ٿهيم عبدالرزاق جسٽس

ٿهيم، عبدالرزاق، جسٽس (ر ):گهڻ رخي شخصيت جي مالڪ جسٽس (رٽائرڊ) عبدالرزاق ٿهيم، 8 آڪٽوبر 1927ع تي جيڪب آباد ضلعي جي ڳوٺ شيرانپور ۾ جنم ورتو. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 1955ع ۾ بي. اي ڪيائين ۽ اتان ئي هن ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت شروع ڪئي. 1961ع کان 1970ع تائين هو يونين ڪائونسل محمدپور جو چيئرمئن ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جيڪب آباد جو ميمبر رهيو. هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ئي 1967ع ڌاري ايم. اي (سنڌي) پهرين پوزيشن سان پاس ڪئي. هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت دوران هو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن، جيڪب آباد جو 1962ع کان 1968ع تائين سيڪريٽري رهيو ۽ پوءِ 1973ع تائين ان جو صدر منتخب ٿيو. 1974ع کان 1978ع تائين هو سنڌ ۽ بلوچستان بار ڪائونسل جو وائيس چيئرمئن رهيو، سنڌ بار ڪائونسل جو 1979 کان چونڊيل ميمبر رهيو. 1982ع ۾ کيس سپريم ڪورٽ ۾ وڪيل طور نامزدگي حاصل ٿي ۽ 1981ع کان 1983ع تائين مجلس شوريٰ (فيڊرل ڪائونسل) جو ميمبر ۽ پوءِ ڊپٽي چيئرمئن رهيو. جولاءِ 1983ع ۾ هو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو، جتان آڪٽوبر 1989ع ۾ رٽائر ڪيائين.
جسٽس عبدالرزاق رٽائرمينٽ کان يڪدم پوءِ وفاقي شرعي عدالت جو جج مقرر ڪيو ويو، اها ذميواري 28 آڪٽوبر 1991ع تائين نڀايائين. هو ڊسمبر 1991ع کان آڪٽوبر 1992ع تائين وفاقي محتسب جو صلاحڪار به رهيو. سندس خدمتن ۽ صلاحيتن سبب کيس آڪٽوبر 1992ع کان جولاءِ 1997ع تائين فيڊريل سروسز ٽربيونل جو چيئرمئن مقرر ڪري کيس مملڪتي وزير جي حيثيت ڏني وئي. جسٽس عبدالرزاق ٿهيم 1987ع کان 1989ع واري عرصي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، فيڊرل رويوُ بورڊ ۽ پراونشل رويو بورڊ جو ميمبر رهيو، ان کان سواءِ ’ٽوڙهي ڦاٽڪ‘ واقعي ۽ سکر جيل ٽوڙ سازش جي ٽربيونل جي چيئرمئن طور ذميواري به احسن طريقي سان نڀائي. ان کانسواءِ هو ڪيترن ئي تعليمي ادارن ۽ سماجي تنظيمن ۾ به مختلف حيثيتن سان سرگرم رهيو. هن اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ جي ڪيترن ئي اجلاسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي پڻ ڪئي، جڏهن ته مختلف ملڪن جا دؤرا پڻ ڪيائين ۽ اهم موضوعن تي سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪيائين.
جسٽس ٿهيم کي ڪيترائي اوارڊ ۽ اعزاز به مليا، جن ۾ صدر پاڪستان طرفان ’علامه اقبال سينچري گولڊ ميڊل‘، خدمتن جي اعتراف طور ’گورنرس ڪلاس I، سَنَد‘، رياست قطر جي امير طرفان ’ميڊل‘ ۽ سنڌ مدرسي طرفان ’سينچري گولڊ ميڊل‘ قابل ذڪر آهن. هو ’سنڌ مدرسه بورڊ‘ جو تاحيات ميمبر به رهيو.
عدل انصاف ۽ سماجي خدمتن کان سواءِ هن سياست ۾ به دلچسپي رکي. 2003ع کان 2006ع تائين سينيٽ جو ميمبر (سينيٽر) به منتخب ٿيو ۽ سيپٽمبر 2004ع کان مارچ 2007ع تائين بلديات ۽ ڳوٺاڻي ترقياتي کاتي جو وفاقي وزير مقرر ٿيو. هڪ دفعو ٻيهر فنڪشنل ليگ جي پليٽ فارم تان 2006ع کان 2012ع تائين سينيٽر منتخب ٿيو ۽ کيس ساڳي وزارت جو قلمدان ڏنو ويو. جڏهن مڪاني حڪومتن وارو نظام ٽوڙي، ان ۾ ترميمن ذريعي سڌارا آڻي ٻيهر اليڪشن تائين ضلعي ۽ تعلقي سطح تي ائڊمنسٽريٽر مقرر ڪيا ويا. ان ڏس ۾ جسٽس (ر) عبدالرزاق ٿهيم کي پيشوراڻا صلاحيتن سبب بلديات جي وزارت تي برقرار رکيو ويو.
جسٽس (ر) عبدالرزاق ٿهيم علم، ادب ۽ تحقيق سان به دلچسپي رکندو هو. هن سنڌ ۾ عربن جي آمد ۽ ٿهيم ذات بابت تحقيقي ڪتاب به لکيا. سندس تصنيفون هن ريت آهن:
1) History of Arab Tribe “THAHIM”،
2) Arabs in Sindh
3) Memoirs
4) مون ساريندي سڏڙا
5) Judiciary and Judges.
هو 1 سيپٽمبر 2010ع تي وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.10.08  عيسوي

جسٽس عبدالرزاق ٿهيم 8 آڪٽوبر 1927ع تي جيڪب آباد ضلعي جي ڳوٺ شيرانپور ۾ جنم ورتو


2010.09.01  عيسوي

جسٽس عبدالرزاق ٿهيم 1 سيپٽمبر 2010ع تي وفات ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بقراط
سيد مظفر علي شاهه مظفر
حفيظ شيخ
صمه حاڪم سنڌ
مرزا محمد عيسي بيگ ترخان
شيخ عبدالرحيم سنڌي
ڄام مدد علي (سياستدان)
پاپائيت
آسر داس صوفي
جعفري غلام حسين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون