داخلا نمبر 6576
عنوان ٿرڙي سنجر ڀٽي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 119 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ٿرڙي سنجر ڀٽي

ٿرڙي سنجر ڀٽي: هي دڙو ضلعي شهدادڪوٽ جي ڳوٺ سنجر ڀٽيءَ ڀرسان آهي، جنهن جو ذڪر شيخ جاويد علي ”نئين زندگي“ 2003ع ۾ ڪيو آهي. جنهن ۾ سنجر ڀٽيءَ جو ڳوٺ سنجر خان ڀٽيءَ ٻڌايو هو. سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي عملدار رچرڊ ايف برٽن پنهنجي عملداري جي وقت (سن 1843ع کان 1850ع) ۾ هن ڳوٺ وٽان لنگهيو هو. ان ڪري سندس تيار ڪيل نقشي ۾ هن جو ذڪر ڪيل آهي. هن ڳوٺ جي ڀرسان هڪ دڙو آهي، هتان جا مقامي ماڻهو ان کي ”ٿرڙي“ جي نالي سان ياد ڪن ٿا. سنجر ڀٽي ڳوٺ کان اوڀر طرف دڙو ٽن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. ان جي ڀرسان علي مراد ڀٽي ۽ غلام نبي ڀرڳڙيءَ جا ڳوٺ آهن. ٿرڙي سنجر دڙي جي اوچائي 7 ميٽر ٿيندي، جڏهن ته هي دڙو 100 کان 150 ميٽرن تائين پکڙيل آهي. هتان ٺڪر جا چدا، ڪوڏ، چوڙين جا ٽڪر، ڦڪي رنگ جا ٿانو، لوهه جا ذرا ۽ سڪا پڻ مليا آهن. ٺڪر سنڌو تهذيب واري ٺڪر سان ڀيٽڻ جهڙو آهي. ماڳ جي کوٽائي ٿيل ڪو نه آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو