داخلا نمبر 6650
عنوان ٿهيم عبدالسلام
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 349 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو
 عبدالسلام ٿهيم

عبدالسلام ٿهيم

ٿهيم عبدالسلام

ٿهيم، عبدالسلام: نامياري سياستدان عبدالسلام ولد حاجي گل محمد ٿهيم، پهرين جنوري 1950ع تي ڳوٺ طيب ٿهيم (شهدادپور) ۾ جنم ورتو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪيائين، 1968ع کان هن سياست ۾ پير پاتو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان سندس پراڻو ناتو رهيو. شروعات ۾ پ. پ جو تعلقي صدر ۽ پوءِ ضلعي سانگهڙ جو صدر بڻيو، جڏهن ته پ. پ- سنڌ جو رابطه سيڪريٽري به رهيو. عبدالسلام ٿهيم 1988ع ۾ پهرين چونڊ وڙهي ۽ ڪامياب ٿيو، جنهن بعد ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن جو وزير مقرر ٿيو؛ 1990ع واري چونڊ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو؛ 1993ع واري اليڪشن ۾ سوڀارو ٿيو، جنهن بعد کيس سنڌ جي تعليم جو وزير مقرر ڪيو ويو؛ 1996ع ۾ جهنگلي جيوَت کاتي جو وزير ٿيو؛ 1997ع واري چونڊ ۾ سرسي حاصل نه ٿيس، جڏهن ته 2008ع واري چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ کيس سنڌ جي ”ٽيڪنيڪل ايجيوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽيءَ“ جي وزارت جو قلمدان مليو. هو 22 اپريل 2012ع تي وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.01.01  عيسوي

عبدالسلام ٿهيم پهرين جنوري 1950ع تي ڳوٺ طيب ٿهيم شهدادپور ۾ جنم ورتو


2012.04.22  عيسوي

عبدالسلام ٿهيم 22 اپريل 2012ع تي وفات ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون