان آهي. هي ميلو ڳوٺ جانهيري تعلقي عمر ڪوٽ ۾ هر سال بڊي جي چنڊ تي لڳندو آهي، جو ٻه ڏينهن هلندو آهي. هتي ڪچي مٽيءَ جو -ٿلهو- ٺهيل آهي، جنهن کي کنگھار پير جو ”اوٽو“ چوندا آهن. ڪافي جاتري ايندا آهن، سڄي رات ڀڄن هلندا آهن ۽ صبح جو ملاکڙو لڳندو آهي. مٺائيءَ جا دڪان لڳندا آهن.
رامديو پير جو ميلو: هي ميلو -اسلام ڪوٽ- ويجهو ڳوٺ ميگهي جي -تڙ- ۾ هر سال بڊي مهيني جي سهائي اگيارس تي لڳندو آهي. هن ميلي ۾ ڀيل ذات جا جاتري گهڻي تعداد ۾ اچن ٿا. ميلي جي ٻئي ڏينهن تي ملاکڙو به لڳندو آهي. راماپير جو -جنم- راجسٿان جي رڻوجا ڳوٺ ۾ ٿيو هو، -ان- ڪري راجسٿان سميت سنڌ جي مختلف شهرن توڙي ڳوٺن ۾ به ساڳئي تِٿ تي ميلو لڳندو آهي.(تفصيل لاءِ ڏسو: پير، رامديو).
پير عالم شاهه جو ميلو: هي ميلو ڳوٺ گڍڙي کان ڏکڻ طرف نو ميل پنڌ تي ڳوٺ عيساڻيءَ ۾ لڳندو آهي.
پير حسن علي شاهه: هي ميلو هيرار ڏيٿا تعلقي ڇاڇري ۾ لڳي ٿو.
همير پير جو ميلو: هي ميلو ڳوٺ چيلهار کان ٻه ميل -اتر- طرف ڳوٺ کيجراڙي ڀرسان مانگهه جي چنڊ تي لڳندو آهي. هتي پڪ سرو ڏيهرو ٺهيل آهي. ميلو هڪ ڏينهن هلندو آهي ۽ رواجي دڪان لڳندا آهن، ڳوٺ جي ٺڪرن جي پاران کيرڻي ۽ ڀت کارايو ويندو آهي.
ساميءَ جو ميلو: هيءَ ميلو ڳوٺ ميگهي جي -تڙ- تعلقي ڇاڇري جي -اوڀر- طرف ڏيڍ ميل پنڌ تي هيڪل ڪوريءَ جي ڏهر ۾ بڊي جي چنڊ تي هڪ ڏينهن لڳي ٿو، هتي -ٻڪر- قربان ڪندا آهن.
مارئيءَ جو ميلو: ڳوٺ ڀالوا، تعلقي ننگرپارڪر ۾ مارئي جي کوهه وٽ پهريون دفعو 6 مارچ 1967ع تي، مير حاجي محمد بخش خان ٽالپر، سابق وائيس چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٿرپارڪر ۽ سابق ايم.پي.اي جي ڪوشش سان لڳو هو، جنهن ۾ ادبي ڪانفرنس (مقالا ۽ شعر)، -ٿري- ناچ ۽ لوڪ گيت، ناٽڪ، سئنيما شو وغيره ڪيا ويا. بعد ۾ -ثقافت- کاتي حڪومت سنڌ 1997ع، 2003ع کان مارئيءَ جو ميلو ڀالوا ۽ مٺيءَ ۾ ملهائڻ شروع ڪيو، ٻه سال کن مقامي ماڻهن ۽ مٺيءَ جي صحافين ڀالوا ۾ هي ميلو ملهايو آهي. 2008ع ۾ ۽ 22 فيبروري 2010ع تي محترمه سسئي پليجو، وزير ثقافت، حڪومت سنڌ، هن ميلي ۾ خاص دلچسپي ورتي آهي ۽ عوامي مطالبي تي هي ميلو ڀالوا ۽ مٺيءَ ٻنهي هنڌن تي ڪرايو. پهرئين ڏينهن ڀالوا ۾ ڪانفرنس ۽ راڳ ڪرايو، گهوڙن ۽ اٺن جون ڊوڙون ٿيون، دڪان لڳا ۽ نمائشون ٿيون: ٻئي ڏينهن مٺيءَ ۾ مارئي ادبي ڪانفرنس ڪرائي، جنهن ۾ عالمن ۽ اديبن مارئيءَ بابت مقالا پڙهيا، رات جو -ٿر- جي مقامي فنڪارن راڳ رنگ جي محفل ۾ حصو ورتو، ملاکڙو ٿيو، جنهن ۾ ملهه پهلوانن جوهر ڏيکاريا، ملهن، نمائش ۾ حصو وٺندڙن ۽ فنڪارن ۾ -ثقافت- کاتي پاران انعام، شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا.
ٿر جا ميوا: -ٿر- جي ميون ۾ جھنگلي ڇاپرو ٻير، ڪرڙن جا پڪا، پيرون، سنڌي -ٻير- (ڪي ماڻهو پنهنجن گھرن ۾ سنڌي -ٻير- پوکيندا آهن)، هنداڻا، گدريون، گدرا، متيرا، چڀڙ، گولو، پپون ۽ گانگھيٽا وغيره، -جن- کي ننڍا وڏا، ٻار، عورتون ۽ مرد شوق سان کائيندا آهن.
سنڌ مان انب، زيتون، ڏاڙهون، صوفي ٻير، سنڌي ٻير، ڪمند، گجر وغيره واپاري آڻي شهرن ۾ وڪڻندا آهن. اڄڪلهه مٺي، ڏيپلي، ڇاڇري، -اسلام- ڪوٽ، ننگرپارڪر، چيلهار، ڪانٽيي ۽ ٻين ننڍن شهرن ۾ گھڻو ڪري ڀاڄي ۽ ميوات هر وقت ملي سگهي ٿي.
ٿر جي ماڻهن جي پوشاڪ: -ٿر- ۾ مکيه مذهب -اسلام- ۽ هندو ڌرم آهن، -جن- ۾ جدا جدا ذاتيون آهن. مسلمان گھڻو ڪري ساڳي پوشاڪ ڍڪين پر ته به جدا جدا ذاتين ۾ ڪجهه تفاوت آهي، هندن جي جدا جدا ذاتين جي وچ ۾ پوشاڪ جي حوالي سان گھڻو تفاوت آهي. غربت سبب ڪپڙا سادا، سستا، ٿلها ۽ جھالائو پائيندا آهن. اونهاري ۽ سياري جي پوشاڪ ۾ -ٿورو- تفاوت ڪن. خوشحال گھرن جا مسلمان مرد سٿڻ، قميص، سنڌي ٽوپي، -پٽڪو- ۽ بوٽ پائين. ڪي سليپر يا سنڌي جُتي پائين. غريب ماڻهو صدري ۽ گوڏ ٻڌن، جا سوٽي ڪپڙي يا اوني کٿي جي ٿيندي آهي. سوٽي گوڏ، ڪي ڪاري رنگ جي ۽ ڪي نيري رنگ جي ۽ ڪي خاڪي رنگ جي پسند ڪندا آهن. انهيءَ ڪپڙي کي گَندِي پڻ چون. مهيشوري، سونارا، کٽي، ٻاوا، شلوار، قميص پائين ۽ عورتون به شلوار چولا پائين. -ٿر- ۾ پٽڪا مختلف رنگن جا هوندا آهن، ڪي پوڙها پُٺِيو (انگرکو)، قميص، چادر يا لانگوٽي سان ٻڌن، خوشحال گهراڻن جا -ٺڪر- ۽ سوٽهڙ سوٽي ڪپڙي جو لانگوٽو ٻڌن، نوجوان ڦينٽو (راجسٿاني پٽڪو) ٻڌن، ڀيل لانگوٽو گھٽ ٻڌن، بنا لانگوٽي گندي پائين ۽ ڀيل نوجوان وري گهاٽيون شلوارون ۽ قميص پائيندا آهن.
مسلمان ڪپڙي لاءِ ڪارو ۽ خاڪي رنگ پسند ڪن، جو سٿڻ، -پٽڪي- ۽ گوڏ جي ڪپڙي ۾ استعمال ڪن. ٻروچ وري نيري سٿڻ يا نيري گندي جي گوڏ پسند ڪن. عام مسلمان مٿي تي بعضي -اجرڪ- به ٻڌن ۽ گوڏ ٻڌڻ لاءِ پڻ شوق سان ڪم آڻين. غريب ماڻهو انگوڇي جو -پٽڪو- ٻڌن. قميص، صدري، سلوار وغيره به ڪٿان ڦاٽي پوي ته ڪاريون (چَتيون) ڏيئي ڪم پيا آڻيندا آهن. چادر جي ٻن پُڙن کي ڳنڍڻ لاءِ شوق ڪري ڄاريدار نموني ڀرت ڪرائين، جنهن کي ”کِيلَڻ“ چون. ڪيترا غريب ته پُٺن تي سوٽي ڪپڙي مان ٺهيل گنجي پائين. صدري يا قميص گهٽ پائين. -ٿر- ۾ هاري ناري، مزور ۽ ڌنار وغيره اڪثر ننڍڙي گوڏ طور -ٻڌي- پيا ڪم ڪار ڪندا آهن، جنهن کي ”پوتڪِي“ چون. وچولو ۽ غريب طبقو چادر ضرور پاڻ وٽ رکي، جا اُن کي ڪيترا ڪم ڏئي، سيءُ ۾ اوڍي، ڪچهري ۾ ڦانگ (ڪانڀ) -ٻڌي- ويهي ۽ وسڪاري جو لاباري وقت سنگن جي ڀرين ۽ گاهه ٻڌڻ لاءِ ڪم اچي.
اڳي -برهمڻ- (مهراج)، -ٺڪر- ۽ سوٽهڙ وريل نوڪ سان جُتي پائيندا هئا، جنهن کي ”موجڪي جُتي“ چئبو هو. پر هاڻي اهو رواج ختم ٿي ويو آهي ۽ بازاري جتيون توڙي سليپر استعمال ڪندا آهن. لُهاڻا، کٽي، سونارا ۽ ٻيا شهر ۾ رهندڙ ماڻهو بوٽ پائيندا آهن. ٻهراڙين ۾ پڙهيل طبقي وارا بوٽ ۽ سليپر پائين. اڳي مينگهواڙ بوٽ، سليپر ۽ جُتيون ٺاهي پاڻ به پائيندا هئا ۽ شهرن ۾ وڪرو به ڪندا هئا ۽ اهو رواج اڄ به آهي. اهي ديسي چمڙي جي جُتيءَ کي کارو -تيل- مکين ته جيئن نرم ٿئي ۽ جٽاءُ ڪري. -ٿر- ۾ اونهاري جو پيرن اگھاڙو هلي نه سگھبو، ڇاڪاڻ جو تتل واري پير ساڙيو ڇڏي ۽ وسڪاري جو وري بوٽ هلڻ نه ڏين. بوٽن جو رواج ٻهراڙي ۾ ڪونه آهي. پڙهيل ۽ شهري ماڻهو قميص، سُوٽ ۽ ڪوٽ به پائين ۽ مٿو اُگھاڙو رکن. مسلمان عورتون گھاگھرو (پڙو)، ڪنجرو ۽ چُني ڪن. ڪنجري تي سُٺين ڊزائينن سان ريشم جو ڀرت ۽ ٽِڪون لڳل هونديون آهن. ٻروچن جون عورتون سُٿڻ ۽ گھگھو ڍڪين. ڪنواريون ڇوڪريون گهاگهرو، چولو ۽ پوتي پائين. برهمڻ، مهيشوري، سونارا، سوٽهڙ ۽ -ٺڪر- عورتون گھاگھرو، چُني ۽ جھَٻو پائين. لوهاڻيون عورتون سٿڻيون ۽ چولا پائين. هندو نيچ ذات واريون عورتون گھاگھرو، ڪنجرو ۽ چُني پائين، جھَٻي جو رواج گھٽ ٿيندو وڃي ٿو. ڇوڪريون گھاگھرو، چولو ۽ پوتي پائين. ريشمي چُنيون -جن- جي ڪنارين تي گونٽي جون تارون ۽ ڄاريدار ماکليون ۽ ربينون چڙهيل ۽ ستارون مڙهيل، ريشمي ڀرت سان چُنيون، ريشمي گھاگھرا -جن- جي ڪنارن تي گونٽي جون تارون لڳائي، ريشمي جھَٻا تارن ۽ مُڪي جي ڀرت سان پائين، شاهوڪار مسلمان زالون به اُچا ريشمي ڪپڙا پائين. سونارا، لوهاڻا ۽ کٽي پاڻ ۽ عورتون چڱا ڪپڙا پائين. ڳوٺاڻيون -ٿري- عورتون هندو توڙي مسلمان اڇو ڪپڙو نه پائينديون آهن، ڇو ته اڇو ڪپڙو پائڻ نڀاڳ جي نشاني سمجھنديون آهن، پر لوهاڻيون اڇي ململ جا رَئا ڍڪينديون آهن. عورتون رنگين ڪپڙي جون شلوارون ۽ ڇوڪرا پتلونون پائين. اڳي اڪثر عورتون گھر ۾ ائٽ تي ڪپهه ڪَتي ڪپڙو تيار ڪرائي، کٽين کان رڱائي، اُن جا پَڙا، اوڍڻ، ٻانڌڻيون ۽ ڪنجريون وغيره تيار ڪري پائينديون هيون، پر هاڻي اهو رواج به ختم ٿي ويو آهي ۽ اهي بازاري ڪپڙو استعمال ڪن ٿيون.
مسلمان ۽ هندو (خاص ڪري مينگهواڙ) ڪنواريون ڇوڪريون چولا ڀرت سان ڀري، مٿن ٽِڪون لڳائي، ٽنؤر -ٽاڪي- پائينديون آهن. عورتن جو عام لباس پڙو، ڪنجري، اوڍڻ، چُني ۽ لوئي آهي. لوئيءَ کي کٿي به چون، جا اڇي رنگ جي ٿيندي آهي. غريب عورتون ڪي اڇي اوني لوئي ۽ ڪي ڳاڙهي رڱي مٿي تي ڪن، جو سياري جو گرم آهي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ ڪري ٿي. رڍن جي اُن گھر ۾ ائٽ تي ڪَتي ڪپڙو ٺهرائي لوئي تيار ڪرائين. ڪپڙو مينگھواڙ تيار ڪن، -جن- کي ”وَڻَڪَر“ چون، جي سڄي -ٿر- ۾ -جتي- ڪٿي آهن. شهري عورتون ننڍو گھاگھرو پنجن کان اٺن والن اندر ڪن، مگر ٻهراڙيءَ جون عورتون -پَڙو- بلڪل وڏو ڪن، جو گھڻو وقت جٽاءُ ڪري ٿو. گهاگهري جي هيٺئين ڪناري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ٿلهي سائي ڪپڙي جي -انچ- ڏيڍ -پٽي- چاڙهي هيٺان اوٽي ڏيئي قابو ڪن. ڪي وڌيڪ زينت لاءِ سنهي پيلي ڪپڙي جي اوٽ به ڏين ته ڪي وري -بازار- مان ماکي جو -پٽو- گهرائي، هڻنديون آهن ته ڪي وري شهر مان کٽين کان ڪڙ ڪرائينديون آهن. زنانين جُتين جون کُڙيون ويٺل ٿين ٿيون. اڳي عورتون (مسلمان توڙي هندو) سنڌي جتيون جنهن جي ڦڻي تي ڦوندو هوندو هو، اهي پائينديون هيون. هاڻي نيون ۽ فيشني جتيون پائين. -ٿر- جا واقف ماڻهو هندن جي پوشاڪ مان برهمڻ، مهيشوري، ٺَڪُر، سوٽهڙ، مينگھواڙ، ڀيل، ڪولهي وغيره سڃاڻي به وٺندا آهن. مسلمان شادي شده عورتون -ٺونٺ- کان مٿي سفيد چوڙو ۽ هيٺ شهري چوڙيون پائين ۽ ڪنواريون ڇوڪريون صرف چوڙيون پائين. هندو شادي شده عورتون مختلف ويس ڪن. لوهاڻا، مهيشوري، سوٽهڙ، سونارا، کٽي ذات جون پرڻيل عورتون شيشي جون چوڙيون پائين. ڪنوارين ۽ شادي شده ڇوڪرين جي سڃاڻپ صرف ڪپڙن ۽ زيورن سان ڪئي ويندي آهي. شادي شده گهاگهرا پائين ۽ ڪنواريون شلوار قميص پائين. ٻهراڙين ۾ رهندڙ ٺڪرن، سوٽهڙن، ميگهواڙن ۽ ڀيلن ۾ اڃا چوڙي پائڻ جو رواج هلندو اچي. مسلمان شادي شده عورتون زيورن ۾ نڪ جو ڪوڪو، واليون پائين. جڏهن ته هندن

۾ مختلف ذاتيون پنهنجي پهچ -آهر- زيور استعمال ڪن. -ٺڪر- شادي شده عورتون -الي- ٻوريو، ٽڪڙو، جهومر، ايرينگ، نٿ، بُولي پائين ۽ پيرن ۾ ڪڙيون، ساٽيون ۽ ڇير پائين. پيرن جي آڱرين ۾ چانديءَ مان ٺهيل وِڇيا پائينديون آهن.
ٻهراڙين ۾ رهندڙ ذاتيون نائي، سوٽهڙ ۽ مهراج به ساڳيو ويس ڪن، صرف مٿي تي -الي- ۽ ٽڪڙو ۽ نڪ ۾ -بولي- گهٽ پائين. پر شهر ۾ رهندڙ لوهاڻا، مهراج، مهيشوري، سونارا، کٽي ڇوڪريون پيرن ۾ ڇير، نڪ ۾ ڪوڪو ۽ ڪنن ۾ واليون پائين.
هن ضلعي ۾ 82 کان وڌيڪ مختلف غير سرڪاري، سماجي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، -جن- ۾ ماروئڙا نيٽ ورڪ، ٿرديپ، -ٻانهن- ٻيلي، پي. وي. ڊي. پي، اسڪوپ، ٽي. ايس. او وغيره جو ڪم نمايان ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
ٿر جي موجوده عالمن، اديبن، شاعرن ۽ صحافين ۾: عبدالقادر جوڻيجو، عبدالواحد آريسر، پروفيسر ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو، ولي رام ولڀ، شيام داس جوشي، نور احمد جنجهي، حليم باغي، -جمن- دربدر، سائينداد ساند، پريم شواڻي، کاٽائو جاني، ڀارو مل امراڻي، -بلاول- اوٺو، دليپ ڪوٺاري، نندلال لوهاڻو، ممتاز نهڙيو، فقير منور ساگر، -اعجاز- بجير، گلزار اوٺو، ساجد بجير، لياقت نهڙيو، فقير سليم ۽ پيارو شواڻي وغيره مشهور آهن.
ٿر جي موجوده مشهور سياستدانن ۾ سنڌ جو اڳوڻو وزير اعليٰ -ارباب- غلام رحيم، راڻا همير سنگهه، مهيش ملاڻي، -ارباب- ذڪاءُ الله، کٽو مل جيوڻ، انجنيئر گيانچند، ولي محمد راهمون، فقير شير محمد بلالاڻي، رامسنگهه سوڍو، عنايت راهمون، گل محمد لاٽ مشهور آهن. جڏهن ته هاڻوڪي جمهوري حڪومت ۾ چونڊيل ايم اين ايز ۾ -پاڪستان مسلم ليگ- (ق) جو -ارباب- ذڪاءُ الله، ٿرپارڪر- I (مٺي- ڏيپلو تڪ) مان ۽ -پاڪستان مسلم ليگ- (ق) جو غلام حيدر سميجو، ٿرپارڪر-II (ڇاڇرو- ننگرپارڪر تڪ) مان ايم اين اي چونڊيا آهن، جڏهن ته اقليتن جي مخصوص سيٽ تي پ. پ. پ جو ضلعي اڳواڻ مهيش ملاڻي ايم اين اي پڻ چونڊيو آهي.
صوبائي سيٽن تي PS-60 ڏيپلي واري -تڪ- مان -پاڪستان مسلم ليگ- (ق) سنڌ جو رهنما ۽ سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ڊاڪٽر -ارباب- غلام رحيم، PS-61 مٺيءَ واري -تڪ- مان مسلم ليگ (ق) جو -ارباب- ذوالفقار علي، PS-62 ننگرپارڪر واري -تڪ- مان مسلم ليگ (ق) جو مرحوم -ارباب حاجي عبدالله- چونڊيو هو، پر -ان- جي وفات کان پوءِ پ پ پ جو شرجيل -انعام- ميمڻ کي ايم پي اي چونڊيو ويو آهي، جڏهن ته PS-63 ڇاڇري واري -تڪ- مان -پاڪستان مسلم ليگ- (ق) جو عبدالرزاق راهمون، ايم پي اي چونڊيا آهن. -ان- کان سواءِ -ٿر- مان صوبائي اقليتي سيٽ -تان- -ٿر- جو ناميارو سياستدان رامسنگهه سوڍو پڻ ايم پي اي چونڊيو آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ٿر- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٿر - مان نڪتل ٻيون شاخون-


علائقو - موضوع جون ٻيون داخلائون-
اڏوهيءَ جي ڇن
برموڊا ٽِڪنڊو
تلڪ چاڙهي
ڀاڳناڙي
ڀِٽارو2
توران
تعلقو
ڀيم پور
ٽنڊو حافظ شاهه
ٽنڊو حيدر
ٽنڊو طيب
ٽه هٽي تين هٽي
تبريز
ٿر
ٿل 2
پٽ باران


.....علائقو موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن